ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: بي قدر آکيرو ۽ سچو پکي

هڪ گهاٽي وڻ جي ٽاري تي هڪ پراڻو، پر مضبوط آکيرو هو. ان آکيري ۾ هڪ اهڙو پکي رهندو هو جنهن کي رڳو پنهنجي بک جو فڪر هوندو هو. هو صبح جو اٿندو هو، آکيري جي ميڙي چونڊي مان سڀ داڻا کائي اڏامي ويندو هو. جڏهن ڏڪار پيو ۽ آکيري ۾ داڻا نه رهيا ته ان پکيءَ پنهنجو رخ موڙي ورتو ۽ ڪنهن ٻئي گهر جو راهي ٿيو. آکيرو اداس هو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻيو مخلص پکي اهو آکيرو اچي وسايو. اهو نئون پکي تمام عجيب هو؛ هو پاڻ ٻاهر محنت ڪندو هو، پيٽ ڀريندو هو ۽ پنهنجي چهنب ۾ داڻا کڻي آکيري جي رونق بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن آکيري جي ٽٽل ڪاٺين کي سنوارڻ شروع ڪيو، پر آکيري جي ديوارن ۾ اڃان تائين پهرين پکي جو گهيرو هو. آکيرو ان مخلص پکيءَ جي قدر ڪرڻ بدران پهرين پکي جي ياد ۾ بي چين رهندو هو. جڏهن پهريون پکي ڪجهه وقت کانپوءِ رڳو تماشو ڏسڻ لاءِ واپس موٽيو ته آکيرو خوشيءَ ۾ جهومي اٿيو، پر اهو وساري ويٺو ته اهو ساڳيو پکي آهي جنهن کيس مصيبت ۾ اڪيلو ڇڏيو هو. بي قدريءَ جي انتها اها ٿي جو نئين پکي پاران آندل داڻا آکيري کي وزن محسوس ٿيڻ لڳا. آکيري پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ڇڏي ڏنو. نئون پکي حيران هو ته هن جي خدمت ۽ وفائيءَ جو هي صلو؟ نيٺ، مسلسل بي قدريءَ ۽ پکين جي پاڻ ۾ جهيڙن آکيري کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو جو اهو پاڙ کان پٽجي ختم ٿي ويو. آکيري جو نانءُ نشان ئي نه رهيو.

مطلب ته هي سبق آهي ته جيڪي ماڻهو يا شيون توهان جو تڪليف ۾ ساٿ ڇڏي وڃن، انهن جي پٺيان لڳي مخلص ماڻهن جي بي قدري ڪرڻ سان رڳو پنهنجو ئي نقصان ٿيندو آهي.

***