چترال جي عورتن کي فاريسٽ رايلٽي مان حصو ملندو

 ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چترال جي عورت کي فاريسٽ رايلٽي ملندي. چترال جي علائقن اراندو، ٽينشي، ڪوهه، دومل، ارسون ۽ ڪالانن اندر موجود ڪاٺ جي وڪري مان 60 سيڪڙو رايلٽي هتان جي ماڻهن ۾ ورهايا ويندا آهن. چترال جي ايم پي اي بيبي فوزيه چيو ته هاڻي پهريون ڀيرو عورتن کي به رايلٽي مان حصو ڏنو ويندو. چترال جي ڊپٽي ڪمشنر ارشاد سوڍر پاران کنيل هن قدم جي تعريف ڪندي هن وڌيڪ چيو ته هي قدم عمران خان جي نظريي کي به ظاهر ڪري ٿو، جيڪو انصاف، برابري ۽ شفافيت لاءِ بيٺو آهي. هن چيو ته هاڻي چترال جون عورتون پئسي لاءِ مردن تي نه ڀاڙينديون. اهو قدم هڪ اهڙي علائقي ۾ کنيو ويو آهي جتي عورتن لاءِ آمدني جا ذريعا گهٽ آهن جنهن سان گڏ هتي ٻني ٻاري لاءِ زمين جي به گهٽتائي آهي. هاڻي مستقل آمدني ملڻ جي صورت ۾ هتان جون عورتون به ڪجهه ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته اڳ ۾ رايلٽي جي رقم جوائنٽ فاريسٽ ڪميٽين پاران ورهائي ويندي هئي، جيڪي منصفانه ورهاست نه ڪنديون هيون. جنهن کي نظر ۾ رکندي چيف سيڪريٽري جي هدايت کانپوءِ مان پاڻ رقم رايلٽي هولڊرن ۾ ورهائيندس جنهن سان گڏ مان عورتن کي به پهريون ڀيرو هن رقم ۾ شرعي قانون مطابق حصيدار ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته اراندو ۾ هڪ ماڻهو کي ست ڌيئرون آهن ۽ پهرين نظام هيٺ هن کي هڪ حصو ملندو هو هاڻي هن کي وڌيڪ حصا ملندا. هن چيو ته هن وقت سروي ڪيو پيو وڃي ته جيئن 149 ملين رپين جي رقم کي ورهائڻ جو ڪم شروع ڪري سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published.