ادبڪهاڻيون

مختصر ڪهاڻي “ انتظار”

زاهده ابڙو

اڄ سندس قومي گيتن ۽ شعرن تي مشتمل چوٿون ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو هو. سندس قومي شاعري جيڪا ڪيترن ئي فنڪارن ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ڳائي هئي، ٻڌندڙن جو رت گرمائڻ لاءِ ڪافي هئي. سندس هر شعر ۾ دشمن کي چيتاوني ڏنل آهي ته کيس ڌرتيءَ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ نه ڏبو ۽ قوم جو مستقبل تباهه ڪرڻ جي قطعي طور موڪل نه ڏني ويندي هو پاڻ ڌرتيءَ جو وفادار پٽ آهي. دشمن جي هر قسم جي وار جو دليريءَ سان مقابلو ڪندو. هن خير سان پنهنجون سال جون سڀ پگهارون به کنيون ۽ حصيدارن کي حصو به ڏنو پر هن جا شاگرد سال کان وٺي سندس انتظار ۾ آهن ته اسان جو استاد ڪڏهن ايندو.