اسلامو فوبيا جي ڳالھ جيئن مغرب ۾ عام جام آهي يا اتي ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ ڳالھ پڪي ويٺل آهي ته جيڪي به مذهبي يا اسلام جا پرچارڪ ماڻهو آهن يا جيڪي به اسلام جي ڳالھ ڪندڙ شخص آهن اهي سڀ جا سڀ دهشتگرد ۽ دهشت پسند آهن. ان ڪري جو ائِين ”فارورڊ سوسائٽين“ ۾ لڳندو آهي ته سڀ برابر آهن. توڙي جو هڪ ڪِنِي مڇي سڄي ٽوڪري کي ڀلي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ گرين پاسپورٽ هاڻي بليڪ ٿي ويو آهي. هڪ ماڻهو، قبيلي، ذات جي ڪري يا هڪ دهشت پسند گروھ (طالبان) جي ڪري سموري انسان ذات تي تهمت اچي ته ڀلي اچي. حالانڪه ائين ناهي، پر ڳالھ ان جي ابتڙ آهي، ان ڪري ڇو ته غلط پروپيگنڊا صحيح ڳالھ کي بگاڙي ٿي ڇڏي. جيڪا ڳالھ جي اصليت ۽ بنياد هجي ٿو، ماڻهو ان تائين پڄن نٿا، جيڪي فرنٽ مين هجن ٿا، جيڪي ماڻهو اڳ تي هجن ٿا، جيڪي مهندار هجن ٿا، جن تي معاشرا ايمان رکندا هجن، جن تي معاشري جي ماڻهن جي پڳ هجي ٿي ته اهي ان ڳالھ کي مڃيندا يا ايمان آڻيندا، جيڪا انهن کي شروعاتي معلومات ملي ٿي، ڪوڙ چئي چئي يا ڳالهائي ڳالهائي ماڻهو سچ تائين نٿا پڄن يا نٿا پڄايا وڃن. ان ڪري دين جون ٺيڪيداريون ڪم کي بگاڙيو ويٺيون آهن، هي پنهنجي ڪوڙ جا دڪان چمڪائي ٿا هلائين ۽ دين ۾ نفرت آسانيءَ سان کپائي ٿا وڃن. ڳالھ کي چاڙهي ۽ وڌائي به ڪن ٿا ته جيئن اها ڳالھ يا ڪوڙ کپي وڃي ۽ سندن واھ واھ ٿي وڃي. ڪنهن شاعر جي ڳالھ وانگي جي ان هي پنهنجي غزل ۽ گيت محبوب کان دريءَ مان يا گهر کان ٻاهر نه ڪڍيو ته معنيٰ سندس شاعري ڪنهن ڪم جي ناهي. ائين جي ممبر تي ويٺل ماڻهوءَ جي نفرت نه وڪامي ته پوءِ ڪهڙي ڪم جي، اهي جنوني ماڻهو جي هٿن ۾ باهين جا اُلا کڻي نه نڪتا ته پوءِ ڇا ٿيو. مثال طور: جي مثبت ڳالھ جي پرچارڪ ڪندڙ منارٽي (اقليت) ۾ هجي ته به غلط هوندي يا بي اثر لڳندي آهي يا غلط ڳالھ ڪندڙ ڀلي ميجارٽي (اڪثريت) ۾ هجي ته به صحيح. ان ڪري ته ماڻهن جو تعداد يا حمايت شيءِ کي غلط يا صحيح ثابت ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪنديون. ساڳي ڳالھ مذهبن جي نظرئي سان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ته اڪثريت ڇا چئي يا اڪثريت ڪنهن جي پٺيان ٿي هلي. ان ڪري ته ڳالھ ڳالھ تي بنياد ٿي رکي يا ڳالھ مان ڳالھ ڦٽي نڪري ٿي ۽ ڳالھ ڳالھ جو دليل پيش ٿي ڪري.