نئون

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران پاڪستان کي صحت جي  ايمرجنسي وارين سهولتن کي وڌائڻ لاءِ ڊائلاگ ڪرڻ جي اپيل

WHO پاران پاڪستاني حڪومت کي ملڪ ۾ بنيادي ايمرجنسي صحت جي سهولتن کي وڌائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو آهي. WHO پاران اهڙي عمل جي لاءِ چيو ويو آهي ته ايران، مصر، لبيا ۽ تيونسيا ۾ به اهڙو عمل شروع ڪيو ويو آهي. WHO چيو ته بنيادي ايمرجنسي سهولتون ڪنهن به ملڪ جي صحت جي مسئلن جو بنياد آهن. منسٽري آف نيشنل هيلٿ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سبين افضل ان باري ۾ چيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي جي سهولتن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. WHO پاران چيو ويو ته اهو مختلف ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن ايمرجنسي صحت جي صورتحال کي منهن ڏئي سگهن ته جيئن زندگيون بچائي سگهجن ۽ ساڳي وقت مقامي صحت جي نظام کي واپس عمل ۾ آڻي سگهجي.