بلاگنئون

مزاحمتي شاعري، مزاحمت ۽ اڄ جي سنڌ

مزاحمت مري وئي مذمت بچي آ

رت جي رشتن ۾ نه محبت بچي آ

گهٽو ڏئي ماريم حجت کي فقير

هر ڪو وهائي ٿو ڪڍي لت بچي آ

ننڍا هوندا هئاسين ته اها خبر نه هئي ته ڳائڻو ڪير آهي ۽ شاعري ڪنهن جي آهي، پر جڏهن اهو ڪلام هلندو هو ته ان ويل هڪ جوش ۽ جنون جنم وٺندو هو اندر ۾ ته:

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو

سهندو ڪير ميار او يار

پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته اهو آواز ڍول فقير جو آهي ۽ شاعريءَ جو خالق شيخ اياز آهي (شيخ اياز کي اڄ جا اڪثر اديب مرشد چوندا آهن، پر مرشد ڇو چوندا آهن اها خبر اڃان تائين نه پئجي سگهي آهي). ها بيشڪ هن ڪلام ۾ ميار ئي ته آهي جيڪا ماري ٿي وجهي. ٻيو ته هر مصرعو بهترين ۽ زبردست آهي، جنهن ۾ بغاوت ۽ انقلاب جو سڏ آهي. ايڪي ۽ اتحاد جي صدا آهي. ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ ڀسم ٿيڻ جو حساب ۽ ڪتاب شامل آهي، پر چون ٿا ته ان وقت ۾ هن ڪلام تي پابندي به لڳي هئي ۽ شاعر سميت فنڪار به جيل ڀوڳيو هو. ها بيشڪ اهو ڪلام آهي به ته اهڙو، پر افسوس جو هيل تائين قوم هڪ ٿي ڪري انقلاب نه آڻي سگهي، پر ويتر ئي وکري ڪري قبيلائيت ۽ قبيلائي ڪوس ۽ قتلام تي پهتي. ايتري قدر جو هاڻ ته ويتر ڌرتي به کسبي ٿي وڃي ته ڌاريا به قابض ٿي رهيا آهن. افسوس اڳتي الائي ڇا ٿيندو؟ ها هي به شيخ اياز جو نظم آهي جنهن کي چونڊيو آهي شيراز نواز شيخ ۽ مون ڪاپي ڪري هتي هن تحرير ۾ ايڊ ڪيو آهي، سو اياز صاحب چوي ٿو ته:

مون کي ھن اروڙ جي مٽيءَ

۽ ماءُ جي ٿڃ جو قسم آھي

ته ھيءَ ڌرتي

جنھن تي مان بيٺو آھيان

مون کي ايتري پياري آھي

جو جيڪڏھن

ان تان

منھنجي اجازت کانسواءِ

ڪوبه

ڪاني مان سنگ ڪپي

ته مان

ھن جو سر لڻي ڇڏيان!

جيڪڏهن شيخ اياز کان علاوه ٻين شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جي ڳالھ ڪبي ته پوءِ لطيف سرڪار هجي يا سچل ۽ سامي، بيدل هجي يا بيڪس ۽ بيوس، اترادي هجي يا ٿري ۽ لاڙي، ڪاڇوي هجي يا ڪوهستاني ۽ سيلاني مطلب ته هر شاعر پوءِ اهو صوفي هجي يا نه هجي، ماضيءَ جو هجي يا حال جو، سينيئر هجي يا ڪو جونيئر هجي ادبي سنگت جو ميمبر هجي يا نه به هجي، پر هر شاعر جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي شاعري ضرور ملندي پوءِ اها غزل جي صورت ۾ هجي يا وائي، ڪافي ۽ گيت جي شڪل ۾، مزاحمتي شاعري رڳو مرد حضراتن ئي ناهي ڪئي، پر عورت شاعرائن به وسان ڪونهي گهٽايو ۽ هنن به ڌرتي جي عشق ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي.

فيس بُڪ تي آسي زميني جمعو 16.08.2024 تي ڪجھ هن طرح پوسٽ اپلوڊ ڪئي ته:

مرشد اياز جي هڪ آيت

غور سان پڙهي راءِ ڏيندا.

“جيستائين سنڌي ٻولي، اُن جو ادب ۽ اُن جي شاعري زنده آهي، سنڌ کي ڪو لهر لوڏو نه آهي.” (شيخ اياز).

مٿي وارا لفظ سومر سورنهن نومبر 1992ع تي ڊائري ۾ لکيل شيخ اياز جا لفظ آهن ۽ هٿ اکر ڪنهن جا آهن سا ڪل ناهي. جنهن تي مختلف پڙهندڙن، شاعرن ۽ اديبن پنهنجا رايا ڏنا، ڪنهن واهه واهه ڪئي ته ڪنهن مخالفت ڪئي، پر رحمت الله ماڃوٺي جيڪو ڪمينٽ لکيو سو مون هتي ڪاپي ڪري پيش ڪيو آهي ته جيئن هر پڙهندڙ پڙهي سگهي ته وري سوچي به ته شيخ اياز ڇا ٿو چوي ۽ رحمت الله جي ڪهڙي راءِ آهي.

“ڪوبه شعر، ڪيڏو به اعليٰ هجي، ڪھڙي به شاعر جو لکيل هجي، دشمن جي هلايل گولي ته ڇا گليل کي به روڪي نٿو سگهي. ڪوبه غزل، ٺهندڙ ڪوڙي ڊوميسائل جي آڌار ڪميشن پاس ڪري ويهندڙ جي ڪرسيءَ تي ڪوڪو بڻجي به نٿو سگهي. ڪو قومي گيت پنجاب کان اچي سنڌ مان سينيٽر چونڊجڻ واري کي هارائي نٿو سگهي. هي سڀ نعريبازي ۽ ڪوڙ ابن ڪوڙ آهي. انهن ليکن تي چڙهي تباھ برباد ٿي وياسين، اڃان باز ڪونه ٿا اچون. پاپولر ٽرينڊ جا فالوور آهيون، جيئن ته اياز صاحب چيو آهي، تنهنڪري پاڻ کي واهه واهه ۽ واکاڻ ڪرڻي آهي. سچ غير مقبول ۽ ملامت ڪرائيندڙ عمل آهي تنھنڪري ڪوبه ڪونه ڳالهائيندو. هاڻي پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو ته سنڌ جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪهڙو فيصلو ٿا ڪن ته اياز جي لفظن ۾ سچائي آهي يا ماڃوٺي جي لکت ۾ طاقت آهي.

مهر فقير جو سچ: سچ اهو آهي ته جيڪڏهن شاعري جي مختلف صنفن سان دنيا ۾ موجود ملڪن جي سرحدن جي حفاظت ٿي سگهي ها ته هوند ڪنهن به ملڪ ۾ فوج يا جديد هٿيار جو ڪو وجود ئي نه هجي ها. هي مضمون مون شيخ اياز يا ڪنهن ٻئي شاعر تي تنقيد خاطر ناهي لکيو، پر وقت، حالتن، مزاحمتي شاعري ۽ مزاحمت تي لکيو آهي جنهن کي اصلاح چئبو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو تنقيد نگار دوست تنقيدي اک سان نهار ڪندو ته وري به آجيان ٿيندي. ڇو ته اسان امن پرست سوچ رکندڙ آهيون ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان قبيلائي، ادبي، سياسي يا ڌڙا بنديءَ وارا جهيڙا ناهيون ڪندا اهو ان ڪري جو اسان سنڌي پاڻ ۾ وڙهي وڙهي صفا ڪمزور ۽ بي طاقتا ٿي ويا آهيون. ها ته ڳالھ پئي ڪيم مزاحمتي شاعريءَ جي ته هتي هر شاعر مزاحمتي شاعري تخليق ڪري ٿو، پر افسوس جو عالم اهو آهي ته ڪٿي به مزاحمت نظر نٿي اچي. جڏهن ته سنڌ جا وسيلا ۽ ماڳ مڪان هٿن منجهان واريءَ وانگي نڪري رهيا آهن، ها البته مذمت ۽ سخت مذمت جا ٺڪاو ۽ ڌوڙيا جاري آهن.

ڪجھ وقت اڳ سنڌي ادبي بورڊ وارن نصابي ڪتابن تان ڍڳي وارو لوگو هٽائي سنڌ جو نقشو لوگو طور جاري ڪيو جنهن تي خاص ڪري سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن مذمتي بيان جاري ڪيا. پريس ڪلبن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايا، وڏا وڏا آرٽيڪل لکي اخبارن جا پيٽ ڀريا، پر ڪنهن جي به دال نه ڳري، پر جيڪڏهن انهن شاعرن ۽ اديبن کي واقعي به ڍڳي واري لوگو سان ايترو عشق هو ته پوءِ هنن کي سنڌي ادبي بورڊ جي مين گيٽ تي مرڻ گهڙيءَ تائين ڌرڻو هڻڻ گهرجي ها، جيئن ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ عهدن خاطر ورڪ ڪري پري پري کان ڀاڙا ڪرايا خرچ ڪري حيدرآباد ۾ جمع ٿيندا آهن ته پوءِ ڄامشورو ڪهڙو پري آهي، پر هڪ فرق آهي جو اليڪشن ۾ عهدن جي طلب آهي جتي ڪو احتجاج ناهي. جڏهن ته جي هو ادبي بورڊ جي گيٽ تي ڌرڻو هڻندا ته پوءِ لازمي سرڪار حرڪت ۾ ايندي ۽ اتي ڪير به نه چاهيندو ته ڪو مٿو ڦاڙايون يا ڪا ايف آءِ آر داخل ٿئي ان ڪري اهڙي مزاحمت کان بهتر آهي ته مذمت ڪري فارملٽي پوري ڪجي.

دنيا ۾ جڏهن ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ته فيس بُڪ تي رڳو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جون پوسٽون هونديون آهن، اخبارن جا اندريان صفحا ٻوليءَ جي مناسبت وارن مضمونن سان ڀريل هوندا آهن ته وري پريس ڪلبن تي اهڙا بينر کڻي فوٽو سيشن ڪيو ويندو آهي ته جيئن آڱر وڍرائي شهيدن ۾ نالو لکرائجي، پر افسوس جو هاڻي ته ڪير اها آڱر وڍائي شهيد ٿيڻ خاطر به تيار ناهي. سو جيڪڏهن اهي شاعر ۽ اديب گڏجي ڪري ڪراچيءَ ۾ اهڙو ڪو ڌرڻو هڻن ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو ته قسم سان انهن جو اهو مطالبو پورو ٿي ويندو باقي مذمت ڪندي صديون گذري وينديون، پر ورندو ڪجھ به نه. مزاحمت تان ياد آيو ته سنڌي قوم جا استاد جن جون مختلف تنظيمون آهن سي صرف ۽ صرف ذاتي مفادن ۽ مسئلن جي حل خاطر ڪراچيءَ ۾ پريس ڪلب، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس تي احتجاج ڪندا آهن جنهن ۾ مٿن پوليس وحشياڻو تشدد ڪندي آهي. واٽر ڪينن جو استعمال ٿيندو آهي،  گرفتاريون ٿينديون آهن، ايف آءِ آرز درج ٿينديون آهن، پر پوءِ به سلام آهي اهڙن استادن کي جيڪي لٺيون کائي مٿا ڦاڙائي پنهنجا حق حاصل ڪندا آهن، پر افسوس جو اهي استاد ڪاپي ڪلچر جي خاتمي، بند پيل اسڪولن خاطر يا گوسڙو ماسترن خلاف ڪابه تحريڪ ناهن هلائيندا. چوڻ جو مقصد ته مزاحمت جي بنياد تي استاد سرڪار کي ڪمزور ڪري وجهندا آهن. مزاحمت ۾ طاقت آهي ۽ طاقت سان ئي مزاحمت ٿيندي آهي جيئن لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته:

سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،

هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

مطلب ته شاهه صاحب به ويڙهه جي واٽ ڏسي آهي باقي جي لطيف جي دعا جي آسري تي:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

تي چپ ڪري گهر ۾ ننڊ ڪبي ته سڀ ڪجھ کسجي ۽ ڦرجي ويندو، جيئن سسئي کان پنهل کي کڻي ويا. ڇو ته ويٺي منزل ناهي ملندي، ستي پئي سڄڻ ناهي ملندو.

مزاحمتي شاعري اڄ به تخليق ٿئي ٿي، ڇپجي به اٿي پر الميو اهو آهي ته اها شاعري جيڪو تخليق ٿو ڪري سو پاڻ پڙهي ڪري پاڻ کي ئي واهه واهه جو داد ٿو ڏئي. باقي عوام ته ويچارو بغير وسيلن جي اٽي، لٽي ۽ اجهي پوري ڪرڻ ۾ غرق ٿيل آهي. ٻيو ته وري عوام کي هاڻي اها شاعري ٿي وڻي ته:

تنهنجي ڇاتيءَ جون ڇوليون

ڄڻ ڪليشن جون گوليون

سو ڪير ڪندو مزاحمت، هتي ته هاڻي ڪير ڪنهن وڏيري جي ڳچي پڪڙي بنيادي حق وٺڻ جي به ڪا طاقت ڪونه ٿو رکي. باقي ته شاعري مشهوري آهي، انهيءَ جي ڪري ته مهر فقير سچ چوندو آهي ته انقلابي شاعر سڄي ڄمار شاعري ڪندا، ڳائيندا ۽ ڳارائيندا رهيا، پر افسوس انقلاب نه آڻي سگهيا.