ٽن مهينن اندر ڪراچي شهر ۾ پوليو جو ٻيون ڪيس ظاهر
ڪراچي شهر ۾ پوليو جو ٻيون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. متاثر ٻار 5 مهينن جو افغان ڇوڪرو آهي. ٻار جي خاندان پاران چيو ويو آهي ته هن کي پوليو جا قطرا ته ڏنا ويا هئا پر ان جي جسم ۾ خوراڪ جي ڪمي جي ڪري اها دوا اثر نه ڪري سگهي. پوليو ٻار جي ٻنهي ٽنگن کي متاثر ڪيو آهي. هي ڪيس گذريل ٽن مهينن ۾ ٻيو ڪيس آهي. ٽن مهينن کان اڳ اهو مدو 20 مهينن تائين رهيو هو. ان کان اڳئين ڪيس ۾ ٻار جي والدين ته هن کي ڦڙا پيارڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو، پوليو مهم لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري اهلڪار فياض جتوئي ٻڌايو ته هن ٻار کي ڦڙا ته پياريا ويا هئا پر ان کي بعد ۾ اميونائيزيشن نه ڪرائي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته مان ڪراچي جي ماڻهن کي اپيل ٿو ڪريان ته هو پنهنجن ٻارن کي 5 سالن جي عمر تائين پوليو جا ڦڙا پياريندا رهن. هن اهو به ٻڌايو ته ٽي سال اڳ شهر ۾ 23 ڪيس ظاهر ٿيا هئا. هاڻي به ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هن وقت ڪراچي ۾ پنج سالن تائين عمر وارن ٻارن جي تعداد 24 لک تائين آهي جنهن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي ضرورت آهي.