سکن جو سنسار
فاريه جو مزاج هوبهو پنهنجي والد عبدالخالق جهڙو هو؛ خاموش طبع، همدرد، مثبت سوچن واري ۽ پرخلوص، ڊگهي قدرآور ذهين، جڏهن ته رنگ ڪجهه سانورو هئس، پر ڪڏهن به پنهنجي رنگ جو احساس ڪونه رکيائين. پڙهائي ۾ هوشيار هئڻ ڪري پڻس کيس گهڻو ڀانئيندو هو. پيءُ جي ڏنل پيار ۽ اعتماد سندس طبيعت کي سلجهيل ٺاهيو. عماره سندس ننڍي ڀيڻ هن جي بلڪل ابتڙ هئي؛ شوخ، چنچل، ضدي ۽ خودسر هئڻ سان گڏ گهڻي خوبصورت پڻ هئي. آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن سان هن جو پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ بحث مباحثو هوندو هو، هيڪاري ماءُ جي پٺڀرائي ۽ واکاڻ عماره جو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو هو.
بلقيس باجي اسان جي پاڙي ۾ رهندي هئي، کيس انهن ٻن نياڻين فاريه ۽ عماره کانسواءِ هڪ پٽ عامر پڻ هو. بلقيس جو گهر وارو عبدالخالق واپڊا کاتي ۾ ملازم هو ٻئي گڏ پڙهيا ۽ وڏا ٿيا. هڪ ئي خاندان جا هئڻ ڪري کين هڪٻئي جي پوري خبر هئي. مائٽن جي رضامنديءَ سان ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي، پر اها حقيقت آهي ته ٻئي شاديءَ کان اڳ هڪٻئي کي پسند ڪندا پئي آيا، ٻنهي جي مثالي محبت هئي. بلقيس شڪل ۾ حور پري هئي ۽ مزاج ۾ مغرور. کيس پنهنجي شڪل صورت تي ناز هو. عبدالخالق هن کي گھڻو ڀانئيندو هو. هوءَ سندس پهريون ۽ آخري پيار هئي، سندس سڀ ارڏايون نظر انداز ڪندو هو. وقت گذرڻ ۽ اولادي ٿيڻ سان بلقيس ۾ پڻ ڪجهه فرق آيو، مٿان خالق جي سهپ واري سڀاءَ به کيس ڪجهه عقل ڏنو. هونئن به شاديءَ کانپوءِ اڪثر زالن جي مزاج تي مردن جي طبيعت جو اثر ٿيندو آهي ته مرد پڻ پنهنجي عورتن کان متاثر ٿيندا آهن. پندرهن سال گڏ رهڻ سان بلقيس جي مغروري ۽ وڏائيءَ ۾ ڪجهه ڪمي آئي. نياڻين جي پيدا ٿيڻ ۽ اهي وڏيون ٿيڻ سان به سندس سوچن ۾ تبديلي آئي. هوءَ اوڙي پاڙي ۾، مٽن مائٽن ۾ به اٿڻ ويهڻ ۽ رکڻ رهائڻ لڳي هئي، ساهرن سان پڻ پير ڀرڻ جو ڪجهه خيال ٿيندو هئس. وقت گذرندو رهيو ٻار جوان ٿيڻ لڳا، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو، اڃان فاريه ايڪيهن سالن جي ئي ڪانه ٿي هئي ته گرڊ اسٽيشن کي باهه لڳڻ جي واقعي، جنهن ۾ ٻن ملازمن کي ڪرنٽ لڳو ۽ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، انهن ۾ لائين سپرنٽينڊنٽ عبدالخالق به شامل هو. هو مرمت جي ڪمن جو وڏو ڄاڻو هو، باهه کي وسائڻ، بجليءَ کي ’ري اسٽور‘ ڪرائڻ جهڙن ڪمن کي سدائين منهن ڏيندو هو، پر اتفاق اهڙو ٿيو جو جيئن ئي وڏي محنت سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ 12 ڪلاڪن بعد بريڪر کوليائين ته وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ ويجهو موجود تارن ۾ ڪرنٽ پکڙجي ويو، ’ڪي وي 132‘ واري گرڊ جي تارن جي ڪرنٽ ۾ وچڙيل عبدالخالق ته ٿڏي تي ئي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو ۽ پنهنجي پياري بلقيس کي بيواهه ڪري، فاريه کي يتيم ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي ذميوارين جو بار ڏئي ويو.
فاريه انهيءَ وقت بي ايس سي مڪمل ڪئي هئي سو مختلف ڪمپنين ۾ درخواستون ڏنائين. ڇوڪري پوزيشن هولڊر ۽ محنتي هئي، کيس جلد ئي نوڪري ملي وئي. هن هڪ ڏينهن به ڪونه وڃايو، وڃي نوڪريءَ تي چڙهي. پڻس جي پراويڊنٽ فنڊ جا پئسا مليا جي بئنڪ ۾ رکائي ڇڏيائون، پينشن شروع ٿي ويئي ته گڏ فاريه جي پگهار به اچڻ لڳي. خرچن جو ته مهانگائي جي وقت ۾ ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هو. هڪ فليٽ قسطن ۾ بڪ ڪرايو هئائون، اهو تيار ٿي ويو هو، ڇهن مهينن کانپوءِ واپڊا جو گهر خالي ڪري ان فليٽ ۾ وڃي رهيا.
فاريه پنهنجي ڪم ۾ گهڻي محنت ڪرڻ لڳي. هتي هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سندس والد کي سڃاڻندو هو، جنهن پڻ کيس ڪافي مدد ڪئي ۽ آفيس ۾ کيس سڀ عزت ڏيڻ لڳا. ننڍي عمر ۾ ذميوارين ۾ جڪڙجي وئي، جيڪا جوانيءَ جي عمر سهڻن خوابن جي ساڀيان ٿيڻ جي هئي، اها عمر فاريه گهر جي خرچ جِي پورت ڪرڻ ڪاڻ ٻه ۽ ٻه چار ڪندي گذاري رهي هئي، پر هوءَ ذرو به مايوس نه ٿي ۽ همت نه هاري. کيس يقين هو ته پاڻ جيڪي جيئندان جا گس گهڙي رهي آهي، اهي ضرور سجايا ٿيندا، نٽهڻ اس ۾ سکن جي سنسار لاءِ واري جيڪا آس من ۾ وسائي اٿس ان جي لاءِ عملي طور تن ۽ من جو تياڳ ڪندي مسرتون ۽ رعنائيون ضرور در کڙڪائينديون، خوشحاليون ڪر کڻنديون. ائين دل جي اطمينان سان هوءَ مايوسين ۽ محرومين مان نڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ ۽ وڌيڪ محنت سان اڳتي به اعليٰ تعليم جاري رکندي آئي ۽ گڏوگڏ عامر ۽ عماره جي پڙهائيءَ لاءِ به ڪوششون ڪرڻ لڳي. پنهنجو من ماري انهن جون خواهشون پوريون ڪندي هئي. هن جون نه ڪي ساهيڙيون هيون ۽ نه ئي آفيس جي ڪم کانسواءِ ڪا فون بيل ئي وڄندي هئس.
فاريه کي ڪجهه ڏينهن کان عماره جي اٿيءَ ويٺيءَ ۾ فرق پئي محسوس ٿيو؛ نوان ڪپڙا سبرائڻ، گهڻو ميڪ اپ ڪرڻ، موبائل فون جو استعمال وڌيڪ ڪرڻ. هوءَ شڪبي وئي ته ڪٿي عماره ڪنهن غلط رستي تي ته ڪونه مُڙي رهي آهي. شام جو چانهه جو مگ کڻي اچي لائونج ۾ ويٺي. عامر فُوٽ بال ميچ کيڏڻ ويو هو ۽ عماره به گهر ۾ موجود نه هئي. صحيح وقت سمجهي هن پنهنجو انديشو ماءُ سان ونڊيو. ماڻس کيس سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي:
”عماره جو هڪ ڪلاس فيلو عمران کيس گهڻو پسند ڪري ٿو ۽ هو تمام آسودا آهن، وڏو ڪاروبار اٿن. مائيٽي ڪرڻ چاهين ٿا. ايندڙ هفتي سڱ گهرڻ لاءِ اچڻ وارا آهن.“
فاريه حيران ٿيندي چيو، ”امان توهان هيڏي وڏي ڳالهه مون سان ڪانه ڪئي. توهان مون کي ٻڌايو ها ته يونيورسٽيءَ مان ڪا خبر چار وٺجي ها، ڇوڪري جي ڪردار بابت پڇا ڪجي ها! يا توهان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي؟“
ماڻس ڦڪي ٿيندي وراڻيو:
”ها پٽ تون صحيح ٿي چوين، اصل ۾ تون گهڻي مصروف ٿي هجين؛ هڪ نوڪري ۽ ٻي پڙهائي، ان ڪري توسان ڳالهه ڪانه ڪيم، پڪ سمجهيم ته تون اَرهي پڪ ڪانه ٿيندينءَ. فوٽو مون ڏٺا آهن، شڪل صورت ۾ ڇوڪرو موچارو آهي، وڌيڪ الله ڪندو عماره جو نصيب ڀلو ٿيندو، پاڻ به خيريت سان ذميواريءَ مان آجا ٿيون.“
فاريه کي پنهنجي ماءُ جي رويو عماره وانگر ئي سطحي لڳو ته ’اهي ٻاهر جي ڏيک ويک ۽ دولت تي هرکجي ويون آهن.‘ کيس ڏک به ٿيو ته جڏهن هوءَ گهر جو مرد ٿي بيٺي آهي ته پوءِ کيس ٻڌائڻ به ڇو پسند ڪونه ڪيائون. هن سمجهيو ته ’اهو عماره عشق ڪيو آهي ۽ ان ڪري ٻڌائڻ پسند نٿي ڪري ته جيئن ڪابه رنڊڪ نه پوي ۽ امان کي به شامل ڪري ڇڏيو اٿس.‘
عمران جي مائٽن کي جنهن ڏينهن اچڻو هو، بلقيس پنهنجي ڀاءُ کي به گهرايو ۽ ان ريت اهو رشتو منظور ڪيو ويو. ٻن مهينن کانپوءِ شاديءَ جا ڏينهن به مقرر ڪري ڇڏيائون. هاڻي ته عماره هوائن ۾ اڏامڻ لڳي، پير پَٽ تي نه پيا پونس. هر وقت بازار ۾ خريداريءَ تي زور هو. فاريه دٻيل لفظن ۾ ماءُ کي سمجهايو ته گهڻو اجايو خرچ نه ڪريو. ماڻس کيس سڀني ڪمن ۽ خرچن جي فهرست پيش ڪئي جا پنهنجي ليکي وڌيڪ هوندي به فاريه گهر جي خوشيءَ ڪاڻ قبول ڪئي. ڪجهه پئسا جيڪي جوڙي رکيا هئائين، بلقيس کي ڏنائين، باقي تسلي ڏنائين ته ”آفيس مان هڪ سال جون پگهارون ايڊوانس منظور ڪرايان ٿي.“
ڪجهه ڏينهن ئي گذريا ته فاريه جي آفيس ۾ سر ارسلان ۽ ٻين جو پاڻ ۾ بحث مباحثو ٿيو جو جهيڙي تائين پهچي ويو، جنهن ۾ فاريه جو نالو به آيو. هن پنهنجي عزت نفس کي بچائڻ ۽ جهيڙي جو سبب بڻجڻ بدران استعيفيٰ لکي ڏيئي ڇڏي ۽ مايوس ٿي گهر اچي وئي. ان ريت سندس ذهن تان بوجهه لهي ويو. بلقيس کي جڏهن سندس استعيفيٰ جو فاريه ٻڌايو ته کيس ڪاوڙ اچي وئي.
”فاريه! تون ته سمجهدار آهين. اهڙين حالتن ۾ جڏهن شادي اچي مٿي تي بيٺي آهي ته استعيفيٰ ڪيئن ڏنئي ڇا سوچي ڏنئي!؟ هاڻي بي فڪريءَ جي ننڊ ڪيئن پئي ڪرين؟“
”امان آئون ادا سجاد ۽ شاهين کان پئسا اڌارا وٺي شاديءَ کي منهن ڏئي وينديس، پاڻهي ٻي نوڪري ملندي، لاهي ڇڏينديس.“
فاريه واپس ڪمري ۾ هلي وئي. ماڻس پريشان ويٺي رهي.
شام جو فاريه الائي ڪيترن ڏينهن جي رهيل ننڊن جي ڪسر ڪڍڻ ڪاڻ دير تائين ستي پئي هئي ته سندس ڪمري جي دروازي تي زور زور سان کڙڪو ٿيو. ڇرڪ ڀري اٿي کوليائين، ٻاهر شاهين هئي. جنهن کيس خوشخبريءَ ڏني ته ”سر ارسلان سندس استعيفيٰ قبول ڪانه ڪئي آهي، کيس خبر آهي ته تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. هن چيو آهي صبح ڪنهن به حالت ۾ آفيس ۾ اچ.“
ٻئي ڏينهن کيس موبائل تي مئسيج به آيو. هوءَ تيار ٿي وئي. سر ارسلان کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرايو.
”توهان جي غير موجودگيءَ سان هفتي ۾ ڪمپنيءَ جو ڪافي ڪم رڪجي ويو آهي. مهرباني ڪري اڄ کان پنهنجو ڪم سنڀاليو. توهان جون ايڊوانس پگهارون به منظور ٿيون آهن. چيڪ صبح فنانس ڊپارٽمينٽ مان منظور ٿي اچي ويندو.“
ٻئي ڏينهن جيئن کيس چيڪ مليو، هن بئنڪ ۾ جمع ڪرايو. هاڻي ماڻس هن کان جيڪي به پئسا عماره جي ڏاج جي خريداريءَ لاءِ گهرندي هئي، هيءَ ماٺ سان ٻئي ڏينهن ڪڍرائي آڻي ڏيندي هئس. حيران به هئي ته سڀ ڪجهه پاڻهي ڄاڻي صحيح ٿي رهيو هو، کيس نوڪريءَ تي به واپس گهرايو ويو ۽ شاديءَ جو سڄو ڪم به آرام سان ٿي رهيو هو. شاديءَ جي تيارين ۾ سندس ڪو خاص ڪم نه هوندي به اهم اهو هو جو وڏي هئڻ جي حيثيت ۾ هن خرچ جي مڪمل ذميواري پنهنجي سر تي کنئي هئي. کيس بهرحال اهو اطمينان هو ته والد جي وفات کانپوءِ هن نيڪ نيتيءَ ۽ محنت سان پوري ڪٽنب کي نه فقط سنڀاليو آهي، پر عماره جي شادي ڪرائڻ واري فرض کي به نڀايو آهي. هڪ ٻه ڀيرا هن عماره جي خريداري ڏٺي ته کيس ڪجهه شيون فضول ڏسڻ ۾ آيون. ماڻس کي سمجهايائين ته اها عماره جو پاسو کڻي ويهي رهي ته ”شادي هڪ دفعو ٿيندي آهي. گهڻي ڏاج ڏيڻ سان نياڻيءَ جي ساهرن ۾ عزت وڌندي آهي.“
ڏاج جي صورت ۾ ڪيل انهي شاهه خرچيءَ تي کيس بڇان اچڻ لڳي، پر ’مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ‘ سو جک کائي چپ ٿي وئي.
فاريه مٿي جي سور سبب هڪ ڏينهن آفيس مان موڪل وٺي گهر آئي، ڇا ڏسي سڄو ورانڊو خريداريءَ جي شاپرز سان ڀريو پيو هو، عماره ۽ ماڻس هاڻي بازار مان آيون هيون. عماره خوش خوش ٿي کيس خريداريءَ جو تفصيل ٻڌائڻ لڳي، وري پاڻ ئي چيائين.
”صبح اڃان فرنيچر جي دڪان تي وڃڻو آهي.“
فاريه ماءُ ڏانهن نهاريندي پڇيو، ”امي فرنيچر جو آرڊر ته پهرين ڏنو هو، پوءِ ڇا ٿيو؟ هاڻي وري ڇو ويندا؟“
ماڻس ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. عماره ڳالهائڻ لڳي، ”آپي! منهنجي ساهرن جو اسٽينڊرد الاهي آهي، هو ڊرائنگ روم نئون پيا سجائين، کين نوان صوفا گهرجن. ان ڪري چيو اٿن ته بيڊروم سيٽ سان گڏ سهڻو صوفا به ڏجو.“
فاريه جو موڊ بلڪل خراب ٿي ويو. هٿ ۾ جهليل گرم ڪافيءَ جو مگ زور سان ميز تي رکندي چيائين، ”امان! مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪهڙا لالچي ماڻهو آهن جو پنهنجو گهر سجائڻ لاءِ سامان ٻين کان پيا وٺن، گذريل هفتي واشنگ مشين ۽ ڪوڪنگ رينيج جي فرمائش ڪئي هئن ڪا هڪ اڌ ڳالهه صحيح يا مناسب فرمائش هجي ته پوري ڪبي. توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جو بي سبب عماره سان شامل ٿي ويا آهيو. آئون ڪا پئسا ڪمائڻ جي مشين آهيان؟ يا پئسو وڻن تي پنن جيان ڦٽي پيو ٿو جو رڳو پٽڻ جي دير آهي؟“
ماڻس لڄي ٿيندي آهستي وراڻيو.
”تون فڪر نه ڪر، عامر ٻه لک دوست کان اڌار وٺي ٿو، پوءِ ٿورا ٿورا ڪري لاهي ڇڏينداسين.“
ان تي فاريه کي وڌيڪ ڪاوڙ آئي، پر ضبط ڪندي چيائين.
”امان توکي ته خبر آهي، عامر جي ڪابه ڪمائي ڪانهي، اڃان ته پڙهائي مڪمل ڪانه ٿي اٿس. اهي پئسا به مون کي ئي ادا ڪرڻا پوندا. آئون هڪ سال جي پگهار اڳ ئي ايڊوانس طور کڻي چڪي آهيان. بابا هميشه چوندو هو ته قرض مرض آهي، پر توهان ته سڀ ڳالهيون وساري ڇڏيون آهن. اوهان کي آخر منهنجو احساس ڇو نٿو ٿئي؟“
عماره پنهنجي رنگ ۾ ڀنگ پوندي ڏسي ڀيڻ کي بيزاريءَ سان چوڻ لڳي، ”آپي! گهڻا پئسن جا طعنا نه ڏي، توکي ته رشتا نڀائڻ ئي ڪونه ٿا اچن، ڀيڻ جو گهر آباد پيو ٿئي ۽ تون آهين جا رڳو ڪِر ڪِر پئي ڪرين! آخر تون چاهين ڇا ٿي؟ کولي ٻڌاءِ، اسين تنهنجي خاطري ڪريون، خوشامد ڪريون، پوءِ تون حاتم طائي ٿي اسان کي چند پئسا خيرات ۾ ڏيندينءَ! حقيقت ۾ وڏي خود عرض آهين.“
لفظ ’خود غرض‘ فاريه جي بدن ۾ باهه لڳائي ڇڏي، کيس محسوس ٿيو ته ’هن ڀيڻ سان جيڪا چڱائي ڪريان پئي، انهيءَ مان ته ڪي ڪونه پيو وري، هيڪاري ڳڻي ڳڻي لفظن جا موچڙا پئي سٽي، ڦرڪو ئي ڦريل اٿس، جي ڪجهه چونديس ته اهڙو کڻي ممڻ مچائيندي جو اوڙو پاڙو گڏ ٿيندو.‘ ماءُ ڏانهن نهاريائين، جنهن پڻ مٿي ڦريل عماره جي ڊپ ۾ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، فاريه سان نظرون ملائي نه پئي سگهي، تڏهن به عماره کي سک ڪونه آيو، وري به زبان تيزگام وانگر هلڻ لڳس.
”ٻڌ آپي! وڏي آهين، عزت ڪريونءِ ٿا، ان جو مطلب اهو ڪونهي ته تون ويهي طعنا ڏين ۽ اعتراض ڪرين، تنهنجو ڏوهه ڪونهي وڏي تون آهين، رشتو منهنجو آيو آهي، سو به آسودي گهر مان، آئون خوبصورت آهيان ته خوشقمست به، توکان ساڙ نٿو برداشت ٿئي.“
فاريه جي ته ڪنن مان دونهان نڪري ويا. کيس لڳو ته مٿانس ڇت ڪرڻ واري آهي. چيلهه ئي چٻي ٿي ويس. هن مشڪل سان پاڻ سنڀاليندي زبان دراز ڀيڻ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”عماره! ڪجهه شرم ڪر. لفظ ’خود غرض‘ جو مطلب سمجهين ٿي! سوچي ڳالهاءِ. مون ته فقط ايترو چيو آهي ته ڪجهه بچت ڪريو، آئون توسان ڇو ساڙ ڪنديس.“
عماره پنهنجي خوشيءَ جي نشي ۾ هوش حواس وڃائي چڪي هئي. رڙ ڪندي چيائين.
”ها ها!! بلڪل، تون منهنجي رشتي ۽ شاديءَ کان جلين پئي ۽ نٿي چاهين ته منهنجي ساهرن ۾ عزت ٿئي.“
ڄڻ ڪنهن تيز تيزاب مٿس اڇلايو هجي. فاريه جي سهپ جي حد ختم ٿي ويئي هئي. هن جو سڄو جسم ۽ رون رون ڪاوڙ، ڏک ۽ صدمي سبب سڙڻ لڳو. کيس خبر ئي ڪانه پئي ته ڪيڏي مهل هن جو هٿ مٿي ٿيو ۽ هڪ وڏو آواز ٿيو ۽ عماره جي ڳل تي ڳاڙها نشان ڇڏي ويو.
هن به ڪاوڙ ڀريل نظرن سان ڏانهس نهاريندي نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم، اوتري ئي طاقت سان فاريه کي ڌڪ هڻي ڪڍيائين. کيس نه سور ٿيو نه ئي لڙڪ لڙيس.
”تنهنجي همت ڪيئن ٿي مون وڏيءَ تي هٿ کڻڻ جي!؟ آئون توسان حسد ڪريان ها ته ننڍپڻ کان هيستائين تنهنجون جائز ناجائز خواهشون پوريون ڪونه ڪريان ها! توکي ڪهڙي خبر ته وڏي ڀيڻ ماءُ جي برابر هوندي آهي، وڃ وڃي پنهنجي چادر مطابق پير ڊگهير ڇو مون وٽ ايندي هئينءَ پسئا گهرڻ؟“
”خدا جي واسطي خاموش ٿي وڃو! پاڙي وارا ٻڌندا ته ڇا چوندا!“ بلقيس هاڻي وچ ۾ پئي ٻنهي کي ڇڏائڻ لڳي. ماڻس ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ لڳي، پر عماره جي زبان بند ئي نه ٿئي تان جو بحث بخيلائي تائين پهچي ويو. فاريه ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وڃي پنهنجي ڪمري ۾ در بند ڪري روئڻ لڳي.
ڀيڻ جا جملا سندس ڪنن ۾ زهر اوتي، هانو ۾ چڀي ويا هئا، دل باغي ٿيڻ لڳس. هن موقعي تي کيس پنهنجو پيءُ ڏاڍو ياد اچڻ لڳو ۽ ان جون اکيون آڏيون آيس جو روئي کڻي ماٺ ڪيائين. شاديءَ ۾ فاريه سڄو وقت تقريبن ماٺ هئي. ماڻس ڏانهس احسان منديءَ واري نظرن سان پئي نهاريو. گهڻي خرچ جي ڪري هن پنهنجي لاءِ به ڪا خاص تياري نه ڪئي هئي باقي سر حارث، شاهينه، سر ارسلان ۽ ٻين کي آفيس ۾ دعوت ڏني هئائين، سڄو وقت انهن سان ويٺي رهي. شادي خير خوبيءَ سان ٿي. ڀيڻس جي نکيٽيءَ کانپوءِ هن به سک جو ساهه کنيو.
عامر گريجوئيشن مڪمل ڪئي ته سوچيائين کيس ڪٿي لڳرايان ته ڪجهه قرض لاهڻ ۾ آساني ٿئي سو سر ارسلان سان ڳالهه ڪئي. هن جون ٻه ڪمپنيون هيون، عامر کي آسانيءَ سان نوڪري ملي وئي. هاڻي ماڻس جو ڌيان هو ته ڪنهن طريقي سان فاريه ۽ عامر جي شادي ڪرائي ذميوارين کان آجي ٿئي، پر فاريه عملي زندگي ايتري ته جوابداري ۽ گهر جي ذميوارين ۾ گذاري جو کيس پنهنجي شاديءَ جو ته ڪڏهن خيال ئي ڪونه آيو باقي ڀاءُ جي لاءِ هڪ سٺي پڙهيل ڇوڪري ڳولي ان سان شادي ڪرايائين.
ڀاءُ جي شاديءَ تي عماره پڻ آئي، پر سندس منهن لٿل هو. ماڻس جي گهڻي پڇڻ تي ڦاٽي پئي ته عمران ته اڳ ۾ ئي شادي شده آهي. پهرين زال الڳ رکي اٿس. اهو سندس بدي جو سڱ آهي، ان کي طلاق به نٿو ڏئي سگهي. ڪجهه ڏينهن تمام سٺو هو، پر هاڻي کيس ڀانئين ڪونه ٿو.
بلقيس ته سڄي سراپجي وئي. ڪنهن سان ڳالهه ڪرڻ جي ئي ڪانه هئي؛ اهو پير مان لاهي منهن تي هڻڻ. هرڪو چوي ها ته پهرين پڇا ڪانه ڪيَو. هن کي فاريه گهڻوئي چيو، پر عماره جي انڌي عشق هن جون اکيون ئي بند ڪري ڇڏيون هيون. هاڻي ته ڏسڻ جو به عشق ڦشڪ ٿي ويو هو، پر ڪري ڇا ٿي سگهي. ٻه به ويس، ڇهه به ويس. فاريه واري ڳالهه ته ڇوڪري جو بنگلو ۽ گاڏي ڏسي ٻئي هرکجي ويون. هاڻي ڏڌو کير ٿڻين پوڻ محال هو. ٻئي ماءُ ڌيءَ سڙي پچي چپ پئي هليون.
عامر جي شاديءَ ۾ فاريه گهڻي خوش هئي. نيري وڳي، هلڪي ميڪ اپ ۽ جيولريءَ سان ٺيڪ ٺاڪ وڻندڙ پئي لڳي. سر ارسلان ته اڳ ۾ ئي سوچي رکيو هو ته هن محنتي، هڏڏوکي ۽ نيڪ دل ڇوڪريءَ تان گهر جي ذميوارين جو بار ڪجهه گهٽجي ته پوءِ کيس شاديءَ جي آڇ ڪريان. هوءَ ايتري ته ذميوار ۽ حساس آهي جو ننڍي ڀاءُ جو گهر آباد ڪرڻ کان اڳ ڪڏهن به پاڻ لاءِ ڪونه سوچيندي. اڄ جيتري خوشي فاريه کي عامر جي نڪاح جي هئي، ايتري ئي ارسلان کي پڻ هئي. عامر هاڻي ڇويهن سالن جو گهر جو وڏو مرد هو سو پنهنجو اندر ساڻس اوريائين.
عامر ته خوشيءَ ۾ ئي ڪونه پئي ماپيو ته منهنجي ڀيڻ کي رب پاڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان نيڪيءَ جو ڪيڏو نه سٺو صلو ڏنو آهي جو جنهن ڪمپنيءَ ۾ هوءَ معمولي نوڪريءَ تي هئي، اڄ اتي مالڪياڻي ٿيڻ واري آهي. سندس دل باغ بهار ٿيڻ لڳي. گهر اچي ماءُ کي خوشخبري ڏنائين. جنهن شاهينه کي ٻڌايو ته فاريه جي ڪن تي ڳالهه وجهي. فاريه کي سڀ ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو. هوءَ ذهني طور انهي ڳالهه لاءِ تيار ڪانه هئي. هن ڪڏهن سر ارسلان لاءِ ان ريت سوچيو به نه هو ۽ نه ئي پنهنجي حيثيت ايتري سمجهي هئائين. هوءَ ته کيس پنهنجو محسن ۽ آفيسر سمجهي سندس وڏي عزت ڪندي هئي ۽ هميشه اخلاق سان پيش ايندي هئي. سندس اها نهٺائي ۽ اخلاق ئي سر ارسلان جي دل کي کٽي ويو. شاهينه، حارث، ڪاشف سڀني کيس راضي ڪيو. جنهن ڏينهن هوءَ شادي ڪري رخصت ٿي، ارسلان جي گهر سکن جي سنسار ۾ وڃي رهي هئي ان جي هفتي اندر ئي عماره پنهنجي بد زباني ۽ برداشت نه هئڻ سبب طلاق جي ٻن ڪاغذن سان هميشه لاءِ مائٽن وٽ اچي پهتي. جنهن ڏاج کي پنهنجي عزت، شان ۽ زندگيءَ جي خوشي ٿي سمجهائين، اهو به انهن بخيلن ڦٻائي ڇڏيو هو.

