برطانيه ۾ مريضن جون رپورٽون هاڻ چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندو
برطانوي صحت واري اداري نيشنل هيلٿ سروس (اين ايڇ ايس) جي دل جي مرضن جا ماهر مريضن جون رپورٽون تيار ڪرڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي پروگرام جو استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. ڊيلي ميل مطابق اين ايڇ ايس جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چيٽ جي پي ٽي جي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻيندي اسان وڌ ۾ وڌ مريضن تي توجهه ڏئي سگهون ٿا. شيفيلڊ ٽيچنگ هاسپيٽلز اين ايڇ ايس فائونڊيشن ٽرسٽ جي ڪارڊيئڪ ريڊيولوجسٽ ڊاڪٽر سميرالابيد جو چوڻ هو ته AI پروگرام کي هارٽ اسڪين تي نوٽس وٺڻ ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ جي تربيت ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته چيٽ جي پي ٽي کي اڳواٽ ئي ڪجهه آپريشنز جي انجام ڏيڻ لاءِ شاگرد ۽ عملو استعمال ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر سمير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريڊيولوجسٽ کي انهن اسڪينز جو تجزيو ڪرڻ ۽ پوءِ رپورٽ لکڻ ۾ 45 منٽ لڳن ٿا. اسانجو اندازو آهي ته اين ايڇ ايس ڊاڪٽر هر سال هارٽ اسڪين جون رپورٽون تيار ڪرڻ ۾ 115000 ڪلاڪ صرف ڪن ٿا، جيڪڏهن اسان اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي وڃون ٿا ته اسان ناقابل يقين حد تائين وقت بچائي سگهون ٿا، جيڪو وڌيڪ مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.