نئون

پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي امداد مهيا ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جون تياريون

آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عيوضي چيو آهي ته پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جي قانون ۾ سختي ۽ دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم نه کڻڻ سبب آمريڪي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (F.A.T.F) پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي سهائتا ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪندي. واضح رهي ته پاڪستان خلاف آمريڪا جي هن قرارداد کي برطانيه، فرانس ۽ جرمني جي حمايت حاصل آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عيوضي هيڌر نوريٽ چيو ته ايندڙ هفتي فرانس ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف، جي اجلاس ۾ پاڪستان کي ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. واضح رهي ته ايف اي ٽي ايف هڪ عالمي ادارو آهي جيڪو G-7 ملڪن پاران جوڙيو ويو آهي. هن اداري جو ڪم اهو آهي ته هو دهشتگردن جي مالي سهائتا ۽ مني لارنڊنگ جي نگراني ڪندو. پاڪستان هن ملڪ جو سڌي ريت ميمبر نه آهي. هي ادارو ڪنهن به ملڪ تي سڌي ريت پابنديون ناهي لڳائيندو پر گري ۽ بليڪ لسٽ (Gray & Black List) ڪندو آهي. پهريان هي ادارو ملڪ کي گري لسٽ ۾ شامل ڪندو آهي ان باوجود به اهو ملڪ جوڳا قدم ناهي کڻندو ته پوءِ ان ملڪ کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ ان ملڪ کي پرڏيهي طور تي ناڻي جي منتقلي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.