ادب

جنڊو پاڙو

اڱڻ کي ٻھاريندي… صفورا زورائتي آواز ۾ ماءُ کي سڏيو، امان ماسي فيروزا ورايون آيون اٿئي…

ھائو اچان ٿي…

لال جيڪا ڪالھ پٽ پرڻائي آئي سا ٿڪاوٽ جي ڪري بخار ۾ تپي ڪوٺي منجھ ستل ھئي. ڪنجھندي ڪنجھندي مٿي تي ٻڌل رئي جي ڳنڊ کي ڇوڙيندي، رئو مٿي تي پائي، ٻاھر نڪتي…

آئي مبارڪون ھجنئي گھوٽ ماءُ.

لال کي ڏسندي ئي، ورانڊي جي کٽ تي ويٺل فيروزا ۽ سندس ڏيرياڻي ٽپ ڏيئي کيس ڀاڪر پائڻ ۾ جنبي ويون…

آئي ڏي خبر ڪنوار ڪٿي آھي…؟

لال ڦڪائي مان سندس ڌيءَ صفورا ڏانھن ڏٺو.

جنھن مھمانن لاءِ ڳاڙھو شربت آڻي، سندن ڌيان مٽڻ جي ڪوشش ڪئي. فيروزا، چيچ سان برف جي ڳڙي کي ملائيندي چيو…

آئي گھوٽ ماءُ ڇو تپي پئي آھي…؟

ماسي شادي جو ٿڪ به ته ٿئي ٿو.

صفورا ماءُ جي حمايت ۾ ڳالھايو…

لال جيڪا اندر ۾ ڪجھ لڪائي ويٺي ھئي، سا بخار جي بھاني چپ ٿي وئي.

آئي ادي، ڪنوار جو ڪمرو ته ڏيکاريم، فيروزا، ھاڻ ماڳھين ڪمرن ۾ جھاتيون پائڻ ڪاڻ اٿي. جھاتي پائي ڏٺائين…

ٻنھي ڪمرن منجھ نه ڪنوار ھئي نه ڪا سجاوٽ، ھي ڇا ادي لال ڪمرا ته ماڳھين خالي پيا آھن.

ڪنوار ڪٿي آھي…؟

پيڪين ويل آھي ماسي. صفورا ڪمرن جا در ڏيو، واپس کٽ تي ويھندي، وراڻيو… ھان…!

پر اسان ته ڪجھ ٻيو ئي ٻڌون پيا، فيروزا ڊرامائي انداز ۾ لال ڏانھن ڏسي چيو،

ڇا ٻڌو اٿو…؟

لال ھاڻ پھريون ڀيرو پنھنجي بند ٿيل زبان جو تالو کولي پڇيو.

آئي سموري ڳوٺ منجھ ھل ٿيو پيو آھي ته لال پنھنجو پٽ پرڻائي ساھورن کي ڏيئي ڇڏيو…

لال ھٿ ۾ جھليل شربت واري گلاس کي پيتي تي رکي چيو.

ھائو ادي تو سچ ٻڌو آھي، ماسي اسان جي ڀاڄائي مائٽن کي ھڪ ڌيءَ آھي.

ڪو ڀاءُ ڪونه اٿس…

تنھنڪري سندس مائٽن جنڊي پاڙي جو شرط وڌو ۽ جنڊو پاڙو لکرايو اٿن.

آئي… ظلم ٿي ويو جو پٽ پرڻائي ادي لال تو ساھورن کي ڏيئي ڇڏيو…

صفورا جي ڳالھ کي اڻ ٻڌو ڪري، فيروزا لال جا ڪن ڀريندي چوڻ لڳي.

وڏو پٽ ايئن ڏيئي ڇڏيئي، لال جيڪا اڳ ئي ڳوٺ وارن جون ڳالھيون ٻڌي بيمار ٿي پئي ھئي سا فيروزا جي ڳالھ ٻڌي ڪڇي ڪانه…

ماسي ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي اسان، اسان کي پنھنجا ٻه ننڍا ڀائر آھن تن جون زالون اسان سان گڏ رھنديون جي ھنن اسان کان پٽ ڪري اسان جو ڀاءُ ورتو به ته ڇا ٿي پيو…

ڇوڪري به ته پنھنجو گھر ڇڏي ايندي آھي نه پوءِ مرد جي ساھورن ۾ رھڻ تي اعتراض ڇو. فيروزا جيڪا صفورا جي ڳالھ ٻڌي توبھه توبھه ڪرڻ لڳي.

ادو سانول به اھڙو ٿي پيو جو ماڳھين پٽ پرايو ڪري ڇڏيائين.

سانول جنھن مال کي گاھ پئي ڏنو تنھن فيروزا جون سموريون ڳالھيون ٻڌي ورتيون.

آئي اسين ته ھلون پيا، پر… ڏاڍو ارمان اٿم ادي لال تنھنجو.

فيروزا ويندي ويندي به لال جي دل ڏکائيندي وئي…

صبح جو سج اڀري ويو ھو، پکين جا ٽولا سجاڳ ٿيو پنھنجي آکيرن ڏانھن اڏري، پيٽ ڀرڻ ڪاڻ، نيري آسمان تي نمايان ھئا…

ٻئي طرف ڪڪڙن جو واڪو ۽ گھٽي ۾ ھٽ وٽ ٻارن جو پاپا، بسڪيٽ ۽ ڍٻل وٺڻ جو چھچٽو لڳو پيو ھو.

حاڪم جيڪو لال جو ٻيو نمبر وارو پٽ ھو سو ھٽ تان پاپن جي ٿيلهي ۽ ڪيڪ پيس وٺي اچي چلھ تي صندلي سيري ويٺو. ڪاٺين تي ديڳڙي چاڙھي، صفورا صبح جي چانھ پئي ڪاڙھي…

پاڻي ڍڪ ته ڏي، سانول مال کي گاھ پٺو ڏيئي ھاڻ کٽ تي اچي ويٺو، ننڍي پٽ صدام کان پاڻي گھريائين. صدام جيڪو نلڪي تان منھن ڌوئيندو اکيون مھٽي سڌو دلي مان پاڻي ڀرڻ ويو.

ائي ڌيءَ… چانھ ڍڪ ڪاڙھيو ھجئي ته کڻي آ.

بخار اصل جھوري وڌو اٿم… نم جي وڻ ھيٺان لال مٿو ٻڌي ليٽي پئي ھئي. تنھن جھيڻي آواز ۾ ڌيءَ کي چانھ جو چيو.

کنگهندي پاڻي جي گلاس منجھ بچيل ڍڪ ھاري، سانول پنھنجي زال لال کي چيو.

بکار (بخار) ڪانه جھوريو ٿئي پٽ جي جنڊي پاڙي جي مھڻن بيمار ڪيو اٿئي. هل ته نيرن ڪري پٽ ۽ ننھن سان ملي ٿا اچون… جي دل منجھ پٽ کي واپس وٺي اچڻ جو خيال ھجنئي ته سندس ساھورن کي چئي ڏجانءِ…

اھو ٻڌي لال جي ته ڄڻ اڌ بيماري ئي لھي وئي، يڪدم کٽ تي چستي مان اٿي ويٺي. ٻئي زال مڙس نيرن ڪري پٽ ڏانھن ويا جيڪو ساڳئي ڳوٺ منجھ ڪجھ ميٽرن جي مفاصلي تي رھيل ھو.

گھر ۾ گھڙندي ئي پٽ جي سس سان ملي لال پٽ کي پئي ھيڏانھن ھوڏانھن ڳولھيو. ايتري ۾ ڪوٺي مان سندس ننھن نڪتي، جنھن کي لال ڀاڪر پائي پٽ جو پڇيو…

چاچي سڏيان ٿي… آرام پيا ڪن.

لال جي دل ۾ پٽ جي ملڻ جي بيچيني منجھائي وڌس.

گھڙي رکي پٽ ڪمري مان نڪتو…

جنھن کي ڏسندي ئي لال روئڻ ۾ ٻڏي وئي.

ڇا ٿيو امان…؟

پٽ حيرت مان ڏسندي پڇيس.

ابا ماڻھن ماڻھين کي مھڻا ڏيئي ڏيئي بيمار ڪري ڇڏيو آھي.

آئون ته تنھنجي ساھورن کي جنڊو پاڙو لکي ڏيئي ويٺو آھيان پر ماڻھين…

پوتڙي سان منھن اگھندي سانول اھو چئي چپ ٿي ويو.

پر ڇا امان…؟

ابا آئون توکي ۽ ڪنوار کي وٺڻ آئي آھيان.

ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌي ٻڌي اصل ڪن پچي پيا اٿم.

امان ماڻھن جو ڇو ٿي سوچين، آئون ھتي بيحد خوش آھيان، سڪينه جا ماءُ پيءُ پٽ وانگر پيا ڀانئن.

ڀل ڪجھ به ٿئي، پر تون واپس ھل…

لال پٽ جي ڳالھ کي ڇڏي پنھنجي ڳالھ کي ڳنڍ ڏيئي کيس پاڻ ساڻ وٺي وڃڻ جو اچي ضد لاٿو..

ادي…!

ڀر واري کٽ تي ويٺل ننھن جو پي چوڻ لڳو…

اھو ظلم نه ڪجان…

مون ھن کي پٽ ڪيو آھي، مونک ان منھنجو پٽ نه ڇنجان…

اسان پوڙھن زال مڙسن جو سھارو آھي…

ھن کي اسان کان جدا نه ڪجان…

تنھنجو پٽ روز تو ڏانھن اچي، پر اسان کان ڏور نه ڪجانس…

پٽ لاءِ سوھري جو چاھ ڏسي، لال حيران ٿي پئي…

ادا تون رو نه، بس مون پنھنجو پٽ توکي ڏيئي ڇڏيو،

مون ماڻھن جي ڳالھين ۾ اچي غلط پئي سوچو، ھڪ دفعو به پاڻ کي توھان جي جاءِ تي رکي نه سوچيو ته مون کي پٽ جي اولاد نه ھجي ھا ته آئون به پنھنجي ڌي جي ساھورن کي ائين ئي منٿ ڪري پٽ گھران ھا…

امان ھي منھنجي بي حد عزت ڪن ٿا…

آئون ھر روز پنھنجي گھر واري سوڌي تو ڏانھن ايندس، ماڻھن جا وات پاڻ ئي بند ٿي ويندا،

اچ ته گڏجي گھر ھلون…

لال جو پٽ پنھنجي زال، ماءُ ۽ پي سوڌي گھر آيو…

آئي…

ھي ته گھر پيو اچي…

فيروزا ڀٿ تي ڇيڻان ٿڦيندي عجب مان رڙ ڪري، لال ڏانھن آئي…

ڇو ادي پٽ ڪيئن آيو اٿئي…؟

لال پنھنجي ننھن کي ڀاڪر پائي چيو، ٻئي گھر پنھنجا اٿس،

جڏھن دل چوندس ته ھيڏانھن رھندو… جڏھن دل ھوڏان ته ھتي…

ھان…!

آئي مائي معنيٰ ڪو گھر ئي نه ٿيس نه، ڪڏھن ھيڏانھن ته ڪڏھن ھوڏانھن.

فيروزا ساڙ ۾ اھو چئي واپس وئي…

لال جنھن مرڪي پٽ ڏانھن ڏسي چيو، ھاڻ مون کي ماڻھن جي ڪابه پرواھ ڪانه آھي…

ماڻھن جو ڪم ڳالھائڻ آھي ۽ پنھنجو ڪم خوش رھڻ،

صفورا اھو نئون ھنڌ ته وڇائي،

نئين ڀاڄائي ڪنوار ۽ گھوٽ ڀاءُ آيا اٿئي…

صفورا ھنڌ وڇايو…

سڀئي گھر ڀاتي پاڻ ۾ خوش ٿي ڪچھريون ڪرڻ لڳا ۽ فيروزا، ڀت تان جھاتيون پائي کين خوش ڏسي، منھن بڇڙو ڪري ڀر ۾ لڳل ٻير کي ٿوڻين ڪاوڙ مان چيو، مائي اسان جو ڇا…

پٽ به پنھنجو پرائو ٿينديس، چڱائي جو ته زماني ئي ڪونهي…

***