بلاگنئون

سنڌ جو بهادر فرزند شھيد هيمو ڪالاڻي

انگريز سامراج کان آزاديءَ جي جنگ ۾ پنھنجي جان گھوريندي مُرڪندي ڦاھيءَ چڙھي ويندڙ سرويچ ھيمو ڪالاڻي 19 سالن جو ڳڀرو جوان پراڻي سکر واسي ھيمو ڪالاڻي  جي ورسي گذريل مهيني 21 جنوري تي هئي. ليڪن اڄ پراڻي سکر جي بوسيده گھر تي ڪا تختي نه آھي جيڪا کيس ڪا ڀيٽا ڏئي. جنوري 1943 ۾ سندس ڦاسي کانپوءِ سندس نالي ڪيل ھيمو ڪالاڻي پارڪ کي ورھاڱي کانپوءِ بن قاسم پارڪ چيو ويو، سنڌ ۽ سکر وارا  ايڏا  بي خبر  جو ھيمو جي نشانين کي  ممبئي جي رفيوجي ڪئمپن ۾ ڳولهيندا وتن. ورھاڱي کان پھرين گڏيل ھندستان ۾ آزادي جي ويڙھاند ۾ سنڌ جي ماڻھن جي قربانين جو وڏو ڀاڱو رھيو آھي، جنھن جو ذڪر ڪو ورلي ڪيو وڃي ٿو. اسان جي اسڪولن ۾ تاريخ جي ڪتابن مان اسان جي ھيروز جو ذڪر غائب آھي. سنڌ جي عظيم سپوت ۽ آزاديءَ جي متوالي شھيد هيمو ڪالاڻي جي زندگي قرباني ۽ بهادريءَ جو هڪ مثال آهي.

اسان سنڌ وارن پنھنجي وطن جي آزاديءَ جي ھيروز  کي وساري ڇڏيو، پر 1983 ۾ اندرا گانڌي ھڪ سنڌي سميلن ۾ سندس نالي پويان ھڪ ٽپال جي ٽڪلي جاري ڪئي جنھن تي ھيمو ڪالاڻي جي تصوير ھئي. سندس والده  ڄيٺي ٻائي کان ان جو افتتاح ڪرايو ويو، جنھن ۾ پنجاب جي آزادي جي ھيرو شھيد ڀڳت سنگھه جي ماءُ کي به گھرايو ويو ۽ ائين شھيد پنجاب ۽ شھيد سنڌ جي امڙين  گڏجي پنھنجي جوان سورمن کي ياد ڪيو جن جي گڏيل تصوير ان زماني ۾ وائرل ٿي ھئي.

هيمو ڪالاڻي 23 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو پيسو مل ڪالاڻي ۽ والده جو نالو ڄيٺي ٻائي هو. هيمو ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين، بهادر ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار هو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ مشهور تلڪ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. هيمو  ڪالاڻي جي گهر جو ماحول سياسي ۽ انقلابي هو. سندس چاچو ڊاڪٽر منگها رام ڪالاڻي هڪ سرگرم آزادي پسند اڳواڻ هو، جنهن کان متاثر ٿي هيمو به ننڍي عمر ۾ ئي انگريزن خلاف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن “سوراج سينا” نالي شاگرد تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پرڏيھي مال جي بائيڪاٽ ۽ “سويديشي”  (پنهنجي ملڪ جو سامان) استعمال ڪرڻ جي پرچار ڪئي. 1942ع ۾ جڏهن مھاتما گانڌي “هندستان ڇڏيو”(Quit India Movement)  جي تحريڪ شروع ڪئي ته سنڌ ۾ به ان جو وڏو اثر ٿيو. انگريز سرڪار سکر واري علائقي ۾ پنهنجي فوجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ريل ذريعي هٿيار ۽ فوج موڪلي رهي هئي. هيمون ڪالاڻي ۽ سندس ساٿين کي جڏهن خبر پئي ته هڪ فوجي ريل سکر مان لنگھڻي آهي ته هنن ريلوي پٽڙي کي اکيڙڻ  جو فيصلو ڪيو، بدقسمتيءَ سان، جڏهن هو پٽڙي اکيڙي رھيا ھئا ته برطانوي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ته جيئن هو پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌائي، پر هن بهادر نوجوان پنهنجي زبان نه کولي. مارشل لا عدالت هيمو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي. سڄي ملڪ ۽ سنڌ ۾ ان فيصلي خلاف وڏو احتجاج ٿيو، پر انگريز سرڪار پنهنجي ضد تان نه هٽي. آخرڪار 21 جنوري 1943ع تي، سکر جيل ۾ هن 19 سالن جي نوجوان کي ڦاهي ڏني وئي. چون ٿا ته جڏهن کيس ڦاهي جي تختي تي چاڙهيو ويو، تڏهن به سندس چهري تي مرڪ هئي ۽ هن “انقلاب زنده باد” جا نعرا هنيا.

سر فروشي ڪي تمنا اب هماري دل مين هي

ديکنا هي زور ڪتنا بازوئي قاتل مين هي.

سندس ڦاسي کانپوءِ 1945 ۾ جواھر لال نھرو سکر اچي سندس امڙ سان تعزيت ڪئي. چون ٿا مشھور جنگ آزادي جو ھيرو سڀاش چندر بوس به سندس قربانين جي تعظيم ۾ وٽن سکر آيو ھو.  هيمو ڪالاڻي کي اڄ به سنڌ ۽ هند ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. کيس “سنڌ جو ڀڳت سنگهه” چيو ويندو آهي. هندستان جي پارليامينٽ هائوس ۾ سندس مجسمو لڳايو ويو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن کي سندس قربانيءَ جي ياد ڏياري ٿو.

 ان وقت سنڌ جي اهم شهرين درخواست داخل ڪري وائسراءِ کي اپيل ڪئي ته سندس سزا گهٽائي وڃي. ان ۾ سنڌ جو ساڌو واسواڻي به شامل ھو. وائسراءِ شرط رکيو ته جيڪڏهن هيمو ڪالاڻي پنهنجن ساٿين جا نالا ۽ پتا ٻڌائيندو ته سزا معاف ڪئي ويندي، پر هيمو ڪالاڻي ان شرط کي رد ڪري ڇڏيو ۽ مرڪندي ڦاھي چڙھي ويو.

دار پر جا ڪي ڀي نعره حق بلند ڪيا،

تم ني ظلمت مين ڀي سورج ڪو جنم ديا.

***