بلاگخاصنئون

قانون جي اهميت ۽ استعمال

ناانصافي وارو قانون، ڪنهن به صورت ۾ قانون نه آهي: (سينٽ آگسٽين)
1. اهميت:
قانون ماڻهن لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. قانون کانسواءِ سماج هڪ جهنگ وارو ڏيک ڏيندو آهي. قانون انسان پنهنجي ضرورت مطابق ٺاهيندو آهي ته جيئن اهو پنهنجي سلامتي، امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي. قانون کانسواءِ انساني تهذيب اڳتي وڌي نٿي سگهي. رڳو قانون جو هجڻ ڪافي ناهي، پر قانون جو انصاف ڀريو هجڻ لازمي آهي. دنيا ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪ وجود رکن ٿا ۽ اُهي سڀ قانون جي تابع آهن. قانون کانسواءِ ڪنهن به انساني آباديءَ کي سماج نٿو چئي سگهجي. ان ڪري اسان اِهو چئي سگهون ٿا ته قانون سماج جي بنيادي ضرورتن مان هڪ اهم ضرورت آهي.
جڳ مشهور فرينچ فلاسافر رُوسو (1712-1778) جي مطابق انسان آزاد ٿي پيدا ٿيو آهي، پر هُو هر طرف کان زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي. پر مون سميت ڪيترن ئي سوچيندڙ ذهنن جي خيال مطابق انسان انصاف وارن قانونن جي موجودگي ۾ ئي آزاد آهي. ان لاءِ سماجي معاهدي جي باني انگريز فلاسافر جان لاڪ هٿي ڏئي ٿو ته جتي قانون ناهي اُتي ڪابه آزادي نه آهي.
يوناني فلاسافر ارسطو (484 ق-م) ته اڃان اڳتي وڌي چئي ٿو ته ماڻهو سڀني جانورن کان افضل آهي، پر هن کي جيڪڏهن قانون ۽ انصاف کان جدا ڪيو وڃي ته هو (جانورن کان به) بدترين آهي. انارڪسٽ نظريي مطابق ته رياست (معنيٰ قانون) قطعي نه هجي، پر انهن کي اها ڄاڻ نه آهي ته رياست يا قانون جي غير موجودگي ۾ سماج مڪمل جهنگ جي شڪل اختيار ڪندو.
2. سماج جي تاريخ:
جيئن ته سماج ۽ قانون جو تاڃي پيٽي وارو ناتو آهي. ان ڪري پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي سماج جي تاريخ ٻڌائڻ ضروري آهي. 13.8 بلين سال اڳ(Big Bang) يا وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ هي ڪائنات ٺهڻ شروع ٿي. اسان جي زمين اٽڪل 4.5 بلين سال اڳ ٺهي ۽ جديد انسانHomo Sapiens ٻه کان ٽي لک سال اڳ آفريڪا ۾ پيدا ٿيو. 3000 کان 4000 سال قبلِ مسيح ۾ انساني تهذيب جي شروعات ٿي، جنهن ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب، دجلا فرات جي تهذيب ۽ مصر جي تهذيب اچي وڃن ٿيون.
ڏٺو وڃي ته 10،000 سال ق-م ۾ انسان تيزيءَ سان ترقي ڪئي جنهن ۾ زراعت، مال پالڻ، ڳوٺ ۽ شهر ٻڌڻ شروع ڪيا. 5500 ق-م پهريون آباد سماج(Settled Societies) دجلا فرات ۽ سنڌو تهذيب ۾ ڏسڻ ۾ آيو ۽ ائين جتي جتي انسان دنيا جي گولي ۾ لڏپلاڻ ڪري آباد ٿيڻ لڳا اُتي پنهنجا سماج ٺاهي رهڻ لڳا ۽ يقينن سماج سان گڏ قانون به جنم ورتو. اڄ 2024 ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪ/سماج زمين جي ٽڪري تي موجود آهن، جن کي قانون هلائي ٿو.
3. قانون جي تاريخ:
قديم يوناني قانون، جيڪو يوناني ڳالهائيندڙ ماڻهن پاران هومر (425- 484) ق-م جي زماني کان وٺي ڪلاسيڪل دور تائين خاص طور تي چوٿين ۽ پنجين صدي ق-م ۾ ايٿن جي قانون طور هلندو اچي پيو. ائين شهري رياست جي قانون تي يوناني عمل ڪندا رهيا. يونان کانپوءِ روم ۾ 6 صدي عيسوي ۾ 12 تختين وارا قانون مشهور ٿيا. روم جي شهنشاھ جسٽائين (483-565) سڀ قانون هڪڙي جڳھ تي گڏ ڪري، جنهن کي ڪوڊ آف جسٽين چيو وڃي ٿو، جي شڪل ۾ ظاهر ڪيا ويا.
روم جي شهنشاهيت ختم ڪرڻ کانپوءِ يورپ جي وچ وارو دور جنهن کي ڪارو دور به چيو وڃي ٿو ان ۾ مذهبي قانون رائج ٿي ويا. مثال طور؛ سينٽ آگسٽين (354-430) چيو ته “نا انصافي وارو قانون، ڪنهن به صورت ۾ قانون نه آهي.” ۽ 13 صديءَ ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جان ۽ جاگيردارن جي وچ ۾ هڪڙو عهدنامو ٿيو جنهن کي ميگناڪارٽا سڏيو وڃي ٿو. جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته انگلينڊ ۾ ڪو به فردُ، ڀلي اهو بادشاھ ڇو نه هجي قانون کان مٿي نٿو ٿي سگهي.
مختلف ملڪن ۾ بادشاھن جا حڪم هلندا هئا. ثقافتي ريتون طاقتور هيون يا مذهبي قانون سماجن کي قابو ڪيو ويٺا هوندا هئا، پر سماجي معاهدو (1689)، انگلينڊ جو گلوريس (شاندار) انقلاب (1688)، آمريڪي انقلاب (1776) ۽ فرينچ انقلاب (1789) آيو. جنهن جي نتيجي ۾ قانون ٺهڻ جو اختيار، بادشاهن ۽ مذهبي عالمن کان ڦري عوام کي مليو. جنهن ۾ جمهوريت، آئين ۽ انساني حقن جهڙا قانون ٺهڻ شروع ٿي ويا.
4. قانون جي وصف:
قانون جيئن ته سماجي سائنس جو حصو آهي ان ڪري مختلف ماهرن ان جي جدا جدا وصف ٺاهي آهي. ڪيمبرج ڊڪشنري مطابق، حڪومت پاران ٺاهيل قاعدن تي سماج ڪيئن عمل ڪري ٿو يا اهڙن قاعدن جو نظام، جيڪڏهن ماڻهو ان کي نٿا مڃين يا ان تي عمل نٿا ڪن ته انهن کي خاص سزا جو حڪم ڏئي ٿو.
جڳ مشهور قانوندان انگلينڊ جي جان آسٽن، (1790-1859) جي قانون جي وصف ٻڌائي ٿي ته “قانون قاعدن جو هڪ مجموعو آهي جيڪو سياسي طور تي هڪ اعليٰ عهدي تي ويٺل فرد طرفان ٺاهيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح، هي وصف قانون جي قاعدن جي مجموعي طور وضاحت ڪري ٿي جنهن جي هر ماڻهو پيروي ڪندو، ڀلي اهو ڪير به هجي.”
گهڻو ڪري انهن سڀني وصفن جي تشريح هي آهي ته ڪنهن خاص سرحدن جي اندر شهرين کي اهڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي جو هو اُتان جي قاعدن ۽ قانونن تي عمل ڪن ۽ انهن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ان جي ذميوار ماڻهن کي سزائون ڏنيون وڃن.
5. قانون جا قسم:
عام طرح، تي قانون جا ٻه قسم آهن: قدرتي قانونNatural Law ۽ مثبت قانونPositive Law
(الف) قدرتي قانون:
قدرتي قانون هڪ فلاسافي وارو نظريو آهي، جنهن مطابق هر انسان جا حق، اخلاقي قدر ۽ ذميواريون ان جي شخصيت جي ملڪيت آهن. قدرتي قانون آفاقي/عالمگير آهن ۽ ڪنهن به ثقافت ۽ روايت کان مٿي آهن. قدرتي قانون ڪنهن به سياسي نظام يا قانون سازي جو محتاج نه آهي.
قدرتي قانون ۽ مثبت قانون ۾ هي فرق آهي ته قدرتي قانون انساني ورتاءُ کي ظاهر ڪن ٿا. جنهن ۾ اخلاقي معيار موجود آهن. ان جي برعڪس مثبت قانون انسانن جا بڻايل قانون آهن جيڪي ماڻهو پنهنجي ضرورت تحت ٺاهيندا آهن.
قدرتي قانون جا هيٺيان قسم آهن:
1. انساني وقار جي حفاظت
2. چوري، قتل يا جسماني نقصان کان بچاءُ
3. پنهنجو بچاءُ ڪرڻ
4. واعدن ۽ معاهدن جو احترام ڪرڻ
5. سچائي ڳولهڻ
6. ذاتي زندگي جو احترام
7. انصاف جو عمل
8. رحمدلي ۽ همدردي
9. ذاتي ملڪيت رکڻ
10. پاڻ کي خوش رکڻ
قدرتي قانون جي تصور تحت سڀني انسانن کي زندگي ۽ آزاديءَ جو حق مليل آهي ۽ انهن جو احترام ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.
(ب) مثبت قانون:
مثبت قانون جو نظريو ٻڌائي ٿو ته اُهو قانون آهي جيڪو سياسي اختياري يا قانون ٺاهيندڙ اُهو ٺاهين ٿا. مثبت قانون کي وڌائڻ ۾ مشهور انگريز قانوندان جان آسٽن (1790-1859) اهم ڪم ڪيو. هن واضح ڪيو ته (وڌ ۾ وڌ انساني خوشي پيدا ڪرڻ) مثبت قانون جو مقصد آهي. جان آسٽن انگريزي قانوندان جيريمي بينٿم (1748-1832) کان متاثر ٿي پنهنجو نظريو ڏنو ته قانون وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي خوشيون ڏي.
مثبت قانون لاءِ ضروري آهي ته سياسي اختياريون قانون پاس ڪري رياستي زور سان ان تي عمل ڪرائين. مثبت قانون، قانون جي حڪمراني جي بالادستي تي ٻڌل هوندو آهي. هن نظريي جي مطابق سماج کي قانون جي نظام تحت هلايو وڃي نه ڪي ڪنهن حڪمران يا ڊڪٽيٽر ذريعي ڀلي اهو ڇو نه ڏاهو ۽ سٺو انسان هجي.
مثبت قانون جا هيٺيان قسم آهن:
1. آئيني قانون:
هي قانون حڪومتي ادارن جي جوڙجڪ ۽ ڪم کي سنڀاليندو آهي، رياست ۽ فرد جي وچ ۾ لاڳاپن کي بيان ڪري ٿو، ۽ بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو.
هي قانون حڪومتي ادارن جي جوڙجڪ ۽ ڪم کي سنڀاليندو آهي، رياست ۽ فرد جي وچ ۾ لاڳاپن کي بيان ڪري ٿو، ۽ بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو.
2. فوجداري قانون:
هي قانون چوري، قتل وغيره جي ڏوهن خلاف ٺاهيو ويو آهي.
3. سول قانون:
هي قانون خانگي ماڻهن ۽ ادارن جي وچ ۾ تڪرارن کي نبيريندو آهي، جهڙوڪ: معاهدو، ملڪيت، خانداني رشتا ۽ ٽارٽس (سول غلطيون، جيڪي نقصان يا زخم جو سبب بڻجن ٿيون).
4. انتظامي قانون:
هي قانون حڪومت جي انتظامي ادارن جي سرگرمين کي منظم ڪري ٿو، جنهن ۾ قاعدا ٺاهڻ، ضابطن جو نفاذ ۽ فيصلا شامل آهن.
5. تجارتي قانون:
هي قانون ڪاروباري شعبي ۾ استعمال ٿيندو آهي، اهو واپار ۽ واپار سان لاڳاپيل ضابطن تي مشتمل آهي، بشمول معاهدو، وڪرو ۽ ڪارپوريٽ گورننس.
6. مزدور ۽ روزگار قانون:
هي قانون ملازمن جي لاڳاپن سان تعلق رکي ٿو، جهڙوڪ: اجرت، مزدورن جي جسماني حفاظت، تبعيض ۽ اجتماعي معاهدا.
7. ماحولياتي قانون:
هي قانون ماحول جي تحفظ تي ڌيان ڏئي ٿو. جنهن ۾ آلودگي تي ڪنٽرول ڪرڻ، وسيلن کي بهتر استعمال ڪرڻ ۽ موسمي تبديلي جي نقصان کان بچاءُ ڪرڻ.
8. خانداني قانون:
خانداني لاڳاپن لاءِ هي قانون ڪم ڪري ٿو، جهڙوڪ: شادي، طلاق، ٻار جي نگهداشت ۽ گود وٺڻ.
9. بين الاقوامي قانون:
قومن جي وچ ۾ لاڳاپن لاءِ هي قانون ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ معاهدا، بين الاقوامي واپار، انساني حقن، ۽ تڪرار جا حل ڪڍڻ شامل آهي.
10. تخليقي ملڪيت جو قانون:
پيٽرن، ٽريڊ مارڪ، ڪاپي رائيٽ ۽ واپاري رازن کي منظم ڪندي تخليق ڪندڙن ۽ موجدن جي حقن جي حفاظت ڪري ٿو.
مٿين قانونن کانسواءِ ٻيا ڪيترائي شعبا آهن جن لاءِ مختلف قانون ٺهيل آهن.
6. قانون جو استعمال:
جنهن به ملڪ يا سماج ۾ سٺا ۽ انصاف وارا قانون رائج آهن ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ته شهرين کي هيٺيان فائدا ملي سگهن ٿا.
1. سماج ۾ نظم و ضبط پيدا ٿئي ٿو.
2. شهرين جي حقن جي حفاظت ٿئي ٿي.
3. شهرين جي وچ ۾ يا شهرين ۽ حڪومت جي وچ ۾ اڀرندڙ تڪرارن جو انصاف ڀريو نبيرو ٿئي ٿو.
4. ڏوهن کي ٻُنجو اچي ٿو.
5. معاشي ترقي جنهن ۾ آمدني ۽ روزگار جا موقعا ملن ٿا.
6. شهرين کي سماجي انصاف ملي ٿو.
7. آفتن، بيمارين، وبائن ۽ ٻين نقصانن کان عوام جو بچاءُ ڪري ٿو.
8. حڪومت طرفان ٿيندڙ زيادتين ۽ غير جمهوري قدمن کان شهرين جي حفاظت ٿئي ٿي.
9. عالمي سطح تي جنگين ۽ قتلِ عام جي روڪ ۽ عالمي معاهدن جو احترام ٿئي ٿو.
7. پڄاڻي:
وقت سان گڏ سماج ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون ۽ ان سان گڏ قانون به تبديل ٿين ٿا. ڪي قانون مدي خارج ٿين ٿا ڪن ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ ڪي نوان قانون ٺهن ٿا. مثال طور: موسمي تبديليءَ کان بچاءُ جا قانون، هٿرادو ذهانت جي نقصانن کان بچاءُ، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کان روڪ، جين ايڊيٽنگ جي غير اخلاقي تحقيق کان بچائڻ لاءِ نون قانونن جي ضرورت پوي ٿي. قانون تي هلڻ، قانون تي عمل ڪرڻ، قانون جو بچاءُ مجموعي طور شهرين جو فرض آهي ۽ حڪومت طرفان قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ سماج ۾ فاشزم جنم وٺندو. ان لاءِ ضروري آهي ته سياسي تنظيمون، سول سوسائٽي، قانوندان، تحقيقي ادارا ۽ عام شهري قانونن جي نظرداري ڪن ۽ نئين تخليق سان سٺي قانون سازيءَ لاءِ حڪومت کي صلاحون ڏين. انساني آزادي جيئن جان لاڪ يا ارسطو چيو ته قانون انسان جي زندگي ۽ آزادي جي ضمانت آهن.
***