ملڪ جي موسمياتي ايمرجنسي هڪ خوفناڪ فلم وانگر پئي ٿي هلي جتي هر منظر پهرين کان وڌيڪ خوفناڪ ٿيندو ٿو وڃي، ڇو ته اسان آبهوا جي هڪ آفت مان نڪري وري ٻئي ڪنهن اڻ ڏٺل مصيبت ڏانهن مسلسل وڌي رهيا آهيون، جن آفتن ۾ رڳو معاشي ۽ سماجي حساب ڪتاب سان پوئتي موٽڻ ئي هوندو آهي، جنهن جا اثر سڌا سنوان اسان جي معاشيات تي پون ٿا، جنهن سان بيروزگاري، بدحالي، بيماري، معاشرتي براين ۽ تعليم جي شرح ۾ پڻ لاڳيتي گهٽتائي اچي رهي آهي. ان ڪري ته انهن آفتن جي اچڻ سان گهڻي ۾ گهڻو نقصان انهن زرعي ۽ صنعتي سيڪٽرن تي پئي ٿو، جن تي اسان جا عام ماڻهو گهڻو متاثر ٿين ٿا. ان ڪري ته اسان جهڙا ملڪ (ٽين دنيا جا ملڪ) هڪ مصيبت مان نڪري بس ٿا ڪن ته ٻي آفت مٿان اچي ٿا بيهن. جيئن بارشن مان نڪرن ٿا ته زلزلا، وري طوفانن مان نڪري بس ٿا ڪن ته ڪا نه ڪا پينڊيمڪ منهن ڪڍيو بيٺي هوندي آهي. گهڻين بارشن جي ڪري بيماريون ۽ گهٽ بارشن جي ڪري سوڪهڙو، ان ڪري حڪومت (پي ڊي ايم) رڳو ڪاغذن جي ڪارروائيءَ ۾ پوري لڳي پئي هوندي آهي. جيئن پوليس هيلپ لائين 15 رڳو انهن علائقن جي لاءِ مفيد آهي، جيڪي شهري علائقا هوندا آهن، باقي جيڪي ڳوٺاڻيون آباديون هجن ٿيون اهي ”سيليولر ڪمپنين“ جي آواز کي به سمجهي ناهن سگهنديون اهي ”سيليولر ڪمپنين“ وارا به هاڻي موسم وانگي ٿي پيا آهن، ان ڪري ته انهن وٽ مذهبن جي ايڊورٽائيز کان وٺي پينڊيمڪ جي بچاءُ جون جيڪي تجويزون هونديون آهن، اهي سڀ ڪاغذي هونديون آهن، فون جي حد تائين باقي پريڪٽيڪل ۽ گرائونڊ تي اهي زيرو هوندا آهن.