بلاگنئون

موسمياتي تبديليون ۽ ٽين دنيا جا ملڪ

ملڪ جي موسمياتي ايمرجنسي هڪ خوفناڪ فلم وانگر پئي ٿي هلي جتي هر منظر پهرين کان وڌيڪ خوفناڪ ٿيندو ٿو وڃي، ڇو ته اسان آبهوا جي هڪ آفت مان نڪري وري ٻئي ڪنهن اڻ ڏٺل مصيبت ڏانهن مسلسل وڌي رهيا آهيون، جن آفتن ۾ رڳو معاشي ۽ سماجي حساب ڪتاب سان پوئتي موٽڻ ئي هوندو آهي، جنهن جا اثر سڌا سنوان اسان جي معاشيات تي پون ٿا، جنهن سان بيروزگاري، بدحالي، بيماري، معاشرتي براين ۽ تعليم جي شرح ۾ پڻ لاڳيتي گهٽتائي اچي رهي آهي. ان ڪري ته انهن آفتن جي اچڻ سان گهڻي ۾ گهڻو نقصان انهن زرعي ۽ صنعتي سيڪٽرن تي پئي ٿو، جن تي اسان جا عام ماڻهو گهڻو متاثر ٿين ٿا. ان ڪري ته اسان جهڙا ملڪ (ٽين دنيا جا ملڪ) هڪ مصيبت مان نڪري بس ٿا ڪن ته ٻي آفت مٿان اچي ٿا بيهن. جيئن بارشن مان نڪرن ٿا ته زلزلا، وري طوفانن مان نڪري بس ٿا ڪن ته ڪا نه ڪا پينڊيمڪ منهن ڪڍيو بيٺي هوندي آهي. گهڻين بارشن جي ڪري بيماريون ۽ گهٽ بارشن جي ڪري سوڪهڙو، ان ڪري حڪومت (پي ڊي ايم) رڳو ڪاغذن جي ڪارروائيءَ ۾ پوري لڳي پئي هوندي آهي. جيئن پوليس هيلپ لائين 15 رڳو انهن علائقن جي لاءِ مفيد آهي، جيڪي شهري علائقا هوندا آهن، باقي جيڪي ڳوٺاڻيون آباديون هجن ٿيون اهي ”سيليولر ڪمپنين“ جي آواز کي به سمجهي ناهن سگهنديون اهي ”سيليولر ڪمپنين“ وارا به هاڻي موسم وانگي ٿي پيا آهن، ان ڪري ته انهن وٽ مذهبن جي ايڊورٽائيز کان وٺي پينڊيمڪ جي بچاءُ جون جيڪي تجويزون هونديون آهن، اهي سڀ ڪاغذي هونديون آهن، فون جي حد تائين باقي پريڪٽيڪل ۽ گرائونڊ تي اهي زيرو هوندا آهن.

گذريل ڪجھ سالن کان وٺي موسمياتي تبديلين جي بهاني قدرتي آفتن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو لاڳيتو هلندو ٿو رهي. مثال طور: مارچ ۽ اپريل ۾ گرمي جي لهر ٿي اچي، جون ۾ مٽيءَ جا طوفاني تيز واچوڙا ٿا ڪڙڪن، جون ۽ جولاءِ ۾ وري شهري ۽ ڳوٺاڻيون ٻوڏون ٿيون اچن، ڄڻ اهو سڀ ڪجھ هڪ قسط ۾ ڪافي ناهي هوندو، جيڪي تباهيون ۽ برباديون ٿين ٿيون انهن جو ازالو اچي مس بس ٿو ٿئي (يا نه به ٿئي ٿو) ته مٿان وري ٻي مصيبت اچي منهن ٿي ڪڍي. هاڻي وري هڪ نئين لهر اچي چڪي آهي: جيئن هندستان ۽ افغانستان جي طرفن کان ايندڙ ٻوڏون پنجاب ۽ ڪي پي کي متاثر ڪري رهيون آهن. گلگت، بلتستان ۽ بلوچستان جي جبلن جي قطارن مان طوفاني برساتون، لينڊ سلائيڊنگ ۽ طوفان سنڌ جي ميداني ۽ دريائي علائقن کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪري رهيا آهن، جن جي اچڻ سان بيٺل فصل تباھ ٿي ٿا وڃن، جانور ڪينالن جي ڪچي يا ڀُتي هجڻ جي ڪري لڙهي هليا ٿا وڃن، ڳوٺن جو ٻڏي وڃڻ، پاڻيءَ جي مناسب نيڪال نه هجڻ جي ڪري، انهن ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جي بناوتي ڍانچي جي ڪري جنهن ۾ ڳوٺ ۽ آباديون انهن ڪينالن جي سطح کان هيٺ هونديون آهن ۽ اتفاق سان اهو ڪينالن جو پاڻي 4 هزار ڪيوسڪ مان وڌي 12 ڪيوسڪ تائين پڄي ٿو ته اهو مٿيون 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڳوٺن، ڪچين آبادين ۽ ميداني علائقن جي ماڻهن جي لاءِ موت کڻي ٿو، ڇو جو اهو ڪينال اڻ برداشت جهڙو پاڻي ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين ۾ ورهائي ونڊي ٿو ڇڏي. جنهن ۾ بيٺل فصل، پکي پکڻ، گهريلو پالتو جانور ۽ عام ماڻهن جي جمع پونجي، انهن جون جايون جڳهيون لوڙهي کڻي ٿو وڃي ۽ ٻوڙي تباھ ڪري ٿو ڇڏي. ان ڪري انهن مسئلن جا مهلائتا حل ۽ پڄاڻيون ان ڳالھ ۾ آهن ته انهن ڪينالن جي سطح (پيٽ کي) اڃان به وڌيڪ گهرو ۽ هيٺ ڪيو وڃي ته جيئن اهي پاڻيءَ جي ڀِيڙ سهي سگهن، جيڪو موسمياتي پاڻي جو پريشر اچين اهو سهي سگهن. اها هڪ ٻي ڳالھ هوندي آهي ته دريائي پاڻي وهي اچڻ سان جر جي پاڻي جي سطح به وڌي ويندي آهي، جنهن جي ڪري مٿان ايندڙ برساتي پاڻي وري سُڪڻ ۾ دير ڪندو آهي، واپسي جي رستي يا نيڪال جي مناسب لنگھ نه هجڻ جي ڪري اهو بيٺل پاڻي وري زرعي زمينن جي لاءِ انتهائي نقصانده به هوندو آهي.

پر فڪر جي ڳالھ اها به آهي ته پاڪستان پنهنجي موسمياتي گورننس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪجھ عملي قدم به کڻي سگهي ٿو. جيئن هِيٽ ويوز: پاڪستان جي موسميات کاتي (پي ايم ڊي اي) موجب جون 2022 ۾ 36 ننڍن وڏن شهرن ۾ گرمي جي پد ۽ برسات جا نوان رڪارڊ جوڙيا، جنهن خراب حالتن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي نقدي رقمن جي فراهمي کي معطل ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ريلوي لائينون پاڻي هيٺ اچڻ جي خبرن جي ڪري ٽرينون روڪيون ويون ۽ گرمي يا ٻين سببن جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. پاڪستان ۾ گرمي جي لهر ميونسپل سروسز ۽ اسڪول ۽ اسپتالن جي سرگرمين کي متاثر ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري اهڙن ڪمن جي پيداوار ۾ پڻ گهٽتائي سامهون آئي ۽ اهي موسمياتي تبديليون زرعي شعبي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيون، جنهن جي ڪري جيڪب آباد کان وٺي تربت تائين سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي شهر پنهنجي بقا جي جنگ پئي وڙهيا، ان ڪري ڪيترائي شهر موسمياتي ڏمرن جي برداشت جي لائق نه رهيا، پر حيرت اها به آهي ته اڃان تائين ڪو ادارو هِيٽ وَيوَ سان لاڳاپيل ڊيٽا ڪٺي ناهي ڪري سگهيو. ان ڳالھ جي ڪا حتمي ريسرچ به ناهي آئي ته آخر اهي شيون رڳو پاڪستان ۾ ڇو ٿيون ٿين؟ ۽ نه ئي حڪومتون (وفاقي ۽ صوبائي) مقامي آبادين جي ڪا حفاظت ڪن ٿيون. مثال طور: صوبائي حڪومتون اهڙين هِيٽ وَيوز جي ڪري ڪم جي ڪلاڪن ۽ تعليمي ڪئلينڊرن تي ڪا نظرثاني به ڪنديون هجن. اونهاري ۾ مزدورن جي حقن کي نظر ۾ رکندي ڪو اهڙي ٽائيمنگ کي ريگيولر ڪرڻ جو اختيار، ڪا مرضي رکنديون هجن يا ڪري به سگهن، جيئن اسان وٽ رمضان المبارڪ ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ گرم موسم ۾ ڪم ڪرڻ جا ڪلاڪ مختلف هوندا آهن ۽ سرد موسمن ۾ ڪم جا ضابطا ٻيا هوندا آهن. اسپين جي هڪ ننڍڙي شهر ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ايڊريئن آرشٽ راڪفيلر فائونڊيشن رزيلينس سينٽر جي مدد سان گرمي جي درجي ۽ هوا ۾ گِهم جي سطح جي نگراني ڪندي گرمي جي لهرن کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ درجابندي سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن ۾ گرمي جي لهرن کي هڪ کان ٽن جي پيماني تي درجابندي ڪئي وئي آهي، انهن ان کي ريورس الفا بيٽيڪل آرڊر ۾ نالو ڏنو آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته گرمي جي پد جي ٽين ڪيٽيگري هيٽ ويوز سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي جن ۾ Zoe،Yago  ۽ Xenia گرميءَ جون لهرون وڌيڪ خطرناڪ ٿينديون آهن. ان جي اهڙي ڄاڻ جو مطلب صرف اهو هو ته جيئن انهن جي ٻڌايل هر مثال مان ڪجھ سکيا حاصل ڪري سگهجي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ اهي سڀ شيون لاڳو به ڪري سگهجن يا انهن غريب ماڻهن جي لاءِ گرمي جي اهڙي پد ۽ هِيٽ وَيوَ ۾ ۽ بارشن جي زيادتي ۾ ڪي بهتر اپاءَ وٺي سگهجن.

ٻيو وري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ موسمياتي آفتون هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن ٿيون، ٽيون ته آبهوا جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ويجهڙائيءَ ۾ رياست طرفان ازالو ناهي ڪيو ويو. ڪمزور حڪمراني سبب پاڪستان جا پاليسي ساز موسمياتي آفتن جي اچڻ کانپوءِ هڪ نماڻو ۽ مظلوميت وارو جواب ٺاهي رکندا آهن ته پاڪستان ئي واحد ملڪ آهي، جيڪو موسمياتي ڏمرن جو شڪار رهندو آيو آهي. پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن خاص ڪري چين، ڀارت ۽ افغانستان، جتي گرمي جي لهر ۽ ٻوڏن جا نوان رڪارڊ سامهون اچي رهيا آهن، اتي دنيا جا ٻيا ملڪ به شڪار بڻيل آهن: جيئن ڏکڻ يورپ ۾ گرمي جي تيز لهر، آمريڪا (ڪيليفورنيا) ۽ ڪئناڊا ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باھ، سائبيريا ۽ هارن آف آفريڪا ۾ رڪارڊ ٽوڙ خشڪي ۽ آسٽريليا جي ٻيلن ۾ خوفناڪ باهيون وغيره، اهي سڀ موسمياتي تبديليون هن ڏهاڪي ۾ انهن سڀني ملڪن ۾ نيون موسمياتي تبديليون آڻي رهيون آهن. ان تيزي سان بدلجندڙ موسمياتي اثرن فطري طور تي اسان کي ڪا وٿي ۽ وقت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا تنبيهه موسمياتي سائنسدانن پيرس واري 1991 واري معاهدي ۾ ڪئي يا چئي ڇڏيو هو ته دنيا اندر ماحولياتي گدلاڻ سبب موسمياتي تبديليون اينديون ۽ اها ڳالھ دبئي ۾ نومبر 2022 ۾ ٿيندڙ ملڪن جي موسمياتي ڪانفرنس ۽ ان کانپوءِ جي گڏجاڻين ۾ به گونجندي رهي، پر پاڪستان سميت جيڪي به ٽين دنيا جا ملڪ آهن، اهي پاڻ کي انهن خطرناڪ ۽ خوفناڪ موسمياتي تبديلين کان بچائڻ لاءِ ڪي اثرائتيون پاليسيون يا فيصلا مرتب نٿا ڏين يا رڳو اها ڳالھ ضرور ٿا ڪن ته انهن جي ٿيل نقصان جو اهي سڀ ملڪ ازالو ڪن جيڪي طاقتور آهن، جيڪي ”ڪاربان اميشن“ ۾ وڏي حصيداري رکن ٿا، ان ڪري ته ان ناڪرده گناھ ۾ پاڪستان سميت ڪنهن به ٽين دنيا جي ماڻهن جو قصور ناهي، پر حقيقي ڪينواس تي وڌندڙ گرمي جي پد، ڪاربان جي اخراج، سامونڊي پاڻي ۾ دريائي پاڻي جو نامناسب ڇوڙ، برفاني ڇُپن جي ڳرڻ جي نسبت ۽ جهنگن جي ڪٽجڻ، وڻن جي نه هجڻ جو ڪارڻ يا پاڻيءَ جي ايڪو سائيڪلنگ جي نامناسب وٿي سان هلندڙ ڦيري جي روڪ جا سبب ۽ ان جي مناسبت ۾ گهٽ وڌائي جا سبب ڳولهڻ به انهن ترقي يافتا ملڪي جي فرضن ۾ شامل آهي ته اهي ترقي پذير ملڪن جي عام ماڻهن جي دوا درمل جي پوئيواري، تعليم جي ريشي ۾ گهٽتائي جا بنيادي ڪارڻ ۽ ان سان گڏ بنيادي سهولتن جي فقدان جي لاءِ مسلسل ڪوشان هجن.