ايڊيٽوريلنئون

لوڊشيڊنگ جو بحران: عارضي جواز يا توانائي پاليسي جي ناڪامي؟

ملڪ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي روزمره زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت ۽ پاور ڊويزن طرفان ڏنل وضاحتن ۾ پن بجلي جي گهٽ پيداوار، پاڻي جي گهٽ اخراج ۽ آر ايل اين جي جي کوٽ جهڙا سبب بيان ڪيا پيا وڃن، پر حقيقت اها آهي ته هي بحران رڳو فني يا موسمي مسئلو نه، پر ڊگهي عرصي کان جاري توانائي پاليسين جي ڪمزورين جو نتيجو آهي. تازن انگن اکرن موجب، پيڪ ٽائيم دوران لڳ ڀڳ 4500 ميگاواٽ جو شارٽ فال رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اوسط گهٽتائي ساڍا 3 هزار ميگاواٽ کان به وڌي وئي آهي. نتيجي طور ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اعلانيه لوڊشيڊنگ کان علاوه غير اعلانيه بندشون به معمول بڻجي ويون آهن. خاص طور تي پنجاب ۾ جتي ڪجهه علائقن ۾ 6-6 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته پن بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڊيمز مان پاڻي جي گهٽ اخراج سبب ٿي آهي، جيڪا فصلن جي ڪٽائي ۽ گهٽ برساتن سان لاڳاپيل آهي. بظاهر هي وضاحت منطقي لڳي ٿي، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ملڪ جو توانائي نظام ايترو ڪمزور آهي جو صرف پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي سان سڄو نظام متاثر ٿي وڃي؟ جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ اهو واضح طور تي منصوبابندي جي ناڪامي آهي. ان کان علاوه، حڪومت طرفان عوام کي رات جي وقت بجلي گهٽ استعمال ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن حد تائين ذميواري عوام تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش محسوس ٿئي ٿي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته توانائي فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي، نه ڪي صارفين جي. اهڙيون اپيلون تڏهن اثرائتي ٿينديون آهن، جڏهن حڪومت پاڻ پنهنجي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب هجي.

هڪ ٻيو اهم پهلو توانائي جي غير متوازن ورڇ آهي. رپورٽن موجب ڪجهه علائقن جهڙوڪ حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ لوڊشيڊنگ کي محدود ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ وڌيڪ بندشون لاڳو ڪيون پيون وڃن. اهڙي پاليسي نه رڳو ناانصافي جو تاثر پيدا ڪري ٿي، پر قومي سطح تي بيچيني کي به وڌائي ٿي. توانائي جي منصفاڻي ورڇ ڪنهن به حڪومت جي ذميواري آهي، جنهن ۾ علائقائي فرق کي گهٽ کان گهٽ رکڻ گهرجي. انهيءَ سان گڏ، توانائي جي ذريعن ۾ تنوع جي کوٽ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڏينهن جي وقت سولر انرجي جي وڌندڙ استعمال سبب بجلي جي طلب گهٽجي وڃي ٿي، پر رات جو جڏهن اهو ذريعو دستياب نه هوندو آهي، تڏهن سڄو نظام دٻاءَ هيٺ اچي وڃي ٿو. هي صورتحال ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ملڪ اڃا تائين توانائي اسٽوريج ۽ متبادل ذريعن جي مؤثر استعمال ۾ پوئتي آهي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته درآمدي ٻارڻ تي وڌيڪ ڀاڙڻ سبب به بحران شدت اختيار ڪري ٿو. جڏهن تيل يا گيس جي فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ اچي ٿي ته بجلي جي پيداوار تي سڌو اثر پوي ٿو. ان ڪري، مقامي ۽ قابل تجديد توانائي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته هن بحران جو حل ڇا آهي؟ سڀ کان پهرين، توانائي پاليسي کي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ پاڻي، سولر، ونڊ ۽ ٻين ذريعن جو متوازن استعمال شامل هجي. ٻيو، بجلي جي تقسيم واري نظام ۾ سڌارا آڻڻ لازمي آهن ته جيئن غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي سگهي. ٽيون، توانائي جي اسٽوريج ٽيڪنالاجي تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڏينهن جي پيداوار کي رات ۾ به استعمال ڪري سگهجي. ساڳئي وقت، شفافيت پڻ انتهائي اهم آهي. عوام کي صحيح ۽ بروقت ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان نه رڳو اعتماد وڌي ٿو، پر افواهن ۽ بيچيني کي به روڪي سگهجي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته هو صرف بيان ڏيڻ تائين محدود نه رهي، پر عملي قدم کڻي عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪري. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته لوڊشيڊنگ جو موجوده بحران ڪنهن هڪ سبب جو نتيجو نه، پر ڪيترن ئي مسئلن جو مجموعو آهي. جيڪڏهن هن موقعي تي سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته مستقبل ۾ اهڙا بحران وڌيڪ شدت سان سامهون اچي سگهن ٿا. توانائي ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي ريڙهه جي هڏي هوندي آهي، ۽ هن شعبي ۾ غفلت جي ڪا به گنجائش نه آهي.