ڪنهن جي ڪهاڻي
ايڏو وڏو نالو آهي انوءَ جو!
تڏھن خبر پئي جڏھن اسڪول جي مئگزين ۾، سندس ڪھاڻي ڇپي. انل ڪمار چٽوپاڌيا، ڇھون درجو!
تڏھن کان ڪھاڻيڪار ٿيڻ جو شوق ھو کيس. ڪھاڻيون سٺيون سرجنديون ھئس ۽ مون کي ته ھميشه کان يقين آھي ته شاعر يا اديب ھجڻ، ڪنھن خدائي دَينِ جي ڳالھ آھي، ورنه ته ھرڪو شاعر نه ٿي وڃي. انوءَ ۾ اھا ڳالھ ھئي جيڪا وڏن وڏن فنڪارن کي ڄائي ڄم کان ملندي آهي.
اسان جڏھن اٽي ڏڪر کيڏندا ھئاسين، تڏھن به انو مڙني کان الڳ ٿلڳ ويٺو ڪاپيءَ تي ڪجھ لکندو ھو يا سوچيندو رھندو ھو. مون کي وري اھو ڄاڻڻ جي لوري لڳل ھوندي ھئي ته انوءَ جي دماغ ۾ ڇا ھلندو ھوندو؟… ڪيئن ھو خلا ۾ ھڪڙو ڪردار جوڙي ٿو ۽ ان کي آڏو پيل پني تي اتاري ٿو وٺي؟ پوءِ اھو ھلڻ گھمڻ ٿو لڳي. انو، جتي دل چويس ٿي، اتي کيس موڪلي ٿو ڇڏي. جيڪو چاھي، سو کانئس ڪرائي ٿو وجھي ۽ جتان جتان اھو لنگھي ٿو، ڪھاڻيءَ جو پلاٽ جڙندو ٿو وڃي. واھ! اھي ڪھاڻيڪار به ڪمال جا ھوندا آھن. جنھن کي چاھين، ماري ڇڏين، جنھن کي چاھين زندگي ڏئي ڇڏين. آھي نه خدائيءَ جھڙي ڳالھ!
انو کِليو!
اھا ڪاليج جي زماني جي ڳالھ آهي. ”ائين ناھي. منھنجا ڪردار من گھڙت ناھن ۽ اھي منھنجي وس ۾ به ناھن بلڪ مان انھن جي وس ۾ رھندو آھيان.“
انو ھاڻي ڳالھ به ليکڪن جي طرز تي ڪندو ھو. سندس ڪھاڻي جڏھن ”پرتاب“، ”ملاپ“ يا ”جنگ“ جي سنڊي ايڊيشن ۾ ڇپجندي ھئي ته مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿيندو ھو. مون اخبار، امان کي ڏيکاري.
”ھي ڏس!… انوءَ جي ڪھاڻي. انل ڪمار چٽوپاڌيا، سندس نالو آهي.“
”اڇا! ٻڌاءِ ته سھي.“
مون ڪھاڻي پڙھي ٻڌائي امان کي. ھڪڙي غريب موچيءَ جي ڪھاڻي ھئي. امان جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا؛
”اڙي اھا ته پنھنجي پاڙي جي بيکو موچيءَ جي ڪھاڻي ھئي. ان جي ماءُ سان ائين ٿيو ھو.“
اھا مون کي به خبر نه ھئي. ليڪن مون ھڪدم انوءَ جا لفظ ورجائي ڇڏيا.
”سندس ڪھاڻيون من گھڙت نه ھونديون آھن، امان! ھو ڪردار پيدا نه ڪندو آھي بلڪه پنھنجي ماحول مان ڪردار چونڊيندو آھي. جنھن جي لاءِ رڳو اک ۽ ڪن نه، سوچ ۽ سمجھ جون ڳڙکيون پڻ کولي رکڻيون پونديون آھن.“
امان ڏاڍو متاثر ٿي. شايد منھنجن جملن تي، جيڪي انوءَ جا ھئا.
گھٽيءَ ۾ ھڪڙو وڏو ڄمونءَ جو وڻ ھو. ان جي ھيٺان ويھندو ھو، بيکو موچي! سڄي پاڙي جون جتيون وٽس اينديون ھيون. ۽ انوءَ جو ته اھو اڏو ھو. ڪپڙا ڀلي ڪيترا به ميرا نِڪُ ھجنس، سينڊل باقي انو واھ جو چمڪيل رکندو ھو.
بيکو، پنھنجي گھسيٽي کي چپل جي آڱوٺي ۾ ٽاڪو ھڻڻ سيکاري رھيو ھو. مون جڏھن بيکي جي ڪھاڻي، کيس ٻڌائي ته سندس نڙي گھوگھرجي وئي.
”اسان جا ڏک ڏولاوا، ھاڻ اوھان ماڻھو ئي ته سمجھندئو پٽ! ھاڻ اوھان نه ڄاڻندئو اسان جي ڪھاڻي ته ٻيو ڪير ڄاڻندو؟“
انوءَ جو رتبو، ان ڏينھن کان مون لاءِ اڃان اوچو ٿي ويو. ھو سچ پچ ته ڄائي ڄم جو اديب ھو.
ڪاليج پورو ٿيو ۽ مان دھلي ڇڏي بمبئيءَ ھليو آيس. مون کي نوڪري ملي وئي ھئي. ۽ انو، پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ”اوطاق“ تي، سندس ھٿ ونڊائڻ لڳو، جتان ھو آريو ويدڪ ۽ ھوميوپيٿي جون دوائون ڏيندو ھو. ڪنھن سرڪاري کاتي ۾ ملازم ھو. ليڪن صبح ۽ شام، ٻه ٻه ڪلاڪ پنھنجي اوطاق ۾ اھو دواخانو به ھلائيندو ھو. انوءَ لاءِ گھڻين ئي نوڪرين لاءِ سفارش ڪرايائين، ليڪن ھڙ حاصل نه ٿيس.
مان ھڪ ڀيرو ڀيڻ جي پرڻي تي دھليءَ ويس ته ساڻس ملاقات ٿي. ڏاڍو بيمار ھو. مون کي چوڻ لڳو؛ ”تون ئي ڪجھ سمجھاءِ انوءَ کي. ڪو ڪم ڪاڄ ڪري. ھي جڳ جھان جون ڪھاڻيون لکڻ سان ڇا ٿيندو؟“
مان ماٺ ۾ رھيس. ھو دير تائين، سيني مان کانگھارو ڪڍندو رھيو. پوءِ پاڻ ئي ڳالھايائين؛
”اھا حرامزادي ان جي پٺ ڇڏي ته ھن جي مت ٺڪاڻي اچي!“
مون انوءَ کان پڇيو؛ ”اھا حرامزادي ڪير آهي؟“
چيائين؛ ”ڪھاڻيڪاري، بس ان کي ئي پيو گاريون ڏيندو آهي ادو، ھو سمجھي نه ٿو. ھو جسماني روڳ جو علاج ڪندو آھي. مان سماجي ۽ روحاني روڳين جو علاج ڪندو آھيان. مان سماج جي ڏوس وھائيندڙ ناسورن تي پنھنجي ڪھاڻين جا پھا رکندو آھيان. اونداھيءَ ۾ ڀٽڪندڙ مظلوم انسانن جي لاءِ ڏيئا ٻاريان ٿو. کين پنھنجي ذھني غلاميءَ جون زنجيرون ڪپڻ جا ھٿيار مھيا ڪندو آھيان.“
منھنجي دل چيو؛ تاڙيون وڄايان. ھو گھڻي دير تائين ڳالھائيندو رھيو. ھن ٻڌايو، سندس پھريون ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ تيار آھي. ملڪ جي وڏن وڏن ادبي رسالن ۾ سندس ڪھاڻيون ڇپجي رھيون ھيون.گھڻي گھُرَ ھئي رسالن طرفان، ليڪن ھو مڙني لاءِ لکي نٿو سگھي. ھو ھڪڙو ناول به لکي رھيو ھو. ليڪن ”اوطاق“ مان ايتري ويساند نه پئي سگھيس جو ان کي جلدي پورو ڪري سگھي. وڏو ڀاءُ ڏاڍو بيمار پيو رھي ۽ سندس ٻه ٻارڙا آھن. ويچارن! انھن ٻنھي ٻچڙن کي وٺي به ھڪڙي ڪھاڻي سوچي رھيو ھو.
سندس ڪچھريءَ ۾ ھاڻ وڏن وڏن ليکڪن جو ذڪر ٿيندو ھو. ڪجھ نالا، منھنجا به ٻڌل ھئا. ڪجھ ھو ٻڌائي ڇڏيندو ھو. سعادت حسن منٽو، احمد نديم قاسمي، ڪرشن چندر، راجندر سنگھ بيديءَ کانپوءِ ڪافڪا ۽ سارتر جو ذڪر، مون لاءِ بلڪل نئون ھو. ڪجھ ڳالھيون ته منھنجي مٿي کان مٿان گذري ويون. ھو ڪھاڻين جا پلاٽ جوڙيندو ھو. ھاڻ ھو ڪافڪا جي علامت نگاري ۽ سارتر جي وجوديت جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو ھو. مون کي لڳو ته ڪھاڻي ڪاٿي پوئتي ڇڏائجي ويس. ليڪن انل ڪمار چٽوپاڌيا مون کي سمجھايو؛
”ڪھاڻي، صرف پلاٽ ڪي واقعن جي تفصيل ۽ ان مان پيدا ٿيل ڪردارن جي تعلقاتن جو ئي نالو ناھي، بلڪه ذھني حادثن جا تاثرات پڻ پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ڪھاڻي ڄڻيندا آھن ۽ ان جي جمالياتي تصوراتن کي…“
ڳالھ منھنجي مٿان گذري پئي وئي، ليڪن مان سندس تخيلات کان متاثر ٿئي بغير رھي نه سگھيس.
انل، ھڪڙي ڀيري ممبئيءَ آيو. ڪنھن رائيٽرز ڪانفرنس ۾ حصو وٺڻ لاءِ. سندس چار ئي صحيح ٿيل ڪتاب، مون ڪٻٽ مان ڪڍي ڏيکاريامانس… مان دوستن کي اھي ڪتاب ڏيکارڻ ۾ ڏاڍو فخر محسوس ڪندو ھئس. ايڏي وڏي اديب جا ڪتاب! ۽ ھو ھاڻ مون وٽ ترسيل ھو. مون ڀاڻس جي ٻنھي ٻارڙن واري ڪھاڻيءَ جي باري ۾ پڇيومانس؛ ”اھا لکيئي؟“
ھن ھڪ افسوسناڪ خبر ڏني. ”ڀاءُ گذاري ويو ۽ مٽن مائٽن مِڙي مُچي ٿي سندس بيواھ تي چادر وڌي. مون کي پرڻجڻو پئجي ويو. مان ھاڻ انھن ٻنھي ٻارڙن جو پيءُ آھيان….“
ڪجھ ڏينھن ترسي، انل واپس ھليو ويو.
ھاڻ مان سندس باري ۾ اڪثر اخبارن منجھ پڙھي وٺندو ھئس. جڏھن به ڪو نئون ڪتاب ڇپبو ھئس ته ھو مون کي ضرور موڪليندو ھو.
سالن پڄاڻان، ھڪ ڀيرو وري دھليءَ وڃڻ ٿيو. مان پنھنجي ونيءَ کي به ساڻ وٺي ويو ھئس. کيس چيو ھيم ته پنھنجي ليکڪ دوست سان ضرور ملائيندوسانءِ!
ان ئي شام جو، ڄمونءَ جي وڻ ھيٺان، انو پنھنجو سينڊل پالش ڪرائي رھيو ھو…. گھسيٽي کان… سندس اڏو اڃا به اتي ئي ھو. ڳالھ وري نڪتي ڪھاڻيءَ جي.
”نئين ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو حقيقت جو بدلجندڙ تصور آھي. حقيقت صرف اھا ناھي، جيڪا ڏيکاري ڏئي ٿي. بلڪه اصل حقيقت اھا آھي جيڪا اک سان نظر نه ٿي اچي. ڪھاڻي صرف ھڪڙي منطقي رشتي جو نالو ناھي بلڪه ان ڪيفيت جو نالو آھي جيڪا ڪردار جي تحت الشعور ۾ پيدا ٿي رھي آھي….“
مان وات پٽيو، چپ چاپ ٻڌي رھيو ھئس.
انل چئي رھيو ھو؛
”پوين پنجاھ ورھين ۾ وڏي تبديلي آئي آھي، اردو افساني ۾. اسان جي ڪھاڻيءَ، انھن پنجاھ ورھين ۾ ايڏي ترقي ڪئي آھي جا اسان ان کي دنيا جي ڪنھن به….“
گھسيٽي، چمڪندڙ سينڊل اڳيان ڪندي چيس؛
”ڪنھن جي ڪھاڻيءَ جي ڳالھ پيو ڪرين ڀاءُ! جن جي ڪھاڻي لکندو آھين سي ته اتي جو اتي پيا آھن. مان پنھنجي ابي جي جاءِ تي ويٺو آھيان ۽ اوھان پنھنجي ڀاءُ جي اوطاق پيا ھلايو. ترقي ڪھڙي ڪھاڻيءَ ڪئي….؟“
سينڊل ڏئي، گھسيٽو ھڪڙي چپل جي آڱوٺي جو ٽاڪو لڳائڻ ۾ مصروف ٿي ويو…..!!!
***


