سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جي شموليت
دنيا جي ارتقائي تاريخ جي اڀياس مان اها خبر پوي ٿي ته انساني تهذيب ۽ ارتقا جي اوسر ۾ عورت جي ڪردار جي مختلف روپن جي خاص اهميت رهي آهي ۽ هُن پنهنجي تخليقي ۽ ذهني صلاحيتن سان پاڻ کي مڃايو آهي. اها به حقيقت آهي ته کيس مختلف سماجن ۾ مجموعي طور ريتن رسمن، عقيدن، مذهبن، ثقافتي ۽ معاشرتي قدرن جي آڙ ۾ چٿڻ، هيسائڻ ۽ دٻائڻ جون ڪوششون به ڪيون ويون آهن، پر هن پنهنجي بقا جي جنگ ۽ اظهار جي آزاديءَ لاءِ هميشه کان ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪري رهي آهي.
سنڌي عورت جي تحرير نويسيءَ جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي عورت هتي جي جاگيرداري نظام، قبيلائي ماحول، معاشي پسماندگي، ذات پات جي فرق ۽ تعليم جي ڪميءَ باوجود ذهني ۽ جسماني غلاميءَ کان بچاءُ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي اظهار کي عمل جو جامو پهرايو آهي. جنهن ۾ باشعور ۽ پڙهيل لکيل عورتن علم ادب جي معرفت پنهنجن خيالن ۽ سوچن کي عام جي اڳيان آندو آهي.
اسان جي اديبائن جي فن ۽ فڪر جي جائزي مان سندن مطالعي، مشاهدي، تخليقي صلاحيتن ۽ ذهني اوسر جي ڄاڻ پڻ ڀليءَ ڀت پوي ٿي. ڪلاسيڪل شاعري ۽ لوڪ ادب کان سنڌي نثر و نظم جي مختلف صنفن ۾ ليکڪائن پنهنجي ذهني بلنديءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن. مائي مرکان شيخڻ جا صوفياڻه ڳيچ، مائي ملياڻي نيامت جو سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ورثي کي سهيڙڻ ۽ خود شاعره هئڻ ۽ ڪيترين گمنام شاعرائن جا چيل ڳيچ، سهرا ۽ گيت ڄاڻائين ٿا ته، اسان جي ڀينرن بياني ۽ قلمي قوت سان پنهنجي وجود کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي عورت جي سمجھه، سياڻپ، صبر، ذهانت، همت ۽ جرئت کي مڃيندي شاھه سائينءَ کيس سسئي، سهڻي، مارئي، مومل، نوري، سورٺ ۽ ليلى جي روپ ۾ هڪ منفرد ۽ لازوال حيثيت عطا ڪئي آهي.
سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کانپوءِ نثر ۾ به عورتن جو وڏو حصو آهي.
باقاعدي طور، سنڌي نثر ۾ عورتن جون خدمتون، انگريز دور کان شمار ڪري سگهجن ٿيون. هن دور ۾ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ٿيا ۽ زناني تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون ويون.
گلي سدا رنگاڻي پهرين سنڌي عورت هئي جنهن ساهت جي ميدان ۾ انهيءَ وقت قدم رکيو هو. هو اهڙيءَ ريت اڳيان هلي، موهني دوداڻي، پاروتي آڏواڻي، ايشوري جوتواڻي، ساوتري مير چنداڻي، ڪملا ڪيسواڻي، تارا مير چنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي دادي ليلا، سندري اتم چنداڻي، روشن آرا مغل، بيگم طاهرا آغا، آپا ڊاڪٽر شمس عباسي، ڪلا پرڪاش، ثميره زرين، خانم خديجه دائود پوٽو، زيڊ.اي شيخ، رشيده شيخ، امينا خميساڻي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، مريم نوحاڻي، دُرشهوار سيد، رشيده حجاب، خيرالنساءِ جعفري، نذير ناز، ماهتاب محبوب، نورالهدى شاھه، مهتاب اڪبر راشدي، نعيمه جمع تيجاڻي، ثرياسوز ڏيپلائي، فهميده حسين، تنوير جوڻيجو، نورافروز خواجه، سحر امداد، پروين موسیيٰ ميمڻ، قمرجهان مرزا، تهمينا مفتي، خورشيد عباسي، ج.ع منگهاڻي، غلام فاطمه شيخ، نيلوفر جويو، سلطانه وقاصي، سنڌو پنهور، شبنم گل، زيب نظاماڻي، ناهيد مغل، تانيه ٿيٻو، نائله، فهميده شرف بلوچ، ومي سدا رنگاڻي، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، عطيه دائود، ثمينه ميمڻ، تسليم زنئور، حميرا نور، سحر گل ڀٽي، ڪزبانو سنڌي، ساجده جبين، سيما عباسي، سيما ابڙو، زاهده تاج ابڙو، نجمه شيخ، نورالصباح قاضي، ارشاد سعيد عباسي، خديجه شيخ، شبانه سنڌي، شگفته شاھه، ريحانه ملاح ۽ ٻين نئين زندگي، سه ماهي مهراڻ، سوجھرو، سرتيون، اديون، ڪلاچي، سنڌي ادب، پارس، نئون نياپو، سپون (ممبئي) ۽ ٻين رسالن ۽ روزاني اخبارن ۾ لکيو.
گلي سدا رنگاڻي پهرين سنڌي عورت هئي جنهن تخليقي نثر جي ميدان ۾ انهيءَ وقت قدم رکيو هو. هو اهڙيءَ ريت اڳيان هلي، ڪيترين ليکڪائن جو ڪم سنڌي نثر ۾ ملي ٿو.
سندن لکيل ناٽڪ، ناول، آتم ڪهاڻيون، ڊائريون، سفرناما ۽ افسانوي مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن مان چند عنوان هن ريت آهن.
مقالن ۽ مضمونن جا مجموعا: “خوش خصلت خاتون”، “شڪستهءِ زندگي” (بادام ناتوان)، “ڳچين سدا ڳچ” (ڊاڪٽر حميده کهڙو)، “شاھه لطيف تي تحقيق” (ڊاڪٽر درشهوار سيد)، “هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون”، “زنده جا قوم رهندي”، “ٻولي منهنجي ماءُ”، “ورهاڱي جو ورجاءُ” (ماهتاب محبوب)،“پائي پٽ ڪڻا” (نور افروز خواجه)، “ادبي ويچار” (خورشيد عباسي)، “اخلاقي قدر”، “وکر سو وهاءِ”، “گلدستو”، “عالم سڀ آباد ڪرين” (پروين موسيٰ ميمڻ).
سوانح عمريون:
آتم ڪهاڻيون ۽ ڊائريون: “تاريخ جو وساريل ورق” (غلام فاطمه شيخياڻي)، “جيتامڙيءَ جي ڊائري”، “سام سان ٻه گھڙيون” (ڊاڪٽر سرلا ديوي)،“ڳالهيون پيٽ ورن ۾” (ڊاڪٽر شمس عباسي)، “منهنجو سورج مکيه” (شبنم گل). “جيءَ جھروڪا” (ماهتاب محبوب)، “قيدياڻيءَ جي ڊائري” (اختر بلوچ) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
سفرناما: “مارو جي ملير جا” (خيرالنساءَ جعفري)، “هوائن جي آڌار” (فهميده حسين)، “اندر جنين اڃ”، “سرهي سرهي سار”، “راهون چنڊ ستارا” (ماهتاب محبوب)، “هينئڙي منجھه هرن” (ڪلا پرڪاش)، “پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا” (وينا شرنگي)، “جتي منهنجا اوٺيڙا” (ريٽا شهاڻي)، “ٽي مسافر ٽي شهر” (مريم پليجو، اختر پليجو) ۽ ٻيا سفرناما شامل آهن.
افسانن جا مجموعا: “مون توکي پيار ڪيو”، “شهناز” (پوپٽي هيراننداڻي)، “مرڪ ۽ مامتا”، (ڪلا پرڪاش)، “ڪيئن وساريان ويڙهيچن”، “زندگي ناٽڪ” (وينا شرنگي)، “پچڻ کي پچاءِ”، “ببليءَ جون آکاڻيون”، “منع ٿيل ميوو” (ريٽا شهاڻي)، “گيت اڃايل مورن جا”، “روشن ڇانورو”، “آءٌ اهائي مارئي” (ثميره زرين)، “تخليق جو موت” (خيرالنساء جعفري)، “پرھه کان پهرين”، “لهر لهر زندگي” (ماهتاب محبوب)، “جلاوطن”، “ڪربلا”، “رڻ ۽ رڃ جو اتهاس” (نورالهدى شاھه)، “عيبن هاڻي” (تنوير جوڻيجو)، “هيلو ڪو وري آءُ” (نذير ناز)، “هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون” (ڊاڪٽر فهميده حسين)، “تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون” (جيجي زرينه بلوچ)، “تلاش” (تبسم ماهتاب قريشي)، “ڪوڪو جيون سواليه نشان” (ناهيد مغل)، “اکيون ميگھه ملار” (خديجه شيخ)، “سامائي ته سک ويا” (نيلوفر جويو)، “نرڳ، (زبيده ميتلو)”، “اڻ ڄاتل شهر جو نقشو” (شبنم گل)، “مون خدا ڳولي ورتو آهي” سيما ابڙو ۽ ٻيا ڪافي افسانوي مجموعا آهن.
ناول: “گورا” (ڪماري ڪرپالاڻي)، “اتحاد” گلي سدا رنگاڻي “رنم رت ڦڙا”، “خلوت ۾” (بادام ناتوان)، “پريت پراڻي ريت نرالي” (سندري اتم چنداڻي)، “منجو”، “سيلاب زندگيءَ جو” (پوپٽي هيراننداڻي)، “هڪ دل هزار ارمان”، (ڪلاپرڪاش)، “منهنجا معصوم سڄڻ” (وينا شرنگي)، “ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ”، (ريٽا شهاڻي)، “خواب خوشبو ۽ ڇوڪري”، “پيار پناھون ڇانورا” (ماهتاب محبوب)، “منهنجي چاهتن جي منزل” (ڪزبانو سنڌي)، “سپنو ساڀيان ساڻ” (شبانه سنڌي) ۽ ٻيا آهن.
ناٽڪ: ڇپيل ڊرامن جو تعداد تمام گھٽ آهي. چند ڇپيل ناٽڪ هيٺيان آهن:
“جهانگير ۽ نورجهان جي اوائلي زندگي“ 1919ع (ساوتري جھانگياڻي)، “وڻجارا” (سندري اتم چنداڻي)، “ليک” (نور شاهين)، “چنڊ ۽ رلي” (غزاله شاهين ڀٽو)، “بي افعالي” (ثريا سوز)،
مٿئين احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ليکڪائن جو سنڌي نثر ۾ وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. ان کان علاوه هنن خط نويسي، ترجما نگاري، لطيفيات، صحافت، ٻالڪ ادب، تحقيق ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.
ڪوبه سماج تيستائين ترقي يافته ۽ مڪمل طور سڌريل نٿو سڏي سگهجي، جيستائين ان جي اڏاوت ۾ مرد ۽ عورت جي گڏيل سوچ، سگھه ۽ صلاحيتون ڪتب نٿيون اچن. انهيءَ حوالي سان هن مختصر جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي نثر ۾ اديبائن سماج جي اهم مسئلن تي قلم آزمائڻ، عورتن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور عورت جي تعليم ۽ تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ سندن تحريرن مان ذاتي مطالعو، مشاهدو، خيال، ويچار ۽ فني ۽ فڪري صلاحيتون سامهون اچن ٿيون ۽ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي عورت پڙهيل لکيل ۽ باشعور هئڻ سان گڏ اثرائتي قلمڪار آهي.
نثر جي حوالي سان سنڌي ليکڪائن تقريباً نثر جي سڀني صنفن ۾ قلم ڪاريءَ جا جوهر پيش ڪيا آهن. نثر نويسيءَ جي خوبين ۽ موضوعن جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ڪجهه ليکڪائن جي لکڻين ۾ وڏي پختگي ملي ٿي. ايتريقدر جو سندن تحريرون باقاعده ترجمو ڪري، ٻين ٻولين جي ادب سان ڀيٽڻ جي قابل آهن، پر ڪجهھ ليکڪائن وٽ اڃان لفظن جي ڀنڊار ۽ ان جي استعمال ۽ ڏانو جي ڪمي آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجو مطالعو وسيع ڪن ۽ نثر جي جنهن به صنف تي قلم کڻن، انهيءَ ۾ پيرائتي معلومات حاصل ڪري پوءِ لکن. وٽن تخليقي صلاحيتون آهن، پر فقط انهن جي ڪتب بيني تي ڌيان جي ڪجهھ ضرورت آهي. ڪجھه حد تائين موضوعن ۾ پڻ کوٽ ملي ٿي. سندن لکڻيون گھڻي ڀاڱي زناني عالم کي سماج ۾ پيش آيل مسئلن بابت آهن ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي مطالعي تي جيڪڏهن توجھه ڏين ته ممڪن آهي وٽن نوان موضوع اچي وڃن. مجموعي طور سندن خدمتون مڃڻ جوڳيون آهن.

