بلاگنئون

مائينڊ سيٽ ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿو جنم وٺي؟

اسلامو فوبيا جي ڳالھ جيئن مغرب ۾ عام جام آهي يا اتي ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ ڳالھ پڪي ويٺل آهي ته جيڪي به مذهبي يا اسلام جا پرچارڪ ماڻهو آهن يا جيڪي به اسلام جي ڳالھ ڪندڙ شخص آهن اهي سڀ جا سڀ دهشتگرد ۽ دهشت پسند آهن. ان ڪري جو ائِين ”فارورڊ سوسائٽين“ ۾ لڳندو آهي ته سڀ برابر آهن. توڙي جو هڪ ڪِنِي مڇي سڄي ٽوڪري کي ڀلي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ گرين پاسپورٽ هاڻي بليڪ ٿي ويو آهي. هڪ ماڻهو، قبيلي، ذات جي ڪري يا هڪ دهشت پسند گروھ (طالبان) جي ڪري سموري انسان ذات تي تهمت اچي ته ڀلي اچي. حالانڪه ائين ناهي، پر ڳالھ ان جي ابتڙ آهي، ان ڪري ڇو ته غلط پروپيگنڊا صحيح ڳالھ کي بگاڙي ٿي ڇڏي. جيڪا ڳالھ جي اصليت ۽ بنياد هجي ٿو، ماڻهو ان تائين پڄن نٿا، جيڪي فرنٽ مين هجن ٿا، جيڪي ماڻهو اڳ تي هجن ٿا، جيڪي مهندار هجن ٿا، جن تي معاشرا ايمان رکندا هجن، جن تي معاشري جي ماڻهن جي پڳ هجي ٿي ته اهي ان ڳالھ کي مڃيندا يا ايمان آڻيندا، جيڪا انهن کي شروعاتي معلومات ملي ٿي، ڪوڙ چئي چئي يا ڳالهائي ڳالهائي ماڻهو سچ تائين نٿا پڄن يا نٿا پڄايا وڃن. ان ڪري دين جون ٺيڪيداريون ڪم کي بگاڙيو ويٺيون آهن، هي پنهنجي ڪوڙ جا دڪان چمڪائي ٿا هلائين ۽ دين ۾ نفرت آسانيءَ سان کپائي ٿا وڃن. ڳالھ کي چاڙهي ۽ وڌائي به ڪن ٿا ته جيئن اها ڳالھ يا ڪوڙ کپي وڃي ۽ سندن واھ واھ ٿي وڃي. ڪنهن شاعر جي ڳالھ وانگي جي ان هي پنهنجي غزل ۽ گيت محبوب کان دريءَ مان يا گهر کان ٻاهر نه ڪڍيو ته معنيٰ سندس شاعري ڪنهن ڪم جي ناهي. ائين جي ممبر تي ويٺل ماڻهوءَ جي نفرت نه وڪامي ته پوءِ ڪهڙي ڪم جي، اهي جنوني ماڻهو جي هٿن ۾ باهين جا اُلا کڻي نه نڪتا ته پوءِ ڇا ٿيو. مثال طور: جي مثبت ڳالھ جي پرچارڪ ڪندڙ منارٽي (اقليت) ۾ هجي ته به غلط هوندي يا بي اثر لڳندي آهي يا غلط ڳالھ ڪندڙ ڀلي ميجارٽي (اڪثريت) ۾ هجي ته به صحيح. ان ڪري ته ماڻهن جو تعداد يا حمايت شيءِ کي غلط يا صحيح ثابت ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪنديون. ساڳي ڳالھ مذهبن جي نظرئي سان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ته اڪثريت ڇا چئي يا اڪثريت ڪنهن جي پٺيان ٿي هلي. ان ڪري ته ڳالھ ڳالھ تي بنياد ٿي رکي يا ڳالھ مان ڳالھ ڦٽي نڪري ٿي ۽ ڳالھ ڳالھ جو دليل پيش ٿي ڪري.

ساڳئي تناظر ۾ مائينڊ سيٽ معنيٰ سوچن جو اهڙو مجموعو جيڪو ماڻهوءَ کي اهو ڪجھ ڪرائي جيڪو ان جي اندر ۾ سالن کان وٺي ويهاريو ٿو وڃي، جنهن لاڙي تحت ماڻهو پنهنجي ايمان جي ذري به سنڀاليو ٿو اچي. مثال طور: روز جو ٻار کي پنهنجي مادري زبان ۾ پڙهائڻ ۽ پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ، مادري زبان جي لاءِ پيار ۽ ڪُل پاٻوھ جو اڀارڻ به مائينڊ سيٽ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ آهي. روز ٻار جي دماغ ۾ گرجا گهرن، ڪليسائن، مندرن ۽ مسجدن جي لاءِ تعظيم جو جُز پيدا ڪرڻ به اهي بنيادي سبق ڏيڻ آهي جيڪو ٻار جو دماغ پچائي پختو ٿو ڪجي ته تون صحيح آهين. ٻار جي اندر ۾ خوف پيدا ڪرڻ به مائينڊ سيٽ جا حصا هجن ٿا، ٻار کي ننڍي هوندي نانگ بلائن يا جيت جڻن، فطري سونهن، فطري خوف خطرا ذهن ۾ ويهارڻ به هڪ مائينڊ سيٽ جو جزُ ۽ ڪُل هجن ٿا. جوڳي يا پروفيشنل نانگ پالڻ واري جو ٻار ڪڏهن به نانگ کان نٿو ڊڄي، اهڙو ٻار جنهن کي اهو سمجهايو وڃي ته ”شيفرڊ نسل“ جي ڪتي يا انگلستاني نسل جي گهوڙي ۽ ٻلي ۾ ڪهڙو فرق آهي، ٻليءَ سان پيار ڪجي، ڪتي کي پالي رکجي وغيره وغيره، ته ٻار ڪڏهن به ڪتي سان يا ٻليءَ سان ويڙھ نه ڪندو، ٻار کي اهو سمجهايو وڃي ته هي ماڻهو اسان جي بيمار معاشري جا مڙس ماڻهو آهن، جنت جا ٺيڪيدار آهن، ڇو ته ”جنت دلاسو ناهي يا دوزخ دڙڪو ناهي“ پر حقيقت آهي. انسانيت اتم ۽ اعليٰ آهي، باقي سڀ ڌوڙ ڌَڪا آهي ته ٻار ڪنهن مذهبي دائري کي فالو نه ڪندو، ڪنهن ڪليسائي پوئلڳي کي هو ڪجھ به نه سمجهندو. مثال طور: ٻار پردگي يا بي پردگي هو پنهنجي اندر ۾ پلي رکي، چهري جي پردي ڪرڻ ۽ يا نه ڪرڻ سان ڪوبه فرق نٿو پئي، باقي ماڻهو جو اندر جو انسان يا جيڪو انٽويشن (جنهن جي مٿي ڳالھ ڪئي سين) ته جي مضبوط آهي ۽ ماڻهو سمجهي ٿو ته معاشري جو مرد هجي يا عورت اهي تيستائين مضبوط ترين فرد آهن جيستائين اهي پنهنجي اندر ۾ پڪا پختا ۽ مضبوط انسان آهن، باقي جي انهن جو اندر ڪئوارڙو ۽ نٻل، بيڪار ۽ بيسود آهي ته پوءِ ان کي مذهبي مصاف، برقعا ۽ پردا به ڪجھ بچاءُ نٿا ڏئي سگهن. ان ڪري مائينڊ سيٽ سوچن جو هڪ ڇڳو آهي، جيڪو ٻار يا ته پنهنجي مرضي سان پنهنجي اندر ۾ ٺاهي جوڙي ٿو رکي يا سوشل پريشر ان کي مجبور ٿا ڪن ته جيئن اسان ڪريون ٿا تيئن ڪر. اهو ائين به ناهي ته مائينڊ سيٽ ايترو ڪچو هجي ٿو جو رزو ٽوڙي ۽ جوڙي سگهجي. اندر جي جوڙ ٽوڙ عمريون ٿي گهري، ڪوبه دين ڌرم روز روز مٽائي نٿو سگهي، ڪير صبح هڪ ڌرم جي ڳالھ ڪري ۽ شام جو ٻئي ڌرم جي ڳالھ سو ٿي نٿو سگهي، ان ڪري مائينڊ سيٽ معنيٰ ٿو رکي.

جيئن مٿي ڳالھ ڪئي سين ته سوشل پريشر اسان وٽ يا هر سوسائٽي ۾ تمام گهڻا آهن، ڏٺي وائٺي ڳالهه لڳي پئي آهي ته هڪ جي ڪندو ته ٻيو ان سان ريس ضرور ڪندو، هڪ جي برائي ڪندو ته ٻيو ان جي ريس تي برائي ڪندو. سوشل پريشر ان ڳالھ جي ترغيب ٿا ڪن ته شيون اهي ڪيو جيڪي توهان کي ڏسيون وڃن، جن جي پرچارڪ ۽ حوصلو يا ڪا ترغيب ملي يا ڏني وڃي. مذهب ۾ جيتري نفرت مروج آهي، جيتري نفرت ڪري ثواب ڪمائي سگهجي ٿو اوترو عبادت ڪري به نه ڪمائي سگهبو هوندو. سماجي نظريا يا اشاره ڏيڻ وارا نظريا به ان ڳالھ ۾ اڳ کان اڳرا آهن ته جيڪي ڏسو اهو ڪيو ۽ جيڪو ڪيو ان جو ڦهلاءُ به ڪيو، معنيٰ شين جي پرچار ڪيئن ممڪن ٿئي يا جي پرچار ناهي ته شيون ڪيئن پروان چڙهنديون. ان ڪري اشاري واري نظرئي مان مراد اها به آهي ته شيون ڪهڙي طرف اشارا ٿيون ڪن، جيڪي عبادت گاهون، درس گاهون، مندر مسجدون، گرجا گهر يا ڪليسائون آهن اهي هڪٻئي جي ريس ۽ ان نظرئي تحت يا ته ٺاهيو يا ته ڊاهيو، هڪ باھ ڏني ته ٻيو به ان جي واٽ تي هلي، ان ڪري ته مذهبي ڳالھ مڙئي آهي ئي اها ته ڪري ڏيکاريون، جيڪي به شيون آهن انهن جي پرچار اهڙي ڪيو جو ماڻهو وائڙا ٿي وڃن، رواجن کي اهڙو مروج ڪيو جو ماڻهو سمجهن ته اهي جيڪي ڪن ٿا سو اهو ئي آهي، جيڪو ٿيڻ گهرجي ها، پوءِ شيون مثبت هجن يا منفي، پر ڦهلاءُ ڪيو، شيون ڪندا هلو ۽ سوشل پريشر تحت مذهبن کي به هلايو. مثال طور: هڪڙي جي گاڏي ورتي آهي ته ٻيو به رشوت وٺي حلال حرام گڏ ڪري به گاڏي وٺي ۽ ماشاءَالله لکرائيس باقي ٻيو خير آهي. سوشل پريشر اهي ئي ڏانوَ ٿا ڏين ته شيون ڪري ڏيکاريو ۽ ماڻهن کي به ترغيب ڏيو، مذهبي ذمرا به اهي آهن ته جيڪي ڪيو ان جي پرچار به ڪيو ۽ گروهه ٺاهيو. ڇو ته سوشل پريشر به پنهنجي جاءِ تي، پر گروهه بندي ۽ جٿي بازي جيت جو بهترين جُزُ ۽ آخر ڪُلُ به آهن. ان ڪري جي ذريون ذريون ٿي ويوَ ته ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيندو. ان ڪري سوشل پريشر وڌائي به سوسائٽي ۾ موثر بڻجي وڃو.

اسان وٽ جيڪي به سماجي دٻاءُ آهن معنيٰ جي ڪير هڪ ڳالھ تي بيهي ته گرجا گهر کي ساڙي راک ڪرڻو آهي ته اڪثريت ان ڳالھ تي ان ڪري به بيهندي ته ڪرڻو آهي. اهي انهن ماڻهن جي ايمان افروز ڳالهين جي مخالف نه ڪندا، انهن جي اندر جو اڀار ان کي وڌيڪ تقويت ڏيندو ته اهي موافق ماڻهو جيڪو ڪم ڪن ٿا سو صحيح آهي. انهن جو اندر ان ڳالھ تي اچي بيهندو ته هي جيڪي چون ٿا انهن کي جيئن جو تيئن مڃڻو پوندو نه ته دائري مان خارج. ان ڪري ته اهي جي اهو سڀ ڪندا ته معنيٰ اهي پنهنجي اندر جي اڀار جي آبياري ڪندا ۽ ايمان تازو ۽ پڪو ڪندا. انهن جو مذهبي ضمير ان ڳالھ جي اندر ئي اندر ۾ تنبيھ ڪندن ته ائين ڪيو ۽ ائين چئو جيئن اڪثريت چئي ٿي، جيئن اهي سڀ چون ٿا ائين ڪيو. انهن ماڻهن جي مڃتا ۾ اها شيءِ اتم آهي ۽ ان ڳالھ جون زميني حقيقتون، فائدا يا معروضي دٻاءُ به اها ڳالھ مڃين ٿا ته اڪثريت صحيح آهي ۽ انهن سڀني ماڻهن کي يهوديت، عيسائيت (سيميٽزم) مان خطرا آهن، ان ڪري انهن ماڻهن کي ڪري ڏيکاريو جن آسماني صحيفن جي بي حرمتي ڪئي ۽ انهن کي اسان جي سطح وارن ماڻهن انهن جي ملڪ (سوئيٽزرلينڊ) ۾ مات نه ڏني ته ڇا آهي. هاڻي انهن جي ڪليسائن ۽ گرجا گهرن کي هتي ساڙي راک ڪيو ۽ “جهڙي کي تهڙو” ڪري ڏيکاريو. اهي جي اسلامو فوبيا جي ڳالھ ٿا ڪن ته اسان به سيميٽزم معنيٰ يهودي فوبيا جي ڳالھ ٿا ڪريون ۽ عيسائيت کي رد ٿا ڪريون. ان ڪري ته مذهب يا مذهبي نعرا ان ڳالھ جا پرچارڪ آهن ته هڪٻئي جي عبادت گاهن کي ساڙي خاڪ ڪيو ته جيئن ٻنهي جهانن جو ثواب حاصل ڪري سگهو.