چين، صدر ٽرمپ پاران ڀارت سان ٽياڪڙي واري آڇ کي رد ڪري ڇڏيو

China rejects President Trump’s offer to tie up with India
چين ڀارت سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي واري آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪورونا ويڪيسين بابت چيني حڪومت چيو آهي ته اسان جو ملڪ جيڪڏهن ويڪسين ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته ان کانپوءِ عالمي تعاون کي وڌايو ويندو. بيجنگ ۾ نيوز ڪانفرنس دوران ڊانگ جي گانگ چيو ته چين عالمي عوامي ڀلائي جي لاءِ ويڪسين جي دستيابي يقيني بڻائيندو ته جيئن ان سان سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي مريضن جو علاج ٿي سگهي. چين جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته اختيارين مسافرن جي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ فاسٽ ٽريڪ داخلا جا انتظام ڪري رهي آهي. ڀارت سان تڪرار بابت ٽرمپ جي آڇ تي چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت سان تڪرار ۾ آمريڪا پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪنهن ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي جي ڪابه ضرورت ناهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي، هن چيو هو ته آمريڪا، چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحدي تڪرار گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.