بلاگنئون

خودڪشيون، قتل، حراسان ڪندڙ ماحول ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليم جو مستقبل لاءِ سواليه نشان

جتي علم جا دروازا کليل هجن، اتي خوف جا پاڇا نه هجڻ گهرجن ۽ جتي خوف راڄ ڪري، اتي علم به قيد ٿي وڃي ٿو. سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي هميشه علم، شعور ۽ ترقي جا مرڪز سمجهيو ويو آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اهي ئي ادارا ڪيترين ئي شاگردياڻين لاءِ خوف ۽ غير محفوظي جي علامت بڻجي ويا آهن. حراسمينٽ، بليڪ ميلنگ ۽ خاموشي نه رڳو نياڻين جي تعليم کي متاثر ڪري رهي آهي، پر انهن جي زندگين کي به سنجيده خطري ۾ وجهي رهي آهي. دل ڏکوئيندڙ واقعن جي وڌندڙ سلسلي هڪ اهم سوال اٿاريو آهي. ڇا اسان جون يونيورسٽيون واقعي علم جا مرڪز آهن يا خوف جا قيدخانا؟ سنڌ جا اعليٰ تعليمي ادارا جيڪي نوجوانن جي صلاحيتن کي سنوارڻ ۽ ايندڙ نسل کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آهن، گذريل ڏهاڪي دوران بار بار نوجوان ڇوڪرين لاءِ الميي جا مرڪز بڻجندا رهيا آهن. ذهين، اڪثر پوزيشن هولڊر شاگردياڻيون مشڪوڪ حالت ۾ فوت ٿين ٿيون. شروعاتي طور انهن کي خودڪشي قرار ڏنو وڃي ٿو، پر پوءِ حراسمينٽ، بليڪ ميلنگ، جبر يا جنسي زيادتي جا الزام سامهون اچن ٿا. عوامي ڪاوڙ، احتجاج ۽ عدالتي مداخلت ٿيندي رهي آهي، پر نظامي احتساب اڃان تائين موثر نه بڻجي سگهيو آهي. تازو واقعو فهيمده لغاري جو آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 21 کان 23 سالن جي ٽئين سال جي MBBS شاگردياڻي هئي ۽ ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج (ابنِ سينا يونيورسٽي سان لاڳاپيل) ۾ پڙهندي هئي. 8 يا 9 اپريل 2026 تي هن پنهنجي گهر ۾ پنهنجي والد جي لائسنس يافته پستول سان پاڻ کي گولي هڻي زندگي ختم ڪئي. سندس خاندان جو چوڻ آهي ته کيس هڪ پروفيسر (جنهن ۾ پروفيسر عابد لغاري جو نالو به شامل آهي) ۽ ڪجهه ساٿي شاگردن طرفان مسلسل حراسان ڪيو ويو، بليڪ ميل ڪيو ويو، سندس ڪردار ڪشي ڪئي وئي ۽ مختلف ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڪاليج انتظاميه وٽ ڪيل شڪايتن کي نظرانداز ڪيو ويو. هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي، هڪ ليڪچرار گرفتار ٿيو ۽ پوليس، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) سنڌ عورتن جي حيثيت بابت ڪميشن طرفان جاچ شروع ڪئي وئي. احتجاجن ۾ اداري جي ٻئي عملي کي نمايان ڪيو ويو. هي واقعو اڳين ڪيترن ئي ڪيسن سان مشابهت رکي ٿو، جن عوامي اعتماد کي سخت ڌڪ رسايو آهي.

نائلا رند (2017، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو): سنڌي شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي ۽ پوزيشن هولڊر، ماروي هاسٽل ۾ ڦاهي لڳل حالت ۾ ملي. شروعاتي پوسٽ مارٽم ۾ دم گهٽجڻ کي موت جو سبب ٻڌايو ويو ۽ ڪنهن به تشدد يا جنسي زيادتي جا نشان نه هئا. بعد ۾ ڊجيٽل فارنزڪ ذريعي واٽس ايپ پيغامن مان هڪ ليڪچرار انيس احمد خاصخيلي طرفان بليڪ ميلنگ ۽ جبر جا ثبوت مليا. 2023 ۾ دهشتگردي مخالف عدالت کيس حراساني ذريعي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ڪندي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.

نمرتا ڪماري (2019، بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج، لاڙڪاڻو): آخري سال جي BDS شاگردياڻي، جيڪا ميرپورماٿيلو (گهوٽڪي) جي رهواسي هئي، پنهنجي هاسٽل ڪمري ۾ فوت ٿيل ملي. شروعاتي طور خودڪشي ٻڌائي وئي، پر آخري پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب هن سان جنسي زيادتي ڪئي وئي ۽ ڳلو دٻائي قتل ڪيو ويو. ڊي اين اي جا ثبوت مليا ۽ ڳلي جا نشان عام خودڪشي سان مطابقت نه رکندا هئا. وڏي احتجاج کانپوءِ عدالتي جاچ ٿي، پر ڪيس اڃان تائين عوامي سطح تي نامڪمل ۽ فارنزڪ ناڪاميءَ جي علامت بڻيل آهي. پروين رند (2022، پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين، نوابشاهه): هڪ نرسنگ هائوس آفيسر الزام هنيو ته هن سان سخت جنسي حراسمينٽ، تشدد ۽ قتل جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن هن “غير اخلاقي مطالبن” کي رد ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته ٻين ڇوڪرين کي به اهڙي مزاحمت تي قتل ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پر متاثرن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميه ۽ پوليس گهڻو ڪري جوابدارن کي بچائين ٿا. ٻيا اهم واقعا نوشين ڪاظمي/نوشين شاهه (2021، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو): مشڪوڪ حالت ۾ فوت ٿي، ساڳئي هاسٽل ماحول ۾ جتي اڳ نمرتا جو ڪيس ٿيو هو. ڪجهه رپورٽن موجب ڊي اين اي جا ثبوت اڳين واقعن سان لاڳاپن جو امڪان ظاهر ڪن ٿا. ناديه اشرف (تقريبن 2020، ڪراچي يونيورسٽي): ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن ۾ پي ايڇ ڊي شاگردياڻي، جنهن مبينا طور پنهنجي سپروائيزر طرفان ڪيترن ئي سالن تائين حراسمينٽ کانپوءِ خودڪشي ڪئي، جيڪو تحقيقاتي ماحول ۾ به خطري کي ظاهر ڪري ٿو. اهي واقعا صرف ذاتي الميا ناهن، پر فارنزڪ کوٽ کي به ظاهر ڪن ٿا، جتي شروعاتي ڌيان صرف جسماني سببن (ڦاهي، گولي، دم گهٽجڻ) تي ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته ڊجيٽل ثبوت، نفسياتي جبر، طاقت جو عدم توازن ۽ اداري جي ناڪامي بعد ۾ سامهون اچن ٿا. هاسٽلن ۾ سيڪيورٽي گهٽ آهي، اينٽي حراساني ڪميٽيون غير فعال آهن ۽ رد عمل گهڻو ڪري دير سان ايندو آهي.

هن الميي سان گڏ هڪ ٻي خاموش حقيقت به ساٿ ڏئي رهي آهي، تعليم جو ٽٽل سفر. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم هر درجي سان گڏ گهٽجندي وڃي ٿي. پرائمري ۾ داخل ٿيندڙ ڇوڪرين مان رڳو 50/60 سيڪڙو پڙهائي مڪمل ڪن ٿيون، مڊل ۽ سيڪنڊري تائين پهچندي اهو انگ 20/35 سيڪڙو رهجي وڃي ٿو ۽ ميٽرڪ تائين فقط 15/30 سيڪڙو ڇوڪريون پهچن ٿيون. انٽرميڊئيٽ ۾ 10/15 سيڪڙو کان به گهٽ ۽ يونيورسٽي سطح تي صرف 5/10 سيڪڙو ڇوڪريون نظر اچن ٿيون، جيڪي گهڻو ڪري ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر جهڙن شهرن تائين محدود آهن. جڏهن ته سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ اسڪولن جو پري هجڻ، تحفظ جا خدشا، غربت، سماجي روايتون ۽ جلد شاديون ڇوڪرين جي تعليم کي اڌ ۾ ئي روڪي ڇڏين ٿيون. نتيجي طور لڳ ڀڳ 43.4 لک ڇوڪريون اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ 76 سيڪڙو ڇوڪريون ميٽرڪ کان اڳ ئي پڙهائي ڇڏي ڏين ٿيون. انساني حقن جي ادارن جو ڪردار پڻ سوال هيٺ آهي. Human Rights Commission of Pakistan، Sindh Human Rights Commission  ۽Sindh Commission on the Status of Women جهڙا ادارا نظرياتي طور شاگردن جي حقن جا محافظ آهن، پر عملي طور انهن تي تنقيد وڌندي پئي وڃي ته اهي رڳو نوٽيسن ۽ بيانن تائين محدود آهن. فهيمده لغاري جي ڪيس ۾Sindh Commission on the Status of Women جو نوٽيس هڪ مثبت قدم آهي، پر مجموعي طور اهي ادارا پاليسين تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪمزور نظر اچن ٿا. هي انساني نقصان انتظامي ناڪامين سان ڳنڍيل آهي. آڊيٽر جنرل پاڪستان (AGP) جي رپورٽن موجب سنڌ جي تعليمي شعبي ۾ اربين رپين جون بي ضابطگيون آهن. غير قانوني خرچ، رڪارڊ پيش نه ڪرڻ، خريداريءَ ۾ قاعدن جي ڀڃڪڙي ۽ تصديق کانسواءِ ڀرتيون. سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (SHEC) لڳ ڀڳ 30 يونيورسٽين ۾ تدريسي ۽ انتظامي عهدن کي الڳ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر ان تي عملدرآمد سست آهي. ڪيترين يونيورسٽين جون سينيٽون سالن تائين غير فعال آهن، جنهن سان نگراني ڪمزور ٿي وڃي ٿي. جعلي ڊگريون ۽ سياسي ڀرتيون به اعتماد کي متاثر ڪن ٿيون.

عوامي بحث انهن واقعن کي گهري سماجي مسئلن سان ڳنڍي ٿو، مرداڻا سماجي رويا، استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ طاقت جو فرق، ڊجيٽل بليڪ ميلنگ ۽ ڪمزور ادارتي تحفظ، خاص ڪري ميڊيڪل ڪاليج وڌيڪ متاثر نظر اچن ٿا، جيڪو مستقبل جي ڊاڪٽرن جي تربيت بابت سنجيده سوال اٿاري ٿو. برطانيه، آسٽريليا ۽ عالمي صحت اداري(WHO)  جهڙن ادارن موجب، گهڻ رخي ۽ متاثر مرڪز طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. واقعي واري هنڌ جي فوري حفاظت، لازمي ڊجيٽل فارنزڪ، نفسياتي جائزو، آزاد نگراني ۽ شفاف رپورٽنگ، سنڌ لاءِ تجويز ڪيل نظام، جنهن ۾ 72 ڪلاڪن اندر گڏيل ٽيمون (ڊاڪٽر، سائبر ماهر ۽ جينڊر ماهر) شامل هجن، هڪ سٺو قدم آهي، پر ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر غير معمولي موت تي مڪمل پوسٽ مارٽم، عوامي ڊيٽا ڊيش بورڊ ۽ فنڊنگ سان ڳنڍيل احتساب. هاڻي ضرورت آهي ته رد عمل بدران اڳواٽ قدم کنيا وڃن. (1) اينٽي حراسمينٽ پاليسين تي سختي سان عملدرآمد. (2) محفوظ هاسٽل، ذهني صحت جون سهولتون ۽ آزاد نگراني نظام. (3) HEC پاليسي تحت آزاد ڪميٽيون، آن لائين شڪايتي نظام (30 ڏينهن ۾ فيصلو). (4) عالمي معيار مطابق فارنزڪ جا طريقا. (5) سنڌ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن جي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ۽ گورننس جي بحالي. (6) سنڌ هائر ايجوڪيشن اڪائونٽيبليٽي ٽاسڪ فورس جو قيام.

سڄي سنڌ جا شاگرد ۽ انهن جا خاندان محفوظ ۽ ميرٽ تي ٻڌل ادارن جا حقدار آهن. نائلا رند، نمرتا ڪماري، پروين رند، نوشين، ناديه اشرف، فهيمده لغاري ۽ ٻين ڪيترين ئي نوجوان زندگين جو نقصان صرف رپورٽن سان پورو نه ٿيندو. اهي سوال اڃان به جواب طلب آهن. جيستائين اهي سوال جواب نه وٺندا، تيستائين ڪا به نياڻي گهر کان نڪرڻ لاءِ پاڻ کي محفوظ محسوس نه ڪندي. سنڌ جو تعليمي نظام المين جي زمين مان نڪري، روشنيءَ جو باغ بڻجي سگهي ٿو، جتي علم خوف کان آزاد هجي ۽ هر نياڻي اميد سان پڙهي سگهي.