(ھاورڊ موئر کي سڀ کان پھريان سنڌيءَ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب متعارف ڪرايو هو. جويي صاحب “وحشي جيوت جا نشان” جي نالي سان سندس انگريزيءَ جي ڪتابSavage Survivals جو ترجمو ڪيو هو، جنھن ڪتاب کي ترقي پسند ۽ روشن پسند حلقن ۾ وڏي پذيرائي حاصل ٿي هئي. ھاورڊ موئر صاحب آمريڪا جو چوٽيءَ جو مڃيل ماهر علم حيوانيات، فيلسوف، تعليمدان، جانورن جي حقن جو محافظ ۽ سماج سُڌارڪ هو. هُن ڪيترائي شاندار ڪتاب لکيا. هي سندس ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو “وحشي جيوت جا نشان” کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمي جي صورت ۾ اچي رهيو آهي. “اخلاقيات ۽ تعليم”(Ethics and Education) نالي اهو ڪتاب تعليمي ۽ اخلاقي فلسفي کي ارتقا جي نظر سان ڊسڪورس هيٺ آڻي ٿو. موئر صاحب جي هن اهم ڪتاب جو ترجمو سِڌيءَ طرح انگريزي ٻوليءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيو ويو آهي. مترجم: ڪ.ج).
اسڪول ۽ ارتقا:
اسان ڌرتيءَ تي آزاد آھيون. اسان ڪجھه شين کي نظر انداز ڪيو آھي ته اتي ڪجھ شين جي انتھا تائين ويا آھيون. انسانيت ھڪ ھُجوم يا ميڙ جو نالو آھي. اسان پنھنجن سوچيل سمجهيل منصوبن جي ڀيٽ ۾ اتفاقن گھڻو ڪجھه حاصل ڪري وٺندا آھيون. اسان تصوير ڪڍڻ جو علم ۽ سائنسي طريقو ايجاد ڪيو آھي ۽ ھاڻ اڏامڻ جي لاءِ تيار آھيون (ليکڪ 1912ع جي ڳالھه ڪري پيو، جنھن سال سندس ھي ڪتاب ڇپيو). اسان فصل لڻڻ واري ڏاٽي ۽ ڪارخاني ۾ ڪپڙي اُڻڻ واري آڏواڻي کي مشينن ۾ تبديل ڪيو آھي ۽ آسماني کوجنا ۾ ايترا ته ڀڙ ٿي ويا آھيون، جو اسان دنيا جي ساخت بابت ايترو ته ڏور تائين ٻڌائي سگھون ٿا، جو اتان کان روشنيءَ کي اسان تائين پھچڻ ۾ صديون لڳي وينديون. مرد ۽ عورت جي ڪم ڪار جي حوالي سان اسان اڃان پراڻا ڪُل پُرزا ۽ ساڳيا پراڻا نسخا استعمال ڪري رھيا آھيون، جيڪي سوين سالن کان انسان استعمال ڪندو رھيو آھي. کِنوڻ تي قابو پائڻ، فصلن جي اُپت وڌائڻ ۽ سِتارن تائين پُھچڻ جي جُنون سبب، اسان خود کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي. جيڪڏهن اسان مستقبل ۾ پنھنجي پاڻ کي معروضيت جي بنياد تي گھڻي حد تائين پيش ڪري سگھون ٿا، شفافيت ۽ غير جانبداريءَ سان گڏ، جنھن سان اسان کي ايندڙ وقت ۾ ڏٺو ويندو ته جنھن عمل کي اسان تعليم چئون ٿا، اھو ايتري قدر اڻ پورو، ٻاراڻو ۽ بيوقوفاڻو لڳندو، جو اسان جي لاءِ گھري غم ۽ حيرت جو سبب بڻجندو. اسان کي اھڙي اصلاح پسند نگران جي ضرورت آھي، جيڪو انساني ترقيءَ جي سڄي شعبي کي ڏسي ۽ مختلف شعبن جي وچ ۾ ڳانڍاپو آڻي، سست پيش قدمي ڪندڙن کي اتساھي، تجربن کي منظم ڪري ۽ سڀنيءَ کي متحد ۽ منور ڪري. اسان سڀ ھڪٻئي سان بنھه ٿورڙي تعاون ۽ اجتماعي مقصدن کي گھٽ سمجھڻ سبب ڪنھن ٻيءَ جاءِ ڏانھن ڀٽڪي ويا آھيون. اسان جي مُطالعي جا نصاب ڊارون کان اڳ جا آھن. اھي بي خبريءَ ۾ ترتيب ڏنا ويا ھئا. اھي تصور جي اونداهي دور ۾ تڏھن ترتيب ڏنا ويا ھئا، جڏھن انساني سمجھه ارتقا جي علم سان اڃان روشن نه ٿي ھئي. انھن جو بنياد ان مفروضي تي بيٺل آھي ته اوائلي انسان ٻين سڀني جانورن جي ڀيٽ ۾ ھن دنيا ۾ پاڪ صاف ۽ بي عيب آيو آھي ۽ کيس صرف چمڙيءَ کي صاف ڪرڻ جي موقعن جي ضرورت آھي. انسان جي بُڻ بُنياد ۽ وراثت جا عظيم سچ نظر انداز ڪيا ويا آھن. اسان جي ٻن پيڙھين کي ھاڻ وڃي ڪا خبر پئي آھي ته انسان جي ابتدا ايتري پُرنُور نه ھئي، جيترو سمجھي پئي وئي. نين سچائين جي انقلابيت جي اھميت جون حامل ھجن، انھن سان، پنھنجو پاڻ کي موافق بنائڻ ۾ اسان ڏاڍا ڪاھل آھيون، ڇو جو اسان جو سڄو تعليمي نظام اڃان تائين ان مفروضي کي ھٿي ڏئي ٿو ته انساني ڪردار جو خام مال آسماني آھي. تاريخ جتي ڪٿي اونداھيءَ ۾ لکي وئي آھي. ھر سڌريل انسان پنھنجي باقيات جا نشان پوئتي ان وقت تائين ڳولي سگھي ٿو، جڏھن ڌرتيءَ تي ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ وحشي قبيلا يا نيم وحشي وڏڙا رھندا ھئا. آمريڪي لوڪ ۽ انگريز پوئتي اينگلس، سيڪسنس ۽ جُيوٽ ڏانھن وڃي سگھن ٿا، اھي ٽئي نيم وحشي قبيلا بالٽڪ جي لامحدود سرحدن کان پندرهن صديون اڳ انگلستان ۾ آيا ھئا. فرينچ لوڪ گالس جو اولاد آھن. جولئس سيزر پنھنجي ڪتاب “ڪامينٽريز” ۾ انھن قبيلن کي جنگي جنون ۽ وھمن وسوسن ۾ اعتقاد رکندڙ قبيلا قرار ڏنو ھو. جرمن لوڪ کھرا ۽ جھنگلي قبيلا ھئا، جي اتر پاسي کان روم جي حڪومت سان وڙھڻ جي لاءِ نڪتا ھئا؛ اھي سمبري، گاٿس ۽ وينڊلس قبيلن جي باقيات آھن ۽ سڀ آريائي نسل، انگريز، فرينچ، جرمن، يوناني، اطالوي، روسي، رومن، اسڪينڊي نيوين ۽ ايراني نسل جي موروثيت جا نشان، عام ٻولين ۽ روايتن جي حوالي سان ان دور ڏانھن وڃن ٿا، جڏھن اھي بي گھر خانا بدوش قبيلا ٽولن جي صورت ۾ جدوجھد ڪندا، ايشيا جي علائقن ۾ رُلندا ڦِرندا ھئا. توھان ڪجھه ھزار سال پوئتي ماضيءَ ۾ ھليا وڃو ۽ اتي ڏِسندا ته اسان جي نسل جي نمائندگي ڪندڙ مخلوق اسان کان گھڻو مختلف ھوندي، گھڻو ڪري خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ اھڙي سادگيءَ ۾ جڪڙيل، جي اسان جي اڄ روڊ تي ساڻن ملاقات ٿي وڃي ته ھوند پياري زندگيءَ جي واسطي کانئن ڀڄي جان ڇڏايون. انسان آسمان مان نه لٿو آھي. ھو جھنگ مان آيو آھي. اسان سج جو اولاد نه آھيون. اسان بن مانس جو اولاد آھيون. انسان جانور آھي. ھن نفسيات ائين حاصل ڪئي، جيئن ھن پنھنجي ريڙھه جي ھڏي حاصل ڪئي. اھا ھن جي ايجاديت يا پيدا ڪاري نه ھئي، اھا کيس ڏني وئي ھئي. انساني فطرت جا لاڙا ساڳيا لاڙا آھن، جيڪي جانور جي نفسيات جو ھر جاءِ تي بنياد ٺاھين ٿا. سيڪس جي جبلت، خود غرضيءَ جي جبلت، مامتا جي جبلت، پالنا جي جبلت ۽ ٻيون جبلتون ايتريون ته پراڻيون آھن، جيترو پراڻو حياتيءَ جو جيو مادو آھي. سڌريل انسان، وحشي لوڪن کان ڪي الڳ نسل جا نه آھن. وحشي انسان، جھڪيل ۽ نظر انداز ڪيل مخلوق جي ارتقائي صورت آھن. ويندي لکيل پڙھيل اعليٰ طبقي جا ماڻھو به سطحي تھذيب يافتا آھن. روسي ماڻھوءَ کي کرڙيندؤ ته ان جي اندران تاتاري نڪري ايندو. مھذب ڏيک ڏيندڙ ۽ بناوتي نمائش رکندڙ انسانن کي کرڙيندؤ ته توھان کي ڪرھت ڏيندڙ شيءِ سان واقفيت ٿيندي، جنھن کي ڌرمي پسمنظر ۾ رکڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اسان انسان صاف شفاف ھجون ھا ۽ سڀئي خيال ۽ احساس پسي سگھون ھا (جيڪي اسان جي پوشيده من اندر ۾ سفر ڪن ٿا) ۽ ڄاڻي سگھون ھا ته ڪيئن نه اسان پنھنجن اونداھن پاسن کي لڪائي، صرف روشن پاسا ڏيکاريون ٿا. اسان واقعي به مصنوعي مخلوق آھيون ۽ اسان اندر جي ڀيٽ ۾ ٻاھران ڪيڏو نه خاص ۽ چمڪ وارو ڏيک ڏيون ٿا! انساني فطرت جو اندريون پاسو گھڻي ڀاڱي غير مھذب آھي. ائين جيئن ابسين جي گيتن واري خط ۾ ھڪ جھاز ھوندو آھي، جنھن ۾ تھذيب ان جھاز ۾ پنھنجو مُڙدو کڻندي آھي. اساسي جبلتون ۽ جذبا اسان کي ورثي ۾ وحشي لوڪن ۽ جانورن کان مليا آھن. تعليمدانن وٽ ان مسئلي کي منھن ڏيڻ لاءِ سواءِ ڪاروباري جدوجھد جي، ان حقيقت جي سڃاڻپ لاءِ ڪوبه خاطر خواہه نظام نه آھي. انساني فطرت جو تمام سخت ۽ ڊيڄاريندڙ سچ (سندس) حيوانيت آھي، پر تنھن ھوندي به اھو سچ ھڪ پيڙھيءَ کان ٻي پيڙھيءَ تائين اسان جي نصاب مان گم آھي. اھو ائين آھي، جيئن ان حقيقت نالي ڪا شيءِ ڪڏھن به دريافت ئي نه ٿي ھجي. ان سچ کي نوجوانن جي لاءِ ترتيب ڏنل نصاب کان پري رکيو ويو آھي. اھو انساني سمجھه ۽ اظھار تي تلخ چٿر آھي. ارتقا جي حادثن، تعليمدانن کي، جيڪو ڪم ڪرڻ جي لاءِ سونپيو ھو؛ سي ان کي سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام رھيا آھن.
اخلاقي تربيت جي اھميت:
اسان جي تعليمي سلسلي جو وڏي ۾ وڏو نُقص “اخلاقي عنصر” جي گھٽتائي آھي. اوائلي يُونانين ۾ تعليم بنيادي طور طبعي ھوندي ھئي. اھا “جنگ جي لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ” ھوندي ھئي. تربيت جو ٻيو رُخ، جو خاص ڪري اٿينس ۾ مشھور ھو، ان فلسفي ۽ جماليات جو پايو وڌو. رومن جي تعليم عسڪري ۽ فصاحت واري ھئي، جا وچئين عھد ۾ مذھبي ھئي. گذريل چار سئو سالن ۾ تعليمي کيتر ۾ اھم ڳڻتي “فڪر جي اوسر” رھي آھي. گذريل ھڪ يا ٻن ڏھاڪن ۾ ائين ٿيو آھي، جو اسان تعليم ۾ ھٿ ۽ مٿي کي ته شامل ڪيو آھي، پر انسان جي “دل” کي نظر انداز ڪيو آھي. انسانن جي هڪٻئي سان ۽ زمين تي رھندڙ ٻي مخلوق سان درست “تعلقاتن جي تعليم” کي شاگردن جي لاءِ ترتيب ڏنل نصاب ۾ اھم جڳھه ملڻ گھرجي. عام فھم جي اک سان ڏسجي ته ڇا ان کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ اھم آھي؟ ڇا دنيا جون سڀئي تڪليفون سڌيءَ طرح اسان جي وچ ۾ موجود غير تھذيب يافتا تعلقاتن جي ڪري نه آھن؟ فطرت جون عظيم قوتون، طوفان، ٻوڏون، زلزلا ۽ اھڙيءَ طرح نا انصافي، ڏوھه، غربت، بي رحمي ۽ نا مھرباني، جيڪي اسان جي دنيا کي پيڙا ۽ ڏک سان ڀرين ٿيون، ڇا اھي ڪافي نه آھن؟ چيو ويندو آھي ته “ھڪ ماڻھوءَ جو ٻئي ماڻھوءَ سان بي رحمي ۽ خراب ورتاءُ سان پيش اچڻ، ھزارين ماڻھن کي غم ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آھي.” اسان ان کي وڌائيندي چئون ٿا ته “ماڻھوءَ جو ٻي مخلوق سان بي رحميءَ سان پيش اچڻ، لکين ساھ واري جيوت کي دُکي ڪري ڇڏيندو آھي.” ھن ڌرتيءَ تي رھندڙ اربين ماڻھن کي جيڪڏهن اھڙن عملن کان روڪي ڇڏجي، جنھن سان ٻين جي خوشي خراب ٿئي ته ان لمحي ئي ڌرتي تبديل ٿي ويندي. دنيا کي بھتر بنائڻ لاءِ اسان وٽ ھزارين نظريا آھن. اسان ڏينھن رات فطرت جي عظيم قُوتن کي سمجھڻ ۽ وس ۾ ڪرڻ جي جدوجھد ڪريون ٿا، پر جي صرف ھڪ ڀيرو پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون ۽ دُرست دڳ وٺون ته ھوند اھو ايندڙ ھڪ ھزار سالن تائين وڏي ۾ وڏو قدم ھوندو. ستارن کي ماپي سگھڻ جي سگھه به بھتر شيءِ آھي، پر اھا “انصاف ڏانھن لاڙي” کان وڌيڪ اھم نه آھي. توھان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول ۾ جرمن، جاگرافي يا الجبرا پڙھايو ۽ ساڳئي وقت، ساڳئي جذبي ۽ اورچائيءَ سان اخلاقيات ۽ انسانيت پڙھايو ۽ انھن ٻنھي الڳ الڳ سبجيڪٽن جو ٻارڙن جي ذھنن تي پوندڙ اثر جو تقابلي جائزو وٺو. ڇا ان ۾ ڪو شڪ آھي ته ڪھڙو سبجيڪٽ وڌيڪ فائديمند رھندو؟ انسان ڀلي ڪيترو به جرمن، جاميٽري يا علم حيات جو ماھر ٿي وڃي، پر نيٺ به ھو وحشي ئي رھندو. حقيقت ۾ اخلاقي ڪردار کان وانجھيل “پڙھيل لکيل” انسان اڻ پڙھيل کان وڌيڪ ڄٽ ۽ جاھل آھي. تعليم ته بديءَ جي آڏو انفرادي سگھه کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جو نالو آھي. علم سان برائيءَ کي ختم ڪرڻ، ڄڻ راڪاس کي ڏند ڏيڻ برابر آھي. عقل کي آرام ڪرڻ ڏيو يا مھذب بڻايو، اھو توھان جي مٿان آھي. اسان کي نئين سائنس ۽ نئين جذبي جي ضرورت آھي. اسان کي علم جا نصاب ۽ متن اھڙي نموني تيار ڪرڻا پوندا، جو اھي ناقص انساني وراثت کي درست ڪري سگھن. ٻار کي ذھين بنائڻ سان گڏوگڏ نظرثاني به گھربل آھي. عقلي ۽ جذباتي رُغبتن کي سائنسي ۽ دستوري طور جدا ڪندي، بڇڙائيءَ جون پاڙون پٽجن ۽ سٺائيءَ کي ساراھڻ گھرجي. علم جون درسگاهون اصلاح پسنديءَ جا مرڪز ھئڻ کپن.