داستانِ گل (داستان ٻارهون)
”منهنجي ادبي ۽ سياسي شعور جي ابتدا“ مان اقتباس
2005ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پُراڻن شاگردن کي شيلڊ ڏنا ويا ته انهن ۾ مُنهنجو به نالو شامل هو ۽ اتي مون کان اڳ جا پراڻا سينئر بهترين شاگرد، سائنسدان اٽامڪ انرجي سينٽر، ٽنڊوڄام مرحوم ڊاڪٽر خوشنود احمد صديقي ۽ سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي مظهرالحق صديقي به آيل هئا. ان فنڪشن جي صدارت محمد ابراهيم جويي صاحب پئي ڪئي. جڏهن مون کي تقرير لاءِ اسٽيج تي گُهرايائون ته مون پهريائين اسڪول جي باني مرحوم نور محمد لاکير جي مسلمانن لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي ۽ حيدرآباد جي عاملن جي غريب مسلمانن لاءِ تعليمي داخلائن جي انڪار ۽ سهولتن جي تنگيءَ جي ڳالهه ڪئي، جيڪا شايد فرقي پرستيءَ جي زمري پئي آئي. هندن جي طرفان به ته هاڻوڪن لبرل مُسلمانن ۽ سيڪيولر ذهن دانشورن لاءِ به اها ڳالهه ڳري هئي. پوءِ مون اِهو واقعو دُهرايو ته ڪيئن منهنجي سياسي تربيت جو آغاز پمفليٽ ورهائڻ سان ٿيو هو. تقرير ختم ڪيم ته ڏسان ته مار! پهرين قطار ۾ سائين محمد حسن بوزدار ويٺل هو!