سماجي مايوسي، عدم اطمينان، احساس ڪمتري ۽ معاشرن ۾ گهٽتائي ۽ بيعزتي جو خيال ان ڳالھه کي ظاهر ٿو ڪري ته ماڻهو ڪا نه ڪا ڳالھه دل ۾ رکي پاڻ کي ٻين کان ڪمتر ٿو سمجهي يا ڪجھه سوايو برتر ٿو سمجهي ۽ بخوبي سمجهي ٿو ته جيستائين معاشرتي برابري ناهي، جيستائين عزت نفس جي برتري ناهي، جيستائين پئسو ناهي تيستائين زندگي به ناهي، ان ڪري جو پئسو سڀ ڪجھه آهي ۽ پئسي سان سڀ ڪجھه خريد ڪري سگهجي ٿو ايستائين جو پئسي سان حج عمرا ۽ بهترين روزا نمازون، مسجدون ۽ عبادتگاهون به اڏائي سگهجن ٿيون، ان ڪري اهو احساس هاڻي اسان جهڙن معاشرن ۾ صنعتڪاري جي تيزي ۽ ڪپيٽلزم جي رجحانن سبب وڌندو ٿو وڃي، جتي رڳو ڪنزيوم (پئسو خرچ) ڪرڻ ئي زندگي جي هجڻ يا سُکي هجڻ جي علامت آهي نه ته ٻي صورت ۾ رڳو ڪِين جو خيال آهي ته اسان وٽ ڪجھه به ناهي ۽ فلاڻي خان وٽ سڀ ڪجھه آهي. ان ڪري ماڻهو هر ممڪن ڪوشش ٿو ڪري ته هو هر ڳالھه ۾ اڳتي ۽ اڳڀرو هجي ان ڪري ته “مڊ لائف ڪرائيسس” پنهنجي جاءِ تي، پر ماڻهو ته معاشري ۾ بيماري جي حالت ۾ ڀلي اسپتال ڏي وڃڻ پسند ڪندا آهن، جنهن ۾ انهن جي رتبي جي خبر پوي ته هو ڪهڙي ڪلاس ۽ طبقي سان واسطو رکن ٿا ان ڪري ٻيون ڪمتريون ۽ احساس پنهنجي جاءِ تي جنهن جي لاءِ ماڻهو ڪرپشن به ڪن ٿا ان ڪري ته گاڏي، گهر ۽ عياشي هر ماڻهو جو خواب هجي ٿو هو سمجهي ٿو ته جيڪو ملي ٿو اها روزي آهي ۽ جيڪا ٽري وئي سا بلا آهي. جيڪڏهن هر ماڻهو کان سندس گهرواري اخلاقي طور تي اهو سوال ڪري ته مهيني جي پگهار کان اڳ ۾ اهي پئسا ڪٿان ٿا اچن ۽ اهي ڪٿان ڪمائي گهر کڻي ٿا اچجن ته هوند ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ سچ ڳالهائڻ جي ڊپ کان ايمانداري جو ڏيکاءُ ڪري ۽ ڪرپشن جي مصيبت ڪنهن حد تائين گهٽجي وڃي ۽ ماڻهو ٿورو مثبت سوچڻ شروع ڪن.