ايڊيٽوريلخاصنئون

ظلم جو راڄ آخر ڪيترا نصرالله گڏاڻي ماريندو!

سوال ڪرڻ هڪ وڏي جرئت جو اظهار هوندو آهي، اهو به ڪنهن طاقتور جي سامهون، ظالم جي سامهون، جابر جي سامهون. جڏهن ڪوبه ساڃاهه وند ماڻهو طاقتور کان سوال پڇي ٿو ته اهو طاقتور کي انتهائي خراب لڳي ٿو. ڇو ته جيڪڏهن هو جواب ڏئي ٿو ته مطلب اهو ته هو پاڻ کي سوال پڇندڙ جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاري ٿو ۽ کيس پنهنجي ڪيل ظلمن جو جواب ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو هو نٿو ڏيڻ چاهي. اهوئي سبب آهي جو طاقتور جو جيڪو به روپ هجي، حاڪم جو هجي، مذهبي پيشوا جو هجي، نالي ماتر استاد جو هجي، ڀوتار جو هجي، سردار جو هجي انهن پاڻ کي سوال پڇڻ کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به عام ماڻهو کي جرئت نه هجڻ کپي ته هو طاقت کان يا طاقتور کان سوال پڇي. اهي انهيءَ سوال پڇڻ واري ريت کان ايترو ته ڊنل آهن جو هو سوال ڪرڻ واري کي زنده رهڻ جو حق نٿا ڏيڻ چاهين.
اهڙو ئي واقعو هڪ دفعو ٻيهر اسان کي ميرپورماٿيلي اندر نظر آيو. هڪ ٻيو صحافي طاقتورن کان سوال پڇڻ جي ڏوهه ۾ ماريو ويو آهي. شهيد نصرالله گڏاڻي جو ڏوهه صرف ايترو هو ته هن معاشري جي مظلوم طبقن جي لاءِ ڏاڍن کان سوال پڇيا هئا، انهن تي سوال اٿاريا هئا ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته سندس آواز کي چيڀاٽيو نه وڃي. اهڙي قسم جي بيباڪ صحافين کي طاقت خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن اهي بي بها ماڻهو اَملهه هوندا آهن ته پوءِ کين ماريو ويندو آهي. طاقت وٽ سواءِ ان هٿيار جي ٻيو ڪهڙو هٿيار آهي. ڇو ته هو سوال جي طاقت کان ڊنل هوندا آهن، هو نه چاهيندا آهن ته معاشري جا ماڻهو سوال ۽ جواب جي بحث کي سمجهي سندن مخالف ٿي بيهن. سنڌ سرڪار جي مٿان شهيد نصرالله گڏاڻي جو خون هڪ ڪارو داغ آهي، ڪوشش ڪري کيس جلد کان جلد اهو داغ ڌوئڻ گهرجي ۽ نصرالله گڏاڻي شهيد جي قاتلن کي ڀلي پوءِ هو ڪيترو به طاقتور هجن قرار واقعي سزا ڏيارڻ گهرجي. هتي اسان اهو به ذڪر ڪنداسين ته ڪجهه وقت کانپوءِ نالي ماتر منٿ ميڙ قافلا جرڳائي سردار سياسي اڳواڻ هڪ سردار کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪندا. هن وقت به ظلم جي انتها اها آهي جو نصرالله گڏاڻي جي قتل کان هڪ هفتو پوءِ ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي ۽ اها به نامعلوم ماڻهن تي ڪٽي وئي آهي. جڏهن ته مشڪوڪ ماڻهو به ظاهر نه ڪيا ويا آهن ۽ يقينن ان قسم جي ايف آءِ آر ڪٽڻ جو مقصد ڪنهن مظلوم جو خون لوڙهڻ هوندو آهي. هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته هن جي قتل جي ايف آءِ آر پوليس جي مدعيت ۾ درج ڪئي وڃي ها ته جيئن سندس مائٽ دٻاءُ ۾ نه اچن ها، پر هاڻي به ايتري ته زيادتي ڪئي وئي آهي جو نامعلوم فردن جي نالي تي ايف آءِ آر ڪٽرائي مظلوم جو خون لوڙهيو ويو آهي. هتي سوال انهن جرڳائي ماڻهن کان به ڪجي ٿو ته ڇا اوهان جا ڪيل فيصلا جن ۾ توهان مقتول ڌر کي خون بها وٺي ڏيو ٿا، هن قسم جي ظلم کي روڪين ٿا؟ جواب آهي نه. هنن بدمست ظالمن کي جيڪڏهن سندن ڪڌي ڪم جي سزا نه ملندي ته پوءِ هو نه سڌرندا ۽ انهن کي ڏسي ٻيا سردار پڻ بدمست ٿيندا رهندا، ماڻهو ماري ان جو خون بها ڏيندا رهندا، ڇو ته انهن وٽ ناڻي جي ڪمي ته آهي ڪونه. سنڌ سرڪار جي پت پڻ وائکي ٿي ويندي ته هو سنڌ جي عوام سان جنهن جي ووٽ جي ذريعي کين حڪومت جي طاقت ملي ٿي، ڪيتري سچي آهي! سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام سان بيٺل آهي يا انهن بدمست سردارن سان، جيڪي انهن غريبن کي انسان نٿا سمجهن. هو سمجهن ٿا ته هي ماڻهو ايئن ئي آهن جيئن سندن زمينن تي شڪار گاهه ٺهيل هوندو آهي ۽ هو پکين ۽ جانورن جا شڪار ڪندا وتندا آهن، ايئن ئي هو ماڻهن جو شڪار ڪري رهيا آهن.
قانون کانسواءِ ڪهڙو هٿيار آهي جنهن سان اهڙن انسانيت دشمن حيوانن کي روڪي سگهجي. قانون خاموش آهي، رياست به خاموش آهي ۽ عوام به خاموش آهي ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ غريب ۽ مظلوم خاندان کي انصاف ملي سگهي. سنڌ جو عوام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کان مطالبو ٿو ڪري ته هن ڪيس جو سوئوموٽو ايڪشن ورتو وڃي ته جيئن مظلوم جي داد رسي ٿئي ۽ ظالم کي انجام تائين پهچايو وڃي.
***