بلاگنئون

ڪتاب عاشق عَزازِيل جو مختصر جائزو

عشق جنهن ۾ محبت جا ست ئي مرحلا پنهنجي بي خوديءَ ۾ رقص ڪن ٿا اُن احساس جون مختلف معنائون، مختلف سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن؛ ڪنهن جي لاءِ عشق فقط وهم آهي ته ڪنهن لاءِ هي سموري ڪائنات عشق جو سرچشمو آهي. ڪنهن لاءِ عشق فقط هڪ خيال آهي ته ڪنهن لاءِ سڄو سنسار عشق مثل آهي، ڪنهن عشق کي آرائين جي جهول ۾ ڀريل گلاب چيو آهي ته ڪنهن وري عشق کي پنهنجين سورمين جو سر، ساز ۽ سنگيت ڪوٺيو آهي، ڪنهن عشق کي آتش فشان سڏيو آهي ته ڪنهن وري ايشور جي اک ۾ اڀرندڙ ڳوڙهي مثل ٻڌايو آهي، ڪنهن چيو ته عشق خواب آهي، ڪنهن چيو ته عشق هڪ درد ڀري حقيقت آهي، ڪنهن چيو ته عشق منزل آهي، ڪنهن جي ته سموري عمر انھيءَ سفر ۾ گذري آهي، ڪنهن چيو ته عشق آڳ آهي، ڪنهن چيو ته عشق سمندر آهي، ڪنهن چيو ته عشق خدا آهي، ڪنهن جي لاءِ وري معشوق خود خدا آهي…!

عشق جا عظيم پهلو به آھن ته ڪي عجيب و غريب رنگ ڍنگ به آھن، ڪڏهن عشق محفلن ۾ رقاصا جيان نچائي ٿو ته ڪڏهن دربدر ڀٽڪائي رُلائي ٿو، ڪڏهن بادشاهه بڻائي تخت نشيني ٿو ڏئي ته ڪڏهن فقير بڻائي در در صدائون ٿو هڻائي، ڪڏهن جنگ جي ميدان ۾ فاتح ٿو بڻائي ڇڏي ته ڪڏهن وري سوليءَ تي ٿو چڙھائي؛ دار تي لٽڪائي، ڪڏهن موت تي قابض ٿو ڪري ته ڪڏهن وري جيئري ئي ٿو سسيون نيزن چاڙھائي، ڪڏهن عرش ٿو گهمائي ته ڪڏهن فرش تي زور سان ٿو اڇلائي، ڪڏهن هي عشق نئين نويلي ڪُنوار جيان سورنهن سينگار ٿو ڪرائي ته ڪڏهن وري بي رنگ بيواهه ٿو بڻائي، ڪڏهن هي عشق ٿو ڪنهن عالم کي درويش بڻائي ته ڪڏهن وري ڪنهن درويش مان ٿو وڏو عالم بڻائي، ڪڏهن هي عشق فراق جي درد ۾ جلائي ٿو، جاڳائي ٿو، لڇائي ٿو ته ڪڏهن وري معراج جا معجزا ٿو ڪرائي…! حسن درس جي هڪ سٽ ياد اچي پئي جنهن ۾ هُن عشق جي عجيب ۽ غريب رنگن جي منظر نگاري ڪئي آهي:

اخروٽ جي وڻن مان خارڪ پٽي نه سگهبي

پٽ ڪريل بازي اڀ مان جهٽي نه سگهبي

پر عشق آهي اولٽو ابتا ٿو وڻ لڳائي

وڻ ٽڻ لڳي ٽڙي پيا ڪنهن ڪوهسار خاطر

نئي سر وري ڄمياسين توساڻ پيار خاطر

ساڳئي ريت ھن عشق جي عجائب توڙي دل دهلائيندڙ پهلوئن کي قلمبند ڪندي مدهوش مير صاحب پنهنجو هڪ ڪتاب اسان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي جنهن جو عنوان آهي: عاشق عَزازِيل (عشق ۾ ناڪامي بعد، چريائپ جو معراج ماڻيندڙ، عاشق دلين جا انٽرويو قصا ڪھاڻيون) جيڪو 53 صفحن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ مون کي اُن سوال جو جواب مليو جيڪو مون کي پنهنجي پنجويهه سالا زندگي جي تجربي مان به ناهي مليو، مان هميشه ئي سوچيندي هئس ته ڇا واقعي درد جو حد کان گذري وڃڻ دوا ٿي وڃڻ هڪ حقيقت آهي؟/ڇا واقعي درد ۾ ڪا راحت رکيل آهي؟ ﻫﻲ اُهو سوال هو جيڪو هن ڪتاب پڙھڻ کان پهرين فقط هڪ سوال جي حيثيت ئي رکي پيو. هن سوال جو جواب ته مون کي هِن ڪتاب ۾ اُهي ڏهاڪو کن ڪيس/انٽرويو (عمران کان وٺي ناديا جون داستانون) پڙهي مليو جيڪي هِن عشق جي درد کي پنهنجو هٿيار بڻائي ڪاميابي جي بلند ترين منزلن تائين پهتا ۽ پنهنجو هيروئڪ ڪردار ادا ڪري هن معاشري ۾ امر مثال قائم ڪيائون! ايلف شفق جي انگريزي ادب جي هڪ جڳ مشهور ناول “فارٽي رولز آف لو” جنهن ۾ شمس طبريز پنھنجي محبوب جلال الدين روميءَ کي عشق جا چاليهه اصول ٻڌائي ٿو اُن ۾ پڻ عشق جي درد کي ڪاميابي جي ڪنجي طور ٻڌايو ويو آهي جيڪو مدهوش مير صاحب جي هن ڪتاب “عاشق عَزازِيل” جي ميجر ٿيمز مان هڪ آهي، اُن ڪتاب جي 19 نمبر اصول ۾ شمس طبريز چئي ٿو ته:

The midwife knows that when there is no pain, the way for the baby cannot be opened and the mother cannot give birth. (Shafak, 2009)

ترجمو: “دائي ڄاڻي ٿي ته جيڪڏهن ويم واري عورت کي سُور نه پوندو تيستائين ٻار جي نڪرڻ جو رستو نه کلندو ۽ ماءُ ٻار کي جنم نه ڏئي سگهندي! يعني تڪليف کان سواءِ ته انسان جو جنم به ناممڪن آهي.” يعني درد درد نه، پر ڪاميابي، ابتدا، واڌاري ۽ خوشيءَ جو سرچشمو آهي… ساڳيءَ ريت، مدهوش مير جو ڪتاب به هڪ اهڙو آئينو آهي جيڪو درد کي هڪ اهڙي سرچشمي طور پيش ڪري ٿو، جيڪو انسان کي ناڪامي جي پيڙائن مان ڪڍي ڪاميابيءَ جي منزل طرف وٺي وڃي ٿو، جيڪو اسان جي اندر بزدلي جون ديوارون ٽوڙي بهادري، بردباري ۽ عزم پيدا ڪري ٿو… ايملي ڊڪنسن جو مشهور نظم آهي جنهن ۾ هوءَ چئي ٿي:

After great pain, a formal feeling comes. (Dickinson, 1862).

هي به ڪمال جي نظم آهي، جيڪا ساڳي موضوع درد ۽ ان جي نتيجن  تي مشتمل آهي. مان سمجهان ٿي ته مدهوش مير صاحب جو ڏک بابت نظريو بيحد منفرد ۽ نرالو آهي. مدهوش جي نظر ۾، درد نه رڳو ڪنهن سور، تڪليف، اذيت يا زخمي دل جو نالو آهي، بلڪه اهو ته هڪ اهڙو مٺو تجربو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي شعور جي بلندين تائين رسائي ٿو. مدهوش جي ڪتاب جي رڳ رڳ يعني هر ڪهاڻي مان درد جو موضوع نمايان آهي، خاص طور تي ڪتاب جي شروعاتي حصي “پنھنجي پاران: ناڪامي کان سجاڳي تائين” ۾ مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو درد جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهي، پر پنهنجي محبوب جي حسن کي بيان ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس لاءِ هميشه، هر جاءِ تي هڪ اتساهيندڙ ساٿي رهيو آهي، جيڪو هميشه لاءِ رهندو. مدهوش جي نظر ۾، درد ڪو اهڙو ناسور نه آهي جيڪو دل کي ڇيهون رسائي، ڪوڙهه جي داغ جيان لُڇائي، جلائي بلڪه اُهو ته هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا زندگيءَ کي معنيٰ ڏئي ٿي. ڄڻ ته زندگي بنا درد جي بي معنيٰ آهي…! عاشق عَزازِيل جي ڏهن ئي ڪهاڻين جو اختصار ڪجهه هن ريت آهي: عمران جنهن جي دل ۾ هڪ عورت سان روحاني محبت سبب هر عورت لاءِ لازوال عزت ۽ احترام پيدا ٿيو؛ جنهن هر عورت کي هڪ مقدس مان مرتبو ڏئي پنهنجي فن جي شاندار شاهڪار بڻائي مصوري جي آسمان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو ۽ اڄ پاڻ هڪ بهترين مصور آهي، وشال جيڪو پنهنجي محبوبا جي بيوفائي سبب ذھني انتشار جو شڪار بڻيو، پر پوءِ ادب جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي هڪ عظيم اديب بڻجي ويو، ريشما جيڪا محبت جي نالي تي ٺڳجي حوس جو نشانو بڻي، پوءِ اُنهيءَ پيڙا کي لفظن جي صورت ڏيڻ سبب هڪ مشهور شاعره طور اڀري آئي، شائسته جنهن عشق جي چوٽ سبب مرڻ ٿي گهريو، پر پوءِ موت کي شڪست ڏئي هڪ ڪامياب بزنس وومين، بهترين ٽي وي هوسٽ ۽ هڪ مشهور اداڪارا ٿي پنهنجو نالو ڪمايو، جميلا جنهن عشق ۾ ناڪامي کي پنهنجي فتح ۾ بدلائي هڪ ڪامياب سائيڪولوجسٽ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين اين جي او جي تعمير پڻ ڪئي، سلميٰ جنهن شديد نروس/انٽروورٽ ڇوڪري هئڻ ڪري پنهنجي محبوب جي بيوفائي جو ستم سٺو پوءِ هڪ بيباڪ سماج سڌارڪ بڻجي روشناس ٿِي، سنجيلا جنهن محبت جي درد کي پنهنجي ذلت يا پيڙاءُ بدران پنهنجي طاقت بڻائي ڪيترين ئي خاموش عورتن جو آواز بڻي، سميرا جنهن پنهنجي محبت جو درد علم جي شمع ٻارڻ ۾ ڪم آندو ۽ پاڻ علم جا اوچا اوچا پهاڙ سر ڪري هڪ ڪامياب پروفيسر بڻجي وئي، عائشه جنهن پاڻ کي محبت جي راهه ۾ فنا ڪري ٻيھر زنده ٿي آئي؛ هُن پنهنجي پيڙائن کي لفظن جي شڪل ڏئي ادب جي ميدان ۾ تمام گهڻي عزت حاصل ڪئي؛ اڄ هوءَ هڪ مشهور ناول نگار آهي، آخرڪار ناديا جيڪا هن درد محبت جا سڀ مرحلا پار ڪري سِي ايس ايس آفيسر بڻجي پنهنجي بيوفا محبوب سان مهاڏو اٽڪائي، اکين ۾ اکيون ملائي هڪ ڪامياب ترين عورت هئڻ جو ثبوت پيش ڪيو…! هي مختصر جائزو مدهوش مير صاحب جي اڻٿڪ محنت جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن نه فقط هي انٽرويو وٺي عشق جي دل ڏاريندڙ پهلوئن تان نقاب هٽايو آهي، بلڪه اها پڻ سکيا ڏني آهي ته عشق ۾ ناڪامي زندگي جو انت نه، بلڪه هڪ نئين جنم جو آغاز آهي، محبت جو درد دل جو روڳ، روح جو ناسور نه، بلڪه ڪاميابي جي منزل طرف پهريون قدم آهي؛ مدهوش اسان کي محبت ۾ فنا ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر زندگي طرف واپسي جو رستو ڏيکاري ٿو، مدهوش اسان کي زوال کانپوءِ عروج تائين رسڻ جي اميد نه، بلڪه يقين ڏياري ٿو؛ اُهو يقين، اُهو عزم جنهن ناڪام کان ناڪام ترين عاشقن کي به شاهين کان بلند اڏام ڀرڻ سيکاري آهي، مدهوش هن ڪتاب ذريعي فقط هن معاشري جي رهواسي ھجڻ جو فرض نه نڀايو آهي، بلڪه ڪيترين ئي بيچين روحن کي سُڪون بخشيو آهي، ڪيترين ئي زخمي دلين تي مرهم رکيو آهي، ڪيترين ئي ذھني غريب ماڻهن کي امير بڻائي ڇڏيو آهي! مدهوش مير جو هي ڪتاب هن نسل لاءِ هڪ بهترين رهنما آهي، هڪ بهترين استاد آهي. ڇو جو ان ۾ هن ڪي هٿرادو يا فڪشنل قصا ناهن ٻڌايا، بلڪه اسان جي هن بند ذھن معاشري کي آئينو ڏيکاريو آهي؛ هي ڪي فلمي ڪردار نه، بلڪه حقيقي عاشق آھن جنهن ناڪامي بعد ئي عشق جي حقيقي منزل ماڻي، پاڻ کي ڊاهڻ کانپوءِ پنهنجي اصل شناخت ٺاهي، پنهنجو پاڻ مڃرايو… مدهوش هن ڪتاب ذريعي اهو واضح ڪيو آهي ته عشق فقط: دلڪشي، دل لڳي يا محبوب جي حاصلات جو نالو ناهي، بلڪه هي اُهو جنون آهي جيڪو انسان کي وقت تي به فاتح بڻائي ڇڏي ٿو، هي اُھا عبادت آهي، اُھا بندگي آهي جنهن سان اسان زندگي جي مقصد کي پنهنجو معشوق بڻائي امر ٿي سگهون ٿا، هي اھا رمز آهي جيڪا انسان کي انسانيت سان ملائي ٿي، هي اها راهه آهي جيڪا سڀئي ڪنڊا هٽائي منزل طرف گامزن ڪري ٿي، هي اُهو درد آهي جيڪو ازلي راحت ۽ سُرور جو سبب بڻجي ٿو، هي اُهو فراق آهي جنهن ۾ محبوب جي وڇوڙي بعد اسين پنهنجو پاڻ سان ملون ٿا، پنهنجو پاڻ کي سڃاڻون ٿا، پنهنجي پاڻ کي پرکيون ٿا، پنهنجو پاڻ سان محبت ڪريون ٿا، هي اُهو امرت آهي جنهن کي خود موت به شڪست نٿو ڏئي سگهي، هي اُهو آب حيات آهي جنهن کي پيئڻ بعد ئي امرتا حاصل ٿئي ٿي، هي اُھا اُلفت آهي جيڪا اسان کي زندگي جي هر امتحان ۾ سرخرو ڪري ٿي، هي اُھا لگن آهي جنهن جي اثر ۾ اچي دنيا جا مشڪل ترين پهاڙ، آزمائشون، امتحان کلندي کلندي، ٽهڪ ڏيندي، مرڪندي سر ڪري سگهجن ٿا، هي اھو جادو آھي جنهن سان ماضي جا باب بند ڪري، حال کي نعمت طور جيئندي، مستبقل پڻ سنواريا ويندا آهن، هي اُھا آرزو آهي جيڪا ٽُٽل دلين کي جوڙڻ جو حوصلو رکي ٿي، هي اُهو خواب آهي جنهن جي روشني سان هر تعبير سجائي سگهجي ٿي، هي اُهو مرهم آهي جيڪو وکريل وجود سميٽي ٿو ڇڏي، هي اُهو علاج آهي جيڪو لاعلاج مرضن جي دوا بڻجي ٿو، هي بند اکين سان نظر ايندڙ سراب ناهي ھي حقيقت ۾ هڪ نخلستان پيدا ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. هي اُهو معجزو آهي جيڪو انسان پنهنجي روشن خيالي، پنهنجي علم جي طاقت سان خلقي ٿو، هي زندگي آهي، زندگي جو حاصل آهي جيڪو عشق ۾ ناڪامي سبب پنهنجو پاڻ کي تباھ ڪرڻ نه، بلڪه جيارڻ ۽ ڪامل بڻجڻ سيکاري ٿو… مدهوش مير کي هن ڪامياب ڪتاب جي اشاعت تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. مان نٿي ڄاڻان ته هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ ڪيتريون اکيون اشڪبار ٿيون هونديون ته ڪيتريون وري عشق جي حقيقي منزل طرف گامزن ٿينديون، تعداد نٿي ٻڌائي سگهان، پر اهو يقين سان چونديس ته هي ڪتاب ازخود ڪاميابي جو، اتساهه جو، عزم جو هڪ بهترين پيڪر آهي، سڀني نوجوانن خاص طور تي عورتن کي گذارش آهي ته اُهي هي ڪتاب ضرور پڙهن ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻن، محبت جي اصل مقصد کي سمجهي هڪ ڪامل، هڪ ڪامياب انسان بڻجڻ جو حوصلو پيدا ڪن… محبت مرضِ لاعلاج ناهي، عشق فقط بي اختياري جو نالو ناهي، درد ڪا نه ختم ٿيندڙ پيڙا ناهي، بلڪه اهي سڀ مصور جي ڪينواس تي هڪ پرفيڪٽ تصوير چٽڻ جا رنگ آھن، اهي رنگ نه ھجن ته تصوير نه ٺهي، مجسمه ساز مجسمو نه بڻائي سگهن، شاعر شاعري نه ڪن، اديب لکڻ ڇڏي وڃن…! ڌڻي در دعا آهي ته اوھان جي قلم جي مس ڪڏهن به ڌنڌلي نه ٿئي ۽ اوھان ادب جي آسمان ۾ هميشه چمڪندا رهو، شال وسندا رهو، آباد رهو…آمين.

***