خاص

اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن توهين ڪيس ۾ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي جنهن ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان وڪيل فيصل چوڌري ۽ اسد عمر طرفان معاون وڪيل پيش ٿيا. اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي غير حاضر رهڻ جي صورت ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 جون  تائين ملتوي ڪري ڇڏي.