سنڌ جي سدا سر سبز زمين علم ۽ ادب سان هميشه مالا مال رهي آهي. هزارين سنڌي علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري چڪا آهن ۽ هزارين ماڻهو اڄ به علمي ۽ ادبي کيتر ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري رهيا آهن. سنڌ جو علمي ۽ ادبي ميدان افق تي روشن ستارن جيان چمڪي ۽ چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪي رهيو آهي، انهن ستارن مان هڪ ستارو جنهن پنهنجي زندگي جي لازوال محنتن سان پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي، اها آهي سنڌ جي سدا بهار ليکڪا ۽ تعليمدان محترمه خالده نسرين.۔
سنڌ جي سهڻي شهر نوابشاهه جي مشهور ۽ انتهائي قابل ڊاڪٽر ۽ سماج سڌارڪ محترم (مرحوم) ڊاڪٽر علي محمد نوراني جي گهر نون ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ آخري اولاد 4 سپٽمبر 1954 تي جنم وٺندڙ نياڻي جي نالو “خالده نسرين” رکيو ٿو وڃي، ۔ سندس عمر اڃان 21 سال مس ٿي هئي ته سندس پيءُ ڊاڪٽر علي محمد نوراني جنهن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ايندا هئا 1975 ۾ وفات ڪري ويو. اصل نوابشاهه جي خالده نسرين جي هاڻوڪي مستقل رهائش پنهنجن ڪٽنب سان ڪراچي ۾ آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم نوابشاهه مان حاصل ڪري ميٽرڪ اتان ئي ڪيائين جڏهن ته انٽر هن حيدرآباد مان بي. اي (فائن آرٽس) ۽ ايم. اي (سنڌي) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري حيدرآباد مان حاصل ڪئي. سنڌ جي مانائتي شخصيت خالده نسرين پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر جو آغاز بطور ليڪچرار گورنمينٽ گرلز ڪاليج هالا مان ڪيو، پر پوءِ جلدي ڪراچي بدلي ڪرائي 2014 ۾ بحيثيت ايسوسئيٽ پروفيسر رٽائرمينٽ حاصل ڪئي آهي. ۔
سندس شادي اپريل 1975 ۾ “ڊاڪٽر انور ڪمال انصاري” سان ٿي جيڪو 1998 ڌاري وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس پيءُ وانگر گهر وارو به ننڍي عمر ۾ جدائي جو داغ ڏيئي ويو، کيس ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد اٿس. سنڌ جي بهترين ليکڪائن ۾ شمار ٿيندڙ خالده نسرين ادبي کيتر ۾ 19 سالن جي ننڍي وهي ۾ پير پائيندي 1973 ڌاري اخبارن جي ٻارڙن جي صفحن ۾ لکڻ سان ڪئي ۔ سندس پهرين لکڻي عبرت اخبار جي ٻارن جي صفحي ۾ شايع ٿي ۔ سندس چوڻ موجب هن جو ادبي نالو شادي کان پهرين خالده نوراني، شادي کانپوءِ خالده انور ۽ هاڻ خالده نسرين جي نالي سان لکي ٿي. ۔
هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيائين ته شروع ۾ مختلف اخبارن جي ادبي صفحن ۽ رسالن جنهن ۾ “سوجهرو” ۽ “ڌرتي” ۾ منهنجون لکڻيون شايع ٿينديون رهيون، پر هاڻي مان پنهنجي ڪابه لکڻي پاڻ ڪانه موڪليندي آهيان، جڏهن ڪير چوندو يا گهرندو آهي ته پوءِ شايع ڪرائڻ لاءِ موڪلي ڏيندي آهيان، تنهن کانسواءِ ڪي رسالا ۽ اخبارون منهنجي فيس بُڪ پيج تان منهنجي ونڊ ٿيل لکڻي کڻي شايع ڪري ڇڏيندا آهن، انهن سڀني مهربانن جا لک ٿورا ٿي مڃان. ادبي استاد بابت چيائين هونئن ته ڪوبه نه آهي، پر مون جيڪو ڪجھه سکيو آهي سو انٽرنيٽ تي سرچ ڪندي آهيان، مختلف ويب سائيٽن تان ئي سکيو آهي. ۔
سنڌ جي نامياري شاعره خالده نسرين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين ڪنهن به عورت شاعره جو شاعريءَ جو ديوان “ديوان خالده نسرين” ڇپيو آهي، جنهن کي هوءَ وڏو اعزاز سمجهي ٿي، جنهن ۾ هڪ سئو پنج غزل آهن. ۔مجموعي طرح سندس شاعري جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) پيڙاء جي پاتار ۾ (مئي 2019). (2) چنڊ مٿي آڪاس (جنوري 2021). (3) ديوان (آڪٽوبر 2021). ايندڙ ڪتاب بابت خوشخبري ڏيندي چيائين ته ايندڙ شاعري جي ڪتاب جي پروف ريڊنگ جاري آهي ۽ تمام جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو، انهي کانسواءِ ٽن چئن ڪتابن جو مواد سهيڙيل آهي، اهي به انشاءَالله وقت بوقت ڇپائيندي رهنديس. شاعري جي هر صنف تي لکندڙ منفرد شاعره چيو ته مان بنيادي طور تي نظم جي شاعره آهيان، پر شاعري جي ٻين صنفن مثال طور: دوهو، وائي، چوسٽو، ٽيڙو، هائيڪو، گيت وغيره تي طبع آزمائي ڪئي اٿم، هاڻ عروض سکڻ کانپوءِ غزل لکڻ ۾ به ساڳي سولائي محسوس ڪريان ٿي، شاعري ۾ سندس پسنديده صنف غزل آهي. ۔
ادب ۾ ڪنهن کان متاثر آهيو؟
“جيئن ته ننڍي هوندي کان فڪشن پڙهڻ زندگي جو حصو رهيو آهي، سو هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن متاثر ڪيو آهي، سياست ۾ هوءَ “ذوالفقار علي ڀٽي” کان متاثر هئي، پر هاڻوڪي دور ۾ هو ڪنهن به سياستدان کان متاثر نه آهي. ۔
سنڌ جي مهان شاعره کان ملندڙ ايوارڊن بابت پڇيم ته چيائين جيتوڻيڪ مان ايوارڊن ۽ تمغن بدران ڪم جي قائل آهيان، پر تڏهن به اهو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان ته منهنجي ڪتاب “ديوان خالده نسرين” کي “ليٽرس اڪيڊمي پاڪستان” طرفان شاهه عبداللطيف ايوارڊ ۽ ڪيش انعام سان نوازيو ويو آهي. ۔
هر ادبي فنڪشن، سنڌي ادبي سنگت جي محفلن، لٽريچر فيسٽيول ۾ نظر ايندڙ ۽ سرگرم رهندڙ خالده نسرين هن وقت به سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي ۾ شامل آهي. ۔
الله جو شڪر آهي، زندگيءَ جون سڀ گهرجون ۽ جائز ضرورتون پوريون ٿي ويون آهن، مان خواهشون ڪونه پاليندي آهيان.
* طبيعت ۾ ڪيئن آهيو؟
تڪليف جي حد تائين ڊسيپلين واري ۽ اصول پرست آهيان. ۔
منهنجي پڇيل سوالن جا جواب سنڌ جي مانائتي شاعره ڪجھه سوالن جا انتهائي مختصر ۽ ڪجھه جا تفصيلي، پر مدلل ۽ شاندار ڏنا. آخر ۾ هن کان پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته چيائين:
“زندگي نهايت ئي مختصر پر با مقصد آهي، جيڪو سوچيو ٿا تنهن تي ترت عمل ڪريو ، زندگي رڳو خواب ڏسڻ لاءِ ڪونه ملي آهي، تعبير حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻو ٿو پوي.” ۔
سنڌ جي مانواري شاعره خالده نسرين جنهن کي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ انتهائي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، کيس بيپناهه عزتون حاصل آهن، هو نرم مزاج، خوش گفتار، ملڻسار ۽ محبتي جذبن سان سرشار، عزتون وٺڻ ۽ ڏيڻ واري شخصيت، جنهن جو علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ تمام گهڻو اوچو ۽ سگهارو آهي، سندس ادبي پورهيو اڃان به جاري آهي، سندس نالو ادبي افق تي روشن آهي، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري چڪي آهي. منهنجي دعا آهي ته ڀيڻ خالده نسرين جو قلم ڪڏهن به نه رڪجي ۽ شال سندس علمي ۽ ادبي قلم کي وڏي طاقت ملي ۽ ترقي جون منزلون ماڻيندي رهي، پالڻهار هر غم کان دور رکيس ۽ پنهنجن ٻچڙن سان شاد و آباد رهي، پڙهندڙن کي سندس ايندڙ ڪتاب جو بي چيني سان انتظار رهندو.۔