ايران جو جهاز 66 مسافرن سميت ڪري تباهه

ايران جو هڪ مسافر جهاز تهران کان اڏام ڪرڻ کانپوءِ ياسوج ويندي اصفهان جي صوبي جي جبلن سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو، جنهن سبب سمورا 66 مسافر فوت ٿي ويا. خبر موجب جهاز تهران کان ياسوج وڃي رهيو هو ته اوچتو ان جو رابطو ان جي ريڊار سان ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ جهاز اصفهان صوبي جي جبلن سان ٽڪرائجي ويو. ايمرجنسي سروس جي ترجمان چيو ته سمورين هنگامي فورسز کي الرٽ ڪيو ويو آهي. پر خراب موسم سبب هيليڪاپٽرن کي واقعي واري هنڌ وڃڻ ۾ ڏکيائون اچي رهيون آهن. هوڏانهن ايئر لائين انتظاميه تصديق ڪئي آهي ته جهاز ۾ سوار 66 ڄڻا ئي فوت ٿي ويا آهن.

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments