بلاگنئون

انڌي اعتبار جا آزار (تحقيقي مضمون)

انسان هن ڌرتيءَ تي اها واحد مخلوق آهي، جنهن ٻولي، محنت جي ورهاست ۽ هڪٻئي تي انحصار ڪرڻ وسيلي بي مثال ترقي ڪري پاڻ کي هڪ عام، ڪمزور، ڊڄڻي ۽ اقليتي مخلوق مان هڪ خاص، طاقتور، بهادر ۽ اڪثريت واري مخلوق بڻائي ڇڏيو آهي. هن نه فقط پاڻ تي سياڻو ماڻهو (Homo Sapiens) نالو رکيو آهي ۽ پاڻ کي “اشرف المخلوقات” جو لقب ڏنو آهي، پر ان کي ڪنهن حد تائين ثابت پڻ ڪيو آهي. اعتبار ئي اصل ۾ محنت جي ورهاست ۽ هڪٻئي تي انحصار جو بُڻ بُڻياد ۽ اساس آهي. هڪ پاسي اسان جو هڪٻئي تي اعتبار اسان کي ترقيءَ جي موجوده معراج تي پهچائي ٿو ته ٻئي پاسي اسان جي اعتبار ئي سموري انسانذات سميت اسان جي مجموعي ماحول ۽ ڌرتيءَ لاءِ وجودي خطرا پيدا ڪيا آهن.

انساني تاريخ جي تاريڪ ڳلين ۾ سلطنتن ۽ رياستن جي تعمير ۽ انتظام لاءِ اعتبار ئي سيمينٽ طور استعمال ٿيندو رهيو آهي، پر ٻئي پاسي انڌو اعتبار ئي انهن جي بربادي جو سبب رهيو آهي. اعتبار هڪ ڪمزور ڌاڳي مثل ڪم ڪندو آهي جيڪو جيڪڏهن هڪ رسي جي صورت ۾ وٽيل رهندو آهي ته ايمان ۽ عقيدي وانگر هڪ مضبوط ڄار طور ڪم ڪندو آهي، پر جڏهن ان کي بي احتياطيءَ سان شين ۽ ماڻهن کي ٻَڌڻ لاءِ شديد طاقت سان ڇڪيو ويندو آهي يا وري ان کي عوام اندر پيدا ٿيل شڪ ۽ غير يقيني جي باهه وڪوڙي ويندي آهي ته اهو اوچتو ٽَڙِڪو ڪري ٽُٽِي پوندو آهي. اڳواڻن، ادارن ۽ نظرين تي عوام جو گهربل اعتبار انهن کي اتحاد جي لڙِيءَ ۾ پوئي رکندو آهي، پر اهوئي اعتبار جڏهن انڌو بڻجي ويندو آهي ته اهو سچ جي چوٽيءَ کي ڏسڻ جي وچ ۾ هڪ ديوار بڻجي ويندو آهي. هن مضمون/ڪالم ۾ آئون انڌي اعتبار جي فريب، فريب ڪارين ۽ ان جي ٽُٽَڻ بابت ادبي، تاريخي ۽ نفسياتي پسمنظر ۾ رياست جي مختلف ٿنڀن ۽ ادارن جي منتظمين مٿان عوام جي انڌي اعتبار جي ڪري پيدا ٿيندڙ آزارن بابت پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪندس. ان کانسواءِ ميڊيا وسيلي ناڪاري سماجي نظرين ۽ تصورن کي هاڪاري طور فروغ ڏيڻ جي نتيجي ۾ انساني معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ نفرتن، جهالتن ۽ نالي ماتر ترقي جي دعوائن تي نظر رکندي انساني صحت، زندگي ۽ بقا لاءِ خطرو بڻيل مختلف صنعتي پيداوارن، جن تي اسان جو انڌو اعتبار آهي، بابت هڪ مختصر جائزو پيش ڪندس.

انڌي ڀروسـي جي ڪُنَ ۾ اها ڀُلَ سمايل آهي، جيڪا عوام کي يقين ڏياري ٿي ته سندن حڪمرانن جي دلين ۾ هميشه ڀلائيءَ جو چراغ روشن آهي ۽ اهي سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ سچا ۽ مخلص آهن؛ پر هيءَ ساڳي ڀُل وقت جي بي رحم هوائن ۾ وسامي وڃي ٿي، جڏهن رياست جا ٿنڀا ئي عوام لاءِ آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ بدران ڪجهه مخصوص طبقن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هجن. هن صورت ۾ رياست جا شهري پنهنجن خدمتن، پيداوارن ۽ اجرتن يعني پگهر جي پورهئي مان ڪٽيل اربن ۽ کربن رپين جي ٽيڪسن ۾ آس لڳائي ويٺا هوندا آهن ته سندن حڪمرانَ ۽ انهن جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ رياست جا ٿنڀا (مقننه، انتظاميه، عدليه ۽ ميڊيا) ۽ ادارا موٽ ۾ سندن جان، مال، آبرو جي تحفظ سميت کين روزگار، تعليم، صحت ۽ تفريخ جا برابر موقعا فراهم ڪندا؛ پر دنيا، خاص ڪري ٽئين دنيا، ۾ اهي خواهشون ۽ خوابَ ريگستان جي تتل واريءَ مٿان پاڻي جي سَراب وانگر ئي رهندا آهن.

مقننه يعني قانونساز ادارن ۽ اسيمبلين ۾، جتي انسان پسندي ۽ جمهوري قدرن کي ساکِي بڻائي عوام طرفان عوام جي ۽ عوام لاءِ حڪمرانيءَ جا قانون جُڙڻ کپن، اُتي به دوکو ۽ لالچ ڪاهي پيا آهن. ڏهاڪن کان مخصوص وڏيرا ۽ صاحبِ اقتدار پنهنجن خواهشن جا ڄار پکيڙي، قانون کي پنهنجي گهر جي باندي بڻايو ويٺا آهن. اهڙيءَ ريت اڪثر نوان فرمانَ، انصاف جي نه، پر بدعنوانيءَ جي ڄار کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا ۽ پکيڙين ٿا. خلق جِي ڪمايل دولت مان نپوڙي گڏ ڪيل اربين ۽ کربين رپين جي ٽيڪس جي رقم جيڪا انساني ۽ عوامي برابري جي باغ ۾ ٽِڙِي سڀني کاتن ۽ ادارن جي گلشن ۾ رنگين گلن جي سرهاڻ ۽ خوبصورتي سان گڏ مٺڙن ميون جي صورت ۾ عوام ۾ خوشي، سک ۽ ترقي جو سبب بڻجي ها، اُها اسيمبلين ۽ وزارتن جي اعليٰ مَسندَن تي ويٺل مُنصِفن جي پگهارن ۽ عياشيءَ مٿان گهورِي ۽ خرچ ڪئي ٿي وڃي. نتيجي ۾ سماج ۾ عوام بنيادي سهولتن جِي اڻ هوند ۾ تڙپندو رهي ٿو ۽ فقط زنده رهڻ کي ئي غنيمت سمجهي ٿو. تاريخ جا ورقَ اُٿلائڻ تي پتو پوي ٿو ته جمهوريتن جي زوال جو پهريون ڏاڪو قانون ٺاهيندڙن تي انڌو ڀروسو ئي رهيو آهي.

ٽئين دنيا جي اسان جهڙي ملڪ ۾ رياست جي ٻئين ٿنڀي، يعني انتظاميه ۾ شامل انتظام هلائيندڙ اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪامورا پڻ عوامي خدمت جي چمڪيلي لباس هيٺان دوکي جو ڄار پکيڙي بيٺا آهن. حڪمران ۽ ڪامورا پنهنجو قلم تلوار بڻائي، مخالفن کي چيڀاٽيندا آهن ۽ قلم جي ڪرپشن سان پنهنجي توڙي ساٿين لاءِ چمڪ دمڪ وارا سونا محل ٺاهيندا آهن. خلق جا ڏنل خزانن جا ڍير (ٽيڪسَ)، جيڪي حڪمرانيءَ ۽ ادارن جي چُستي ۽ انهن کي عوامي خدمت جي سِڌي دڳ تي هلائڻ ۽ اهڙي چوڪسيءَ لاءِ هئا، اُهي ڪامورن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل آهني اهلڪارن جي اسڪينڊلن جي واچوڙن ۾ لَٽجي ۽ لُٽجي وڃن ٿا. نتيجي ۾ جڏهن اوچتا مِينهنَ، ٻوڏون، طوفانَ ۽ زلزلا يا ٻيا فطرتي عذابَ اچن ٿا ته هزارين ۽ لکين ماڻهو بي يارو مددگار رهجي وڃن ٿا. جارج اورويل جي Animal Farm ۾ سوئرن جي حڪمراني به انهيءَ دوکي جو مظهر آهي، جتي هڪڙو کوکلو ڀروسو ۽ ايمان، سڄي برادري ۽ نظام کي اجاڙي ڇڏي ٿو.

اسان جي ملڪ ۾ عدليه، جيڪا انصاف جي ڪانٽي تي سنئِين ساهمي بڻجي بيهڻ کپي، اها به کوکلي ٿِي پئي آهي. ان لاءِ سُقراط جو هي قول هُوبَهُو ٺهڪي بيهي ٿو ته: “قانون ڪوريئڙي جو هڪ ڪمزور ڄار آهي، جنهن ۾ هڪ مَکِ ۽ مڇرُ ته ڦاسي سگهي ٿو، پر اهو هڪ سوئر کي روڪي نٿو سگهي.” هڪ پاسي انسان سماجي جانور هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن دوستن سان ناجائزڪمن ۾ ساٿ ڏئي ٿو ته ڪڏهن دشمنن جون ڌمڪيون سندس حق سچ جي ساٿ ڏيڻ ۾ جبل جيڏيون رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏين ٿيون. ٻئي پاسي اسان جي عدليه آهي جنهن جا جج صاحبان ۽ ٻيا ملازم دنيا ۾ چوٽيءَ جي انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي وڌ ۾ وڌ پگهارون ۽ ٻيون سهولتون کڻن ٿا، پر ان مان مظلوم عوام کي انصاف پلئه پوڻ بدران ڪيسن ۾ تاريخ تي تاريخ ملڻ سببان فيصلا سالن ۽ ڏهاڪن تائين اينگهجي وڃن ٿا ۽ سياسي اثر رسوخ ۽ ڳرِين رشوتن عيوض مظلومن کي ذلت ۽ رسوائي ملي ٿي، جڏهن ته ظالمَ باعزت برِي ٿي وڃن ٿا. ڪجهه حالتن ۾ جڏهن مظلومن کي عدالتن مان انصاف جو ڏيئو وساميل نظر اچي ٿو، تڏهن اهي قانون کي هٿ ۾ کڻي، ڏنڊي ۽ هٿيار جي زور تي پنهنجي ظلم جو بدلو ۽ انصاف پاڻ ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پون ٿا. نتيجي ۾ سماج ۾ لاقانونيت پکڙجي ٿي ۽ اهو ٽُٽي ٽڪرا ٿي وڃي ٿو. شيڪسپيئر جوMeasure for Measure  به انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته جڏهن عدالت ۾ نفاق ڄمندو آهي ته اختيار جو چهرو ڪارو ٿي ويندو آهي.

ميڊيا، جنهن کي علم جو اُجالو بڻجي ماڻهن کي راهه ڏيکارڻ کپي، سو به اڪثر اسٽيبلشمينٽ ۽ طاقتور ٽولن جي لٺ ۽ چٺ سببان چالاڪيءَ سان پنهنجن طاقتور پليٽ فارمن تان حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ ميڊيا جا ماڻهو به وڪيلن وانگر نانگ کي نوڙِي ۽ نوڙِيءَ کي نانگ ڪري پيش ڪرڻ ۾ مهارت رکندا آهن. اهوئي سبب آهي جو اهو ادارو تعصبن، نفرتن ۽ سازشي نظرين کي بنياد بڻائي هڪ مخصوص بيانيو جوڙي ماڻهن کي ورهائي ڇڏيندو آهي ۽ سندن اکين ۽ ذهنن تان سچائي جا عڪس ڌنڌلا ڪري ڇڏيندو آهي. خلق جڏهن ميڊيا تي انڌو ڀروسو ڪندي آهي ته سندن سوچ به پيش ڪيل بيانيي مطابق ٺهندي ويندي آهي. ڪوڙين خبرن جا طوفان، هڪ پاسي ملڪن جي محلاتن کي لوڏي ڇڏين ٿا ته ٻئي پاسي هڪ عام ماڻهو لاءِ محلاتن تائين رسائي جا دڳَ آسان بڻائي ڇڏين ٿا. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ماڻهن جي دلين ۾ محبتن ۽ نفرت جا طوفان پيدا ٿين ٿا ۽ شهرن ۾ فساد برپا ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت جڏهن رياست جا چارئي ٿنڀا عوام جو ڀروسو ۽ اعتماد وڃائي ويهن ٿا، تڏهن ملڪ جي معيشت ناڪاريءَ معيارن ۾ اُلجهي تباهي جِي ڌٻڻ ۾ ڦاسِي غرق ٿي وڃي ٿي، سماج تباهي جي ڪناري تي پهچي وڃي ٿو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ اهڙي مايوسي جنم وٺي ٿي، جا آخرڪار انهن کي ظلم ۽ لاقانونيت جي راهه ڏي وٺي وڃي ٿي۔

رياست جي ٿنڀن کان علاوه ڪارپوريشنون ۽ ڪمپنيون پڻ صارفن جي صحت کان وڌيڪ سندن خريداري جي لاڙي ۾ دلچسپي رکنديون آهن ۽ انهن کان وڌ ۾ وڌ پئسا خرچائڻ ۽ ڪمائڻ چاهينديون آهن. ميڊيا کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندي ڪارپوريشنون ۽ ڪمپنيون پنهنجن پيداوارن جي ابتي اشتهار بازي ڪنديون آهن. مثال طور: سگريٽ ۽ سافٽ ڊرنڪس (پيپسي، سيون اپ وغيره بوتلون) ڏندن، ڦڦڙن، معدي ۽ هاضمي لاءِ چڱا خاصا نقصانڪار هوندا آهن، پر انهن کي بهترين طاقت، توانائي، صحت ۽ سماجي رتبي کي بلند ڪندڙ شيءِ طور پيش ڪيو ويندو آهي؛ پر جديد تحقيقن مطابق اهي واپرائجندڙ شيون ڪينسر جهڙي موذي مرضن جو سبب پڻ بڻجنديون آهن. آمريڪا جِي 3M (Minnesota Mining and Manufacturing Company)  ڪمپني ڏهاڪن تائين کاڻين مان کوٽي ڪڍي ويندڙ خطرناڪ ڪيميڪلز جي مضرِ صحت ۽ زهريلن اثرن کي لڪائيندي رهي جنهن سان وڏي پيماني تي مزدور طبقي جون زندگيون آزار ۾ پئجي ويون. ساڳي ريت ٽيٽرا پيڪ کير، دٻن ۾ محفوظ ڪيل کاڌن ۽ کائڻ پيئڻ وارين شين کي پلاسٽڪ جي بوتلن ۽ ٿيلهين ۾ وڪرو ڪرڻ واريون ڪارپوريشنون ۽ ڪمپنيون انهن کي وڏي عرصي تائين محفوظ ڪندڙ ۽ ٻين صحت جي لاءِ نقصانڪار ڪيميڪلن جي باري ۾ عوام کي اڻ ڄاڻ ۽ انڌو رکن ٿيون. ڇو ته آگاهي ڏيڻ سان سندن منافعي بخش ڪاروبار ٺپ ٿي ويندا، ان ڪري اهي ابتڙ اشتهار بازي ڪري عوام ۾ غلط بيانيو جوڙينديون رهنديون آهن. اڄڪلهه جي ماحولياتي آلودگين ۽ تبديلين جو هڪ سبب اهڙا خطرناڪ ڪيميڪل پڻ آهن.

ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته اسان گهڻو تڻو دوکي جي دنيا ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. اهو دوکو اسان تائين پنهنجن توڙي پراون رياستي ٿنڀن ۽ بين الاقوامي ادارن ۾ بدعنواني جي ڪري پهچي رهيو آهي. قومي توڙي بين الاقوامي ڪمپنيون ۽ ڪارپوريشنون پڻ ميڊيائي اشتهارن ذريعي مضرِ صحت مصنوعات وڪرو ڪري رهيون آهن، جن کي اسان خوشيءَ سان پنهنجي ضرورت، عياشي يا رتبي لاءِ واپرايون ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪمرانن، ادارن ۽ مصنوعات تي انڌي اعتبار بدران اسان پاڻ ۾ تنقيدي شعور پيدا ڪريون ۽ پنهنجون اکيون ۽ ذهنَ کُليل رکون!

مددي ڪتاب:

Gallup. (2025). Confidence in institutions: Historical trends. Retrieved from [A Gallup report on institutional trust].

Huxley, A. (1932). Brave New World. London, England: Chatto&Windus. Orwell, G. (1945). Animal Farm. London, England: Secker & Warburg.  Shakespeare, W. (1622). Othello. London, England. Transparency International. (2025). Corruption Perceptions Index 2024. Retrieved from [Transparency International report].  U.S. Consumer Product Safety Commission. (2023). Amazon held liable for distribution of faulty carbon monoxide detectors. Retrieved from [A government report]. World Health Organization. (2020). Tobacco industry interference with public health policies. Retrieved from [WHO report].