بلاگخاص

سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي: 1922 کان 2015

سنڌي تحريڪ جو ايلچي

سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي: 1922 کان 2015

جگديش شهدادپوري-(انڊيا)

 

سنڌي ادب جو سچو رهبر هو سدا حيات ٻاٻاڻي،

سنڌ ۽ هند جي ادب ۾ اڄ به قائم آ هن جي واڻي.

ورهاڱي بعد ڀارتي جوڙجڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ جن شخصيتن سنڌي هلچل کي زور وٺايو ۽ تاريخي ڪردار نڀايو، انهن اٽل ارادي وارن، سنڌيت جي شيداين، نڊر، لڙاڪو ۽ بهادر ماڻهن ۾ سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ صدا چاري، آدرشوادي مدبر هو.

سدا حيات ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي جو جنم 3 جنوري 1922ع ۾ سونهاري سنڌ جي نوابشاهه ضلعي جي مورو لکو ۾ ٿيو. تعليم جي ڏس ۾ هن بي. اي، ايل. ايل. بي ڪئي هئي. ڪيرت ادب جي لحاظ کان ليکڪ، نقاد، ڪهاڻي، آلوچنا، ناٽڪ، مضمون نويسيءَ ۾ ماهريت حاصل ڪيل هو. هن سنڌ ۾ ئي ادبي کيتر ۾ پير ڌريا ۽ گونا گون رچنائون جدا جدا اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون. ترقي پسند ڌارا جي جيڪا ٽه مورتي “اُتم، گوبند ۽ ڪيرت” مشهور هئي، انهن کي ڪامريڊ ڪري سڏيو ويندو هو. نين ڌارا جو سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي هر وقت سرگرم سرڪردو پئي رهيو هو.

هن جو مشهور ادبي، قيمتي سرمايو آهي “هوءَ” 1956ع، “درو جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو” ڪهاڻين جا مجموعا “سوريءَ سڏ ڪيو” (ايڪانڪي مجموعو)-1972ع ايڪانڪي ناٽڪ، سنڌي ڪهاڻي “ورهاڱي بعد”-1984ع کوجنا تمڪ، “ڌرتيءَ جو سڏ” ٽه فصلو ناٽڪ 2004، “ادب ۾ قدرن جو سوال” آلوچنا تمڪ مضمون، “امن جي افق ڏانهن” (مضمون)، “اوک-ڊوک” (تنقيد) “سنڌي لوڪ ڪٿا”، “اٻول راڻي” ۽ “سنڌي لوڪ ڪهاڻيون” سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو سمپادن ڪيل ڪتاب آهي.

سدا حيات ڪيرت کي جيڪي انعام، سنمان حاصل ٿيل آهن اهي ته اڻ ڳڻيا آهن، پر جيڪي ڌيان ڇڪائيندڙ آهن انهن ۾ “سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ” 1980ع، “مرڪزي ساهتيه اڪادمي ايوارڊ” اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا جو “لائف ٽائيم اچيومينٽ اتم ايوارڊ” 2006ع، رپيا پنجاهه هزار مليل آهن هوڏانهن وري “مورجمل منگهناڻي ايوارڊ” سڀا طرفان ادبي ايوارڊ 1986ع، سڀا جو ئي “دليپ ڪمار لکي ايوارڊ”، “سنڌيت ايوارڊ” 2002ع خاص ڏنل ساهتيڪ يوگدان لاءِ ڪلڪتا جي ڀارتيه ڀاشا پريشد طرفان سال 1992ع ۾ “جيڪي ڏٺو هو مون” 1981ع، “اٻول راڻي” (لوڪ ادب) 1982ع، “اوهين سڀ نانگ آهيو” (ڪهاڻي سنگره) 1987ع، “ڪجهه ٻڌايون، ڪجهه لڪايون” (آتم ڪٿا) 1993ع ٽن ڀاڱن ۾ ڇپيل آهي “لڪيو لياڪا پائين” (شاعري) 2000ع وغيره اشاعت ٿيل آهن.

سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ “سنڌو ڌارا” اخبار ۽ “سنڌ سجاڳ” سنڌيءَ ۾ ۽ “سنڌ رائزر” انگريزي اخبارن جو ڪافي سال سمپادن ڪيو ۽ ڪيترين ڀارت ڀر جي مخزنن، رسالن سان جڙيل پئي رهيو هو.

ورهاڱي بعد سنڌي ٻوليءَ جي سرجن، ڦهلاوَ لاءِ جن سنڌيت جي جوت نوجوان جڳائيندي تاريخ 25 ڊسمبر 1951ع ۾ ممبئيءَ ۾ “نئون سنڌي ساهتيه منڊل” جي اسٿاپنا ڪندي هڪ سميلن جو شاندار آيوجن ڪيو ويو جنهن جو ٻيون سميلن 1952ع ۾ ٿيو ۽ جوڙجڪ جوڙيو ويو. منڊل جو پريزيڊنٽ سدا حيات پروفيسر منگها رام ملڪاڻي هو منڊل جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ رچنائون پڙهيون وينديون هيون ۽ صحتمند ادبي تنقيد به ٿيندي هئي. انهن اديبن ۾ سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي به ڪافي سرگرم هوندو هو. سنڌي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ ادبي گڏجاڻيون، ڪانفرنسون ۽ سميلن ٿيندا هئا اڳتي هلي اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جي اسٿاپنا ٿي، جنهن ۾ پڻ سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي سرگرم رهيو هو. ان کان اڳ سنڌي جاتيءَ ۾ سنڌي لپي ۽ ديوناگري لپيءَ جو وواد کڙو ٿي چڪو هو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌي لپي ئي ڪارگر لپي آهي سمجهندي قبولي “سنڌي ٻولي ۽ لپي سڀا” جو بنياد پيو جنهن جو جنرل سيڪريٽري سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي چونڊيو ويو. سنڌي هلچل سان گڏ هو رچنا ڪاريه ۾ به مشغول رهيو.

سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ايڪانڪين جي مجموعي “سوريءَ سڏ ڪيو” ۾ اٺ ايڪانڪيون شامل آهن. سانوري ڪنوار، سوريءَ سڏ ڪيو، دعوت نامو، ٿڌي جنگ، اپائيندڙ جو شان، حيف تنين کي هوءِ، هولي ۽ هپي، هندستان ڇڏي وڃو، گونا-گون وشين تي جوڙيل ايڪانڪيون آهن “سوريءَ سڏ ڪيو” امر شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت تي قلمبند ڪيل هڪ بهترين ايڪانڪي آهي. جنهن جا انيڪ شو جدا- جدا چٽا ڀيٽين ۾ ٿي چڪا آهن ۽ اِن ايڪانڪيءَ کي ڪيترن ئي انعامن سان به نوازيو ويو آهي.

سنڌيت جي جذبي کي کڻي هلندڙ “ڌرتيءَ جو سڏ” طويل ناٽڪ کي سدا حيات هدايتڪار ايس. پي مينگهاڻيءَ اسٽيج ڪيو. اها به هڪ حقيقت آهي ته مينگهاڻي هندي ناٽڪن سان جڙيل هو، پر سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي صالح تي هو سنڌي ناٽڪن طرف مڙيو ۽ “سنڌو ڌارا” جي سالياني جلسي ۾ ٽه فصلا ناٽڪ “انڊر سيڪريٽري” پيش ڪيو.

سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جون ڌيان ڇڪائيندڙ ڪهاڻيون آهن: “محمد رام” جيڪا ورهاڱي جي درد سان ڀريل دانهن آهي ۽ ساڳئي ئي وشيه تي هن جي ٻي ڪهاڻي آهي “تون ٿو پڇين، مان اداس ڇو آهيان” جيڪا سدا حيات ڪيرت جي بيحد روماني ۽ جذباتي ڍنگ سان قلمبند ڪئي آهي ايئن ته هن جون “نه ليليٰ نه مجنو”، “چُنو مُنو” ڪهاڻيون به ڪافي لوڪ پريه بڻيل آهن. سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي ڪن ناٽڪن ۾ اداڪاري به ڪئي هئي ته وري هدايتڪاري به سنڀالي هئي، سنڌيت جي هلچل جو روح روان به رهيو هو.

1973ع ۾ ممبئي سميلن ٿيو ان جو پرڌان سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي بڻيو. سال 1980ع ۾ پاليتاڻه گجرات ۾ ٿيل اکل ڀارت سنڌي ساهت سميلن جي پرڌان پد تي رهيو ۽ سڀا جا جنرل سيڪريٽري رهيا هئا. سدا حيات موتي پرڪاش، پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻي، موهن ڪلپنا ۽ شري ٽيڪچند مست (هن وقت دلبر دوست شري ٽيڪچند “مست” ڪافي وقت کان ناساز رهندو پيو اچي ۽ بستري داخل آهي، اسان جي جهولڻ سائين اڳيان پرارٿنا آهي ته جلد به جلد “مست بڻجي مستي ۾ اچي وري مست مست سيمينار ڪندو رهي”. سال 1991ع ۾ وري سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي سڀا جي صدر پڌ تي تاج پوشي ڪئي وئي ۽ هن 1997ع تائين اهو پڌ ماڻيو. سندس جنرل سيڪريٽري گورڌن چوڌري، گنو سامتاڻي ۽ هري پنڪج رهيا هئا.

غور طلب آهي ته اکل ڀارت سطح تي سنڌي نوجوانن کي همٿايو وڃي ۽ سڀا سان جوڙيو وڃي ان لاءِ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي 1978ع ۾ آدپور ۾ ٿيل سميلن جي موقعي تي آواز بلند ڪيو هو. هن سميلن جو مهورت سدا حيات هري دلگير ڪيو هو. سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ موهن ڪلپنا ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي ان ڳالهه کي جائز ٺهرايو ۽ قبوليو ته ان ڏس ۾ ضرور قدم کڻبا. وري ساڳيو ئي آواز زوردار نموني 1978 ۾ سنڌو نگر جي چاندي ٻائي ڪاليج ۾ ٿيل سميلن جنهن جو مهورت سدا حيات هشو آڏواڻي ڪيو هو. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ سدا حيات هري تنواڻي نماڻي جي گهر ۾ هڪ نوجوانن جي بيٺڪ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي صدارت ۾ ڪوٺائي بيٺڪ جي لاساني ڪاميابي ۽ نوجوانن جي اتساهه کي ڏسندي سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي ٽن نوجوانن سدا حيات جسونت ڪمار هري تنواڻي ۽ هاڻ حيات ڄيٺي لالواڻي جي ڪاميٽي مقرر ڪري سنڌي نوجوانن کي ڪهڙي نموني ڪٺو ڪيو وڃي جي تفصيلي رپورٽ تيار ڪرائي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سڀا جي جوڙ جڪ ۾ نئين وڀاڳ مقرر ڪيو ويو. اهو وڀاڳ سهڻي ۽ رٿائتي نموني ڪاريه ڪري ان لاءِ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي کي نوجوان چيئرمين طور مقرري ڪرڻ ۾ آئي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي ايام ڪاري ۾ سال 1980ع ۾ پهريون نوجوان سيمينار ٿيو نئين ٽهيءَ کي سنڌي جاتي ٻولي ۽ ڪلچر ڏانهن جوڙڻ جو هڪ تاريخي قدم کنيو ويو. هن نوجوان سيمينار ۾ ڀارت مان ساهتڪارن، ڪلاڪارن، تعليمدانن ڀاڳ ورتو ۽ سنڌي جاتي جي مسئلن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪيترائي ٺهراءُ بحال ڪرايا ويا، پر هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه به وڻي احمد آباد جي سڀا جي بانيڪارن هن سيمينار جي مخالفت ڪئي ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ جي سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي کي ڌمڪي پڻ ڏني، پر سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي پنهنجي ورتل فيصلي تي ئي قائم رهيو ۽ مقرر تاريخ تي ئي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي ڪنوينر شپ ۾ نوجوان سيمنيار ٿيندو، گڏوگڏ سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي هنسراج پنجابي، ديالداس موٽواڻي ۽ هشمت هرواڻي کي پوري پوري مدد ڪرڻ لاءِ ڄاڻايو، ڪيرت ٻاٻاڻي جي ايام ڪاري ۾ نوجوان سيمينارن جي شروعات ٿي، نه رڳو ايترو پر سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي جي ئي ايام ڪاري ۾ 11، 12 آگسٽ 1974ع ۾ احمد آباد ۾ پهريون اکل ڀارت سنڌي ليکڪ سيمينار ٿيو گڏوگڏ احمد آباد ۾ ئي “سنڌي لپي ڪنوينشن” ڪوٺايو ويو ۽ 1972ع ۾ ئي سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي جي ئي ڪوشش سان ڪولڪاتا ۾ پهريون اکل ڀارت سطح جو ناٽڪ مها اتسو شروع ٿيو، ان ريت شري ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سنڌيت جي هلچل جون ٻانهون ويڪريون ڪيون. سنڌي لپي ۽ ديو ناگري لپي واد-وواد ۾ سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي جي ئي اڳواڻي ۾ دهلي ۾ ڀارت گهر مان سنڌي لپي جي ٻاونجاهه سڄاڻ شخصن بک هڙتال ڪئي جو سنڌي لپي ۾ ٻاونجاهه اکر آهن. احمد آباد مان سدا حيات ديالداس موٽواڻي، هشمت هرواڻي، اين. آر سوني ۽ هاڻ حيات ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ان بک هڙتال ۾ شامل ٿيا هئا.

سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ئي ايام ڪاريءَ ۾ سڀا پاران ادبي خدمتن لاءِ اديبن کي انعام ڏيڻ شروع ٿيا. پهريون ايوارڊ سدا حيات پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻي کي ڏنو ويو. سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي کي اهو ايوارڊ 1986ع ۾ سدا حيات گوبند مالهي جي ايام ڪاريءَ ۾ حاصل ٿيو. سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي چڙهندڙ عمر کي ڏسندي پنهنجي من ۾ ڳنڀيرتا سان سوچيندي اهو فيصلو ورتو ته سڀا جي ڪاري جي واڳ ڏور ڪنهن اهڙي نوجوان جي هٿن ۾ ڏجي جيڪو هڏڏوکي، سنڌيت جو شيدائي، اگرچ، هوڻهار، محنتي ۽ سنڌي کيتر جي سڀني طبقن ۾ لوڪ پريه ۽ مڃتا حاصل ڪيل هجي تنهن جي کوج سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ڪئي ۽ آخرڪار هن جي دور انديشي ڪم ڪيو. سڀا جي صدر پڌ لاءِ يعني صحيح پڌ لاءِ صحيح شخص جي يعني برک اديب ۽ مهان ڪارٽونسٽ شري سندر اگناڻيءَ جي پسندگي ڪرڻ ۾ آئي جيڪو سال 1997ع کان وٺي سڀا جو ڪاروبار تمام سهڻي نموني ۽ سنجيدگيءَ سان هلائيندو اچي. سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي سنڌيت جي سپنن کي ساڪار بڻائي رهيو آهي. هلندي هلندي سنڌيت جي روح روان سدا حيات ڪيرت ٻاٻاڻي لاءِ مان جيڪر ڪجهه هينئن چوان:

سدا حيات ٻاٻاڻي، سنڌيت جو سچو سپهه سالار هو،

سندس ادب ڪلا جڳت ۾ هن جو جلوو جلويدار هو.