ايڊيٽوريلنئون

ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمنيءَ جي تازي لهر سنڌين لاءِ صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ جي گهڙي

ايم ڪيو ايم جيڪا هڪ شاگرد تنظيم جي طور تي جڙي ۽ پوءِ هڪ باقائده سياسي پارٽيءَ ۾ تبديل ٿي مهاجر قومي موومينٽ ۽ پوءِ متحده قومي موومينٽ جو نالو اختيار ڪري ڪراچيءَ مٿان قبضو ڪري ورتو. هن سياسي پارٽيءَ جو وجود ٻن آمرن (ضياءُ ۽ پرويز مشرف) جي دور ۾ وڌيڪ طاقتور ٿيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ سندن سياسي ٻج پوکي ان کي پاڻي ڏنو ويو ته جيئن پيپلزپارٽيءَ کي خاص ڪري ايم آر ڊي تحريڪ جي وڌندڙ طاقت کي روڪي سگهجي ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ مقامي حڪومت جي نظام يعني بلدياتي نظام ۾ نواڻ آڻي ناظم کي گهڻا اختيار ڏنا ويا. جماعت اسلامي جي نعمت الله خان کانپوءِ جڏهن ايم ڪيو ايم جو مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جو ناظم ٿيو ته سڄي ڪراچيءَ جي ڪنجي ايم ڪيو ايم جي هٿ ۾ ڏني وئي. مشرف دور ۾ ئي ايم ڪيو ايم جي طاقت ايتري وڌي وئي جو هنن 12 مئي 2007ع تي شهر ۾ کلم کلا تشدد ڪري شهرين کي يرغمال بڻايو، جنهن تي پرويز مشرف پنهنجي هٿ جي مُڪ ٺاهي، ان کي “عوامي طاقت” جو مظاهرو قرار ڏنو هو. جس آهي سنڌ جي عوام کي جنهن هميشه ان سڄي صورتحال تي پنهنجي صبر، هوش ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي ڪڏهن به اٻهرائيءَ سان ڪوبه قدم کڻڻ کان گريز ڪيو آهي، جنهن سان سنڌ جي اندر اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ڪو ٽڪراءُ پيدا ٿئي، اها ئي هن سنڌي سماج ۾ رهندڙ هر فرد جي سوچ ۽ دانشمنديءَ جو اظهار آهي. هن وقت ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڄاڻي واڻي ايم ڪيو ايم کي بيان بازيءَ لاءِ کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي ته جيئن سنڌ جي عوام کي چيڙائيندي رهي. ان ڳالهه جي سڀني کي خبر آهي ته 2024ع ۾ ٿيل چونڊن کانپوءِ ايم ڪيو ايم عوام ۾ ڪيتري مقبوليت ماڻي ۽ انهن کي ڪيترا ووٽ مليا ۽ کين ڪنهن ايتريون سيٽون ڏئي ڪراچيءَ جي سياسي ڀاڱي ڀائيواري ڏني. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن وقت ايم ڪيو ايم هڪ تاريخي پيچيده ۽ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي.

ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ڪراچيءَ جي عوام جيڪو ڀوڳيو ان سبب ايم ڪيو ايم پنهنجي شهرت ۽ قبوليت وڃائي ويٺي آهي، ان جي جاءِ وڏي حد تائين پي ٽي آءِ ڀري. لنڊن واري ڀائي جي نڪرڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي اندر ڪيترائي سياسي ڌڙا ٺهي پيا، جن کي مجبوري تحت هن وقت گڏ ويهڻو پئجي ويو آهي. ان کان علاوه ڪراچي جي وسيلن سبب ايم ڪيو ايم هميشه کان پيپلزپارٽي سان ٽڪراءُ ۾ رهي آهي. هن وقت هو وفاق جو حصو بڻجي پيپلز پارٽي تي ڄڻ دٻاءُ وجهڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن. ڇو ته وفاق جون مٿن خاص مهربانيون آهن. سنڌ حڪومت چاهي ڪيترو به بهتر ڪم ڪري، پر اهي هر وقت منفي پروپيگنڊا جي تحت نه صرف پيپلزپارٽي بلڪه هر ان شخص کان نفرت جو اظهار ڪن ٿا جيڪو سنڌ جي عوام سان همدردي ۽ محبت جي ڳالهه ڪري ٿو. هن وقت ايم ڪيو ايم کلم کلا مصلحت واري سياست ڪري اسٽيبلشمينٽ جي سهاري تي هلي رهي آهي. پاڪستان ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جا نالي ماتر ليڊر هر وقت ان خوف ۾ آهن ته لنڊن وارو گروپ ڪنهن به وقت سندن ووٽ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، ان ڪري اهي وڌيڪ شديد موقف اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. اسٽيبلشمينٽ انهن کي يقينن جيڪي سيٽون ڏنيون آهن ان جو پورو پورو ٽيڪس وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ انهن تي اهڙو دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جنهن سان هو پيپلزپارٽيءَ تي پنهنجو دٻاءُ ايم ڪيو ايم جي ذريعي وجهڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هڪ دفعو چونڊجي آيل حڪومتن کي پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ به آزادي سان حڪومت ڪرڻ ۽ آئيني حدن ۾ رهڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي. اهوئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم کي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿو وڃي. اسٽيبلشمينٽ مسلسل ارڙهين ترميم کي ختم ڪرائڻ لاءِ يا ان جون اهي شقون جيڪي صوبن کي وڌيڪ بااختيار ڪن ٿيون انهن کي مرحليوار گهٽ ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ تي دٻاءُ وجهندي رهي ٿي. نه صرف ايترو بلڪه سنڌ جي وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جن ۾ گئس، تيل، ڪوئلو ۽ سامونڊي پٽي شامل آهن، اهڙا حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا جنهن سان پيپلز پارٽيءَ جي ٻانهن مروڙي انهن کان پنهنجي مرضيءَ جو ڪم ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. پيپلزپارٽي هن وقت عوام جي شديد تنقيد جو شڪار به آهي ته ساڳئي وقت اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ جو به شڪار آهي.

ان جي باوجود به سنڌ جو عوام اهو سمجهي ٿو ته پ پ هڪ جمهوريت پسند پارٽي آهي ڇو ته سنڌ جي عوام وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪوبه متبادل موجود ڪونهي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به هڪ پارٽيءَ کي ناقابل شڪست پارٽي نٿي ڏسڻ چاهي. ڇو ته پيپلزپارٽي تاريخي طور تي فارين پاليسي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي پنهنجي آزاد راءِ رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته اهي معاملا سندن هٿ ۾ سندن مرضي مطابق رهڻ گهرجن. انهن سڀني ڳالهين جو دٻاءُ پيپلزپارٽيءَ تي مختلف صورتن ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم طرفان ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي گهر ۽ ٻيا اهڙا بيان جن ۾ ڪڏهن اجرڪ واري پليٽ تي سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ بيان ته ڪڏهن سنڌ جي ثقافت بابت پنهنجا ڏکوئيندڙ بيان ڏئي سنڌ جي عوام کي رنجيده ڪيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي باشعور ۽ سياسي پارٽين جي ليڊرن ۽ سياسي سمجهه رکندڙ ماڻهن جو فرض آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي انهن نفرت انگيز بيانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صبر ۽ هوشياري کان ڪم وٺن. ڇو ته هن وقت سڀ کان وڏي ڪوشش اها ڪئي پئي وڃي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي پاڻ ۾ ويڙهائي اڳئي وانگر ويڇا قائم ڪيا وڃن، پر جيئن ته وقت تبديل ٿي چڪو آهي، عوام باشعور ٿي چڪو آهي ۽ بار بار ساڳيا طريقا ڪامياب ٿي به نٿا سگهن. ان لاءِ اسان جي عوام کي گهرجي ته نعريبازي جي سياست کي رد ڪري ڪارڪردگي جي سياست تي سوال اٿاري. اردو ڳالهائيندڙ عوام جو به اهو فرض آهي ته هو ايم ڪيو ايم جي قيادت کان اهو سوال ڪن ته احسان تي مليل اهڙين سيٽن سان سندن ليڊر عوام جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهن ٿا؟ سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري سنڌ اندر مختلف ادارن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ جي مهم هلائي، نوجوانن جي اندر بيروزگاري سبب بيچيني کي ختم ڪري، وڏن شهرن سان گڏوگڏ ننڍن شهرن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن پروپيگنڊا جو جواب جديد طريقي سان مثبت ڪارڪردگي ڏيکاري ڏئي.