بلاگ انسپائرل ڪردار “محترما شميم مري”
خالد پرويز
ميرپور خاص کان کپرو شهر ڏي وڃبو ته اڳيان مرحوم محمد خان جوڻيجو جو ڳوٺ سنڌڙي ايندو. سنڌڙي کان
اڳيان جيڪو شهر اچي سو آهي هنڱورنو. بس هنڱورنو کان سڏ پنڌ تي اڳيان جيڪو کاٻي هٿ تي پيٽرول پمپ
آهي،انهي سامهون ساڄي هٿ تي جيڪو رستو وڃي پيو ، سو مٺي جي ڍير کان ٿيندو ڦلهڏيون شهر تائين وڃي ٿو ، جتان پوء گرهوڙ شريف کان ۽ پٿوري کان ٿيندو اچي سامارو شهر ۾ دنگ ٿو ڪري . ڦلهڏيون شهر کان اهو
رستو ٽي ميل اڳتي وٺي هلبو ته کاٻي پاسي ٻن ميلن جي پنڌ تي جيڪو ڳوٺ ايندو سو سڏجي ڳوٺ مولوي عبدالله خان مري جو ڳوٺ، انهي ڳوٺ بابت اهو چيو ٿو وڃي ته پير صاحب پاڳاري جي وقت ۾ جڏهن پير صاحب جو انگريز سرڪار سان جيهڙو چوٽ چڙهيل هو تڏهن کان اهو ڳوٺ اتي آباد آهي. مولوي عبدالله خان مري مولانا حسين احمد مدني جي صحبت ۾ رهيا ،۽ ساڻس گڏ ڪنهن تحريڪ هلندي پورو سال جيل ۾ به گڏ گذاريائون.
مولانا سيد حسين احمد مدني اسلامي گهرجن جي پٽاندر ۽ دنيا جي جاگرافيائي حوالي جي بنياد تي ٻه قومي نظريي کي غلط ۽ سراسر غير اسلامي قرار ڏنو آهي. مولانا مدني جي اسلام ۽ ان وقت جي حالات کان واقفيت جو ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي. مولانا مدني جو فرمان آهي ته؛ “ملة از وطن است“ يعني قوم جو بنياد ملڪ جي ڪري آهي ڪنهن دين ڌرم جي ڪري نه آهي. ڇو ته گهري نظر سان ڏسجي ته قوم جو بنياد ڪنهن دين ڌرم جي هجڻ مان فرقيواريت ۽ دقيانوسيت جي بدبوء جو اچڻ لازم اچي ٿو. مولانا مدني اها قوميت جي ڳالهه، ته قوم جو بنياد ديس ۽ وطن جي ڪري آهي، 8 جنوري 1938ع ڌاري صدر بازار دهلي ۾ هڪ جلسي ۾ ڪئي.
مولوي عبدالله خان مري جي پوينرن جي چواڻي ته هتي جڏهن ڏاڏا سائين ھي ڳوٺ اچي آباد ڪيو ته ھن ڳوٺ ۾ مدرسي جو به آغاز ڪيائين، جنهن ۾ پري پري جا طالب اچي علم پرائيندا هئا. جن جي رهائش ، کاڌو ، ڪپڙو ۽ پڙهائي جو سڄو خرچ پاڻ ادا ڪندا هئا ، سندس مدرسي جا طالب گهڻو ڪري ٿر جي علائقي جا شاگرد هئا ، انهي وقت به مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارن جو تعدا ٻه سو جي لڳ ڀڳ هوندو هو. ھن سڄي ڳوٺ جو پس منظر بيان ڪرڻ جو مطلب اهو به آهي ته انهي مذهبي ۽ قبيلائي سسٽم ۾ رهندي ڪنهن به ڇوڪريء جو اهڙين حالتن ۾ تعليمي ميدان ۾ نڪرڻ، سماج ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي ۽ ٻين عورتن لاء اتساھ جو سبب بڻجي پوي ته کيس مڃتا ملڻ گهرجي.

” ھمسري” جي حوالي سان مون جڏهن محترما زاھده ابڙو جن سان انهي موضوع تي ڳالهايو ته نه فقط محترما منهنجي موقف جي تائيد ڪئي پر عورتن جي حوالي سان اهو پڻ چيائين ته اسان جي معاشري ۾ عورتن جي حوالي سان جيڪي رويا آهن، اهي نهايت تڪليف ده آهن سواء “ھمسري” جي فورم تي انهن خواتين کي جن جيون سماج ۾ خدمتون رهيون آهن پوء اهي ڀلي ھر هارياڻي کان وٺي هائوس وائيف ڇو نه هجي، پر انهن جو پڻ هن سوسائيٽي ۾ وڏو ڪردار آهي.انهن کي هر فورم تي مڃتا ملڻ گهرجي. منهنجا همسري ۾ لکڻين جا موضوع ڪلاسيڪل ڪردار رهيا آهن پر اڄ آء پنهنجي ڪردار ۾ ٿورڙي تبديلي آڻي ڪلاسيڪل ڪردار جي بجاء توهان جي واقفيت ڪرائيندس” انسپائرل ڪردار” محترما شميم مري سان . شميم مري مٿي ڄاڻايل ڳوٺ جتي خاص ڪري ڇوڪرين جي حوالي سان قران شريف جي تعليم ئي لازمي قرار ڏنل هجي ۽ پوء باقي زندگي کيس شادي ڪري،گهر ۽ ٻارسنڀالڻا آهن .اهڙي صورتحال ۾ شميم مري انهي ڳوٺ جي پهرين ڇوڪريء آهي جيڪا هن وقت ٻهراڙي سماجيات ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري ۽ ان سان گڏ پنهنجي علائقي ۾ استاد جي پيشي سان پڻ لاڳاپيل آهي.مون جڏهن کانئس پڇيو ته توهان هن وقت جنهن به مرتبي تي آهيو ان لاء ته توهان کي ڪيئي جبل جهاڳڻا پيا هوندا ، ته سندس جواب هو ته مون جڏهن هوش سنڀاليو ته ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاء سواء ديني علم جي ٻيو ڪو به اهڙو موقعو ڪون هو. جو ڇوڪريون دنياوي علم پرائي سگهن .ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين کي پڙهائڻ معيوب سمجهيو ويندو هو .پرائمري اسڪول جو بنياد تمام پراڻو پيل هو ۽ مڊل اسڪول ڦلهڏين جي برانچ به ڳوٺ ۾ قائم هئي، سو اتان جيئن تيئن مائٽن جي مخالفت هوندي به اٺون درجو پاس ڪيم.هاء اسڪول جي پڙهائي لاء منهنجي داخلا ته ڦلهڏيون هاء اسڪول ۾ رکرائي وئي، پر انهي اسڪول ۾ روزاني وڃڻ مسئلو هيو. انهي ڪري فيصلو اهو ٿيو ته مونکي اسڪول جي پڙهائي ۽ تياري گهر ۾ ڪرائي ويندي سو امتحان جي تياري گهر ۾ ويهي ڪري پيپر ڏنم . سندس پڙهائي جي حوالي سان ٻڌايائين ته اھڙي ماحول ۾ جتي ڇوڪرين لاء تعليم جا يا اڳتي وڌڻ جا سڀ دروازا بند هجن ،اتي منهنجي چاچي محمد اسلم مري نه رڳو منهنجي همٿ افزائي ڪئي پر هن مونکي پنهنجي ڪيريئر ٺاھڻ لاء وڏو ساٿ ڏنو.چاچا اسلم مري انهي وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي فارميسي ڪري چڪو هو ۽ پڙهائي دوران سندس لاڳاپا نظرياتي دوستن سان ٿيا.ھن پنهنجي گهر ۾ لئبرري قائم ڪئي. آء برِصغير جي اردو سنڌي شاعرن افسانا نگارن ۽ ڪھاڻيڪارن کان انهي لئبرري ۾ واقف ٿيس ۽ اڳتي هلي مون لکڻ به شروع ڪيو.لکڻ جي شروعات ته ڪيم، پر ڇپجڻ جو مسئلو ٿي پيو.بجاء شميم مري جي مون شبنم بلوچ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. 2010 تائين منهنجيون لکڻيون عبرت اخبار ۾ شبنم بلوچ جي نالي سان ڇپبيون رهيون .پر انهي ساڳي وقت انهي ساڳي نالي سان هڪ ٻيء لکندڙ محترما شبنم بلوچ پڻ لکڻ شروع ڪيو، تيسيتائين آء حالتون پنهنجي حق ۾ ڪري وئي هيس منهنجي انٽر جي داخلا به ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپور ۾ ٿي چڪي ھئي. پوء مون شميم مري نالي سان عبرت مئگزين، ڪاوش ۾ لکڻ شروع ڪيو. سوجهرو ۾ منهنجيون ڪهاڻيون ڇپيون، تاج بلوچ مون کي همٿايو.
فيمينيسٽ خواتين جي حوالي سان سندس موقف ڪجھ هن ريت هو ته آء عورت ۽ مرد جي حوالي سان برابري جي بنيادن جي قائل ضرور آهيان پر اسان وٽ اهڙين عورتن جو مشاهدو مون لاء ڪو آئيڊيل ناهي رهيو، ان لاء مون وٽ انهي ڪري به ان ڳالھ جي اهميت گهٽ آهي ته ، منهنجي خيال ۾ اهڙين عورتن جو فوڪس فقط عورتون ئي آهن . پر اسان جي سماج ۾ جيڪو جبر ٿئي ٿو ان سان ته ٻار،اقليتون،۽ مرد به متاثر ٿين ٿا.سو مان سمجهان ٿي ته اهڙي قسم جيون عورتون فقط هڪڙي مخصوص دائري ۾ ئي پنهنجو ڪم ڪن ٿيون . انٽر ڪرڻ کانپوء شميم مري ٿر ديپ ۾ عمرڪوٽ ،ٿرپارڪر،۽ ميرپور خاص ۾ ڪم شروع ڪيو. ڪجھ عرصو فشر فوڪ ڪراچي ۾ ڪم ڪيائين ۽ اتان وري OMV آسٽريا جي گيس ڪمپني ۾ CSR ڪميونٽي سروس ريسپانسبلٽيز جي حوالي سان چونڊڪو، خيرپور ۽ سکر ۾ پڻ خدمتون ڏنائين. ٿر ديپ کان وٺي او ايم وي تائين سندس سماجي خدمتن جو عرصو ڏهن سالن تائين رهيو .تيسيتائين سندس تعليم پرائيويٽ طور ابن رشد گرلز ڪاليج مير پور خاص ۾ جاري رهي.
جتان کانپوء سندس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پي ايڇ ڊي هلندڙ آهي . تازو جڏهن کيس آمريڪا ۾ TED WOMEN فورم کیس دعوت ڏني ته اچي، سنڌ جي ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪري ته اتي هن نه فقط سنڌ جي ڇوڪرين جي حوالي سان ڀرپور موقف رکيو ۽ سڄي سنڌ جي ڇوڪرين جي نمائندگي ڪيائين. پر سندس تعليم جي حوالي سان به ذاتي تجربا پڻ شيئر ڪيائين .TED WOMENS آمريڪا عورتن جو فورم آهي ، جنهن تحت انهي فورم تحت هر سال دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عورتن کي دعوت ڏئي گهرائيندا آهن ، ۽ عورتن جي مسئلن تي موٽيويشنل تقريرون ٿينديون آهن.
شميم مري تي منهنجو لکڻ جو هڪڙو مقصد هي به آهي ته شميم مري نه فقط اسان جي سماج ۾ اھڙين حالتن مان گذري آهي ، جيڪو مذهبي هئڻ سان گڏ قبائلي به رهيو آهي .پر شميم انهي سڄي سسٽم سان ويڙهاند ڪري، مولوي عبدالله خان مري جي ڳوٺ مان پنهنجي تڪليف ده سفر جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جي ستن اٺن ضلعن ۾ پنهنجيون سماجي خدمتون ڏنائين. پاڪستان کان بنگلاديش ، بنگلاديش کان ڪينيا ۽ ڪينيا کان امريڪا تائين پاڪستان ۽ سنڌ جي نمائيندگي ڪيائين .اهو سڀ نه فقط اسان سڀني لاء قابل فخر آهي ته هو سنڌ جي سڄاڻ عورت هجڻ جي حوالي سان اسان لاء قابل عزت آهي. اسين سندس تعليمي ۽ سماجي جدوجهد کي احترام ۽ قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا. اڄ شميم فخر سان ٻڌائيندي آهي ته مون جيڪا تڪيف ڀري پهرئين وک کنئي هئي، ۽ لوڪ جيون لاءِ الائي ڪيتريون اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌيون هيون ،اڄ ان ڳوٺ جون ڪيتريون ڇوڪريون، صحت کاتي ۾، تعليم کاتي ۾ ويندي پوليس جهڙي سخت جانفشاني واري کاتي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏين پيون.آء انهن سمورين عورتن کي جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجيون خدمتون ڏين پيون انهن کي خراج پيش ڪندي کين عرض ڪنديس ته اهڙيون ڇوڪريون جن ۾ صلاحيتون هوندي به موقعا نٿا ملن انهن جي سهائتا ضرور ڪن.

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.

