بلاگنئون

ڪتاب ”سپاهي کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ جو تنقيدي جائزو

جڏھن ”ڪووڊ اوڻيھه“ اسان سڀني مٿان ھڪ قھر ٿي ڪريو ھو ۽ گھر ۾ ويٺي ويٺي ڌپ ڪرڻ لڳو ھئس ته مون ڪافي ڪتاب نه صرف گُھرايا، پر الائي ڪيترا پڙھيا به ھئا جن ايترو ته سرور ۽ ڄاڻ ڏني جو مون کان ته مُئي وبا ئي وسري وئي ھئي، پر مون کي شديد افسوس ان ڳالھه تي آھي ته ايترا  ڪتاب پڙھڻ جي باوجود مون ڪنھن به ڪتاب تي ڪو تجزيو يا تبصرو نه ڪيو ۽ نه ئي لکيو. انھن ڪتابن ۾ مان قدرت الله شھاب جو “شھاب نامو”، جيڪو اردو ۾ لکيل سندس آتم ڪٿا آھي به پڙھيو جنھن پنھنجي افسانوي انداز سان ڪافي عرصي تائين مون کي پنھنجي طويل سحر ۽ گرفت ۾ جڪڙي رکيو. قدرت الله شھاب ڪشميري نسل جو ۽ برٽش انڊيا جي چند مسلمان آءِ سي ايس (Indian Civil Services ) آفيسرن مان ھڪ  ھو. جڏھن گورا ڇڏڻ لڳا ۽  ھندستان جو ورھاڱو ٿيو ته قدرت الله شھاب پاڪستان اچي ساڳي ئي نوڪري ساڳي ئي عھدي تان شروع ڪئي. چوڻ وارا چوندا آھن ته قدرت الله شھاب پنھنجي وقت جو ھڪ تمام شاطر قسم جو ماڻھو ۽ آفيسر ھو. اھو پڻ چيو ويندو آھي ته ايوب خان جي سڄي سرڪار ھلائڻ جي پويان قدرت الله شھاب جا  مضبوط ۽ ڳجھا ھٿ ھئا. بھرحال آتم ڪٿا پڙھڻ سان به پاڪستان جي شروعاتي سرڪاري ۽ سياسي ڀڃ ڊاھ جي ڪافي واقعن جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي، پر ھينئر مون کي ڪتاب جو  گھڻو ڪو احوال ياد ناھي ۽ مان جيڪڏهن سندس ھي ڪتاب ٻيھر پڙھيو ته آئون ان ڪتاب تي ضرور لکندس. في الحال صرف اھو چئي سگھان ٿو ته قدرت الله شھاب جو ڪتاب گھڻي حد تائين افسانوي آھي، پر لکيل انتھائي ڪمال جو آھي! بلڪل ائين آھي جيئن پاڻ سنڌي ۾ ڪنھن شيءِ لاءِ  چوندا آھيون: ھڻ کڻي!

اھا ته ٿي حاجي قدرت الله شھاب جي ڳالھه، پر ھينئر وري جيڪو ڪتاب مون پڙھي پورو ڪيو آھي اھو آھي: “سپاھي کان وفاقي سيڪريٽري تائين”. ھي ڪتاب حاجي محمد جمن ڄامڙو جي سنڌي ۾ لکيل آتم ڪٿا آھي. ھن ڪتاب ۾ ٽوٽل 655 صفحه آھن ۽ جمن صاحب ھي ڪتاب 2019  ۾ لکي سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان شايع ڪرايو. آئون اھو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته ڄامڙو صاحب ھي ڪتاب پنھنجي نوڪري کان رٽائرمينٽ جي تقريبن ستن سالن کانپوءِ  لکيو!

ڪتاب تي روايتي تبصري ڪرڻ کان پھرئين آئون اھو به ضروري ٿو سمجھان ته پڙھندڙن کي ھن ڪتاب جي رام ڪھاڻي کان ٿورو آگاھ ڪجي ته جيئن انھن کي منھنجي طرفان ٿيندڙ تنقيدي جائزي جي مڪمل پسمنظر جي ڄاڻ ھجي.

 محمد جمن صاحب لکن ٿا ته ھو ھڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد جعفر ڄامڙو تعلقو  گمبٽ، ضلعو خيرپورميرس  جو آھي ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ اسلام آباد ۾ رھائش پذير آھي. اھو محض ھڪ عجيب اتفاق آھي ته قدرت الله شھاب به حج ڪيا ۽ سنھاري رکي ۽ محمد جمن صاحب به ائين ئي ڪيو. اھو به ھڪ اتفاق آھي ته ٻئي ھڪ ئي سروس جا ڪامورا ھئا ۽ ٻنھي پنھنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ ئي  آتم ڪٿائون لکيون. خير اھو ته ٿيو  ٻنھي ڪامورن جو نج ذاتي معاملو. ھاڻي اچون ٿا ڪتاب تي جنھن جو مختصر تت ۽ جائزو اوھان آڏو پيش ڪجي ٿو!

“سپاھي کان وفاقي سيڪريتري تائين” جمن صاحب پنھنجي بچپن کان وٺي رٽائرمينٽ ۽ ان کان بعد جي پنھنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ ڪارنامن  تي گھڻو ڪجھه لکيو آھي. ھو لکي ٿو ته سندن تعلق ھڪ غريب گھراڻي سان ھو ۽ پڙھي لکي، محنت ڪري ھو ڪيئن سپاھي کان فيڊرل سيڪريٽري تائين پھتو. فيڊرل سيڪريٽري ٿيڻ کي ھو نوڪري جي ھڪ معراج سمجھي ٿو! ۽ حقيقت ۾ پاڪستان جھڙي ذھني مريضن واري ملڪ، خاص ڪري پنھنجي سنڌ  ۾ ائين آھي ڇو ته اسان وٽ رڳو سرڪاري نوڪري ئي سڀ ڪجھه آھي، ٻيا سڀ ڪم ڄڻ کٽي ويا آھن! خير اھو ھڪ اجايو بحث ۽ وقت جو ذيان آھي!

 ڪتاب پڙھڻ مان خبر پوي ٿي ته جمن صاحب بنيادي تعليم گمبٽ جي سرڪاري اسڪول مان ورتي.  ان کانپوءِ ڪجھه ٽائيم استادي پيشي سان لاڳاپيل رھيو ۽ بعد ۾ ٽي چار سال فوج ۾ سپاھي پڻ ڀرتي ٿيو، جتي ٽريننگ (ڊرل) ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪجھه عرصي کانپوءِ پاڻ اھا نوڪري ڇڏي پاڪستان اسٽيل مل ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. ڄامڙي صاحب نوڪرين سان گڏوگڏ تعليم به جاري رکي ۽ فوج جي ڪميشن ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر ميڊيڪل سببن جي ڪري سندس سليڪشن نه ٿي سگھي. بھرحال اسٽيل مل واري نوڪري کي الوداع ڪري قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ داخلا ورتي ۽ ان دوران ئي ھن سي ايس جو امتحان به ڏنو، جنھن ۾ ھي ڪامياب ٿي ڊي ايم جي (ھاڻي واري PAS ) آفيسر ٿيو. قائد اعظم يونيورسٽي ۾ پڙھائي دوران ھن سنڌي ريتون رسمون برقرار رکيون ۽ انتظاميه جي مخالفت جي باوجود پنھنجي سنڌي ٽوپي واري تصوير يونيورسٽي جي ڪارڊ تي ھڻائڻ ۾ ڪامياب ويو. جيئن ته جمن سائين تمام سھڻو جوان ھو ته يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران ھڪ ڇوڪري جو جمن سائين سان نينھن لڳي ويو، پر پنھجي خانداني روايتن جي ڪري ڄامڙي صاحب ڇوڪري جي پيار کي ڌڪاري ويچارڙي جي دلڙي ٽوڙي ڇڏي. اھڙي طرح سول سروسز اڪيڊمي لاھور ۾ ٽريننگ دوران به ڪنھن تمام گھڻي وڏي گھراڻي مان شادي جي آڇ ٿيس، پر ھن وڏين وڏين لالچن ملڻ باوجود، ان آڇ کي لت ھڻي ٺڪرائي ڇڏيو. جيئن ته ڄامڙو صاحب سي ايس ايس ڪري سول سروسز اڪيڊمي ۾  تربيت ھيٺ ھو ته ھن کي ڪجھه وقت فوج سان به منسلڪ رھڻو پيو جيڪو ھر سول سرونٽ لاءِ “لازمي ٽريننگ” جو ھڪ ضروري  حصو ھوندو آھي.

جمن سائين ٽريننگ واري عرصي جون ٻيون به ڏاڍيون دلفريب ۽ دلچسپ ڳالھيون لکيون آھن. ڪتاب ۾ ڪنھن ھنڌ جمن سائين ٻڌائي ٿو ته لاھور جا شڪاري (مطلب وڏا ماڻھو) ان ڪوشش ۾ ھوندا ھئا ته پنھنجون نياڻيون ڪنھن سٺي ۽ وڏي آفيسر سان پرڻايون ۽ ڦاسائڻ لاءِ وڏيون وڏيون لالچون به ڏيندا ھئا، پر سائين سمجھي ٿو ته اھڙي ھنڌ شادي ڪرڻ سان ماڻھو ٻين جو ڄڻ غلام ٿيو وڃي! بي الآخر “قل آفيسر  ذائقت الٽريننگ” ختم ٿيڻ جو ھڪ نه ھڪ ڏينھن ذائقو چکڻو ئي چکڻو آھي! ته ٿيو به ائين ته جمن سائين جي ٽريننگ ختم ٿي وئي! جيڪڏهن مان غلط ناھيان ته شايد اھا ستين ڪامن ھئي جنھن کي اسان سولي انگريزي ۾ سي ٽي پي يا Common Training Program  چوندا آھيون!  جنھن جا  ڪڏھن مون غريب به پنھنجي ننڍڙين ننڍڙين اکڙين ۾ سپنا ساريا ھئا!

 ٽريننگ ختم ٿيڻ کانپوءِ  شھدادڪوٽ، نوابشاھ، ڄامشورو لاڙڪاڻو ۽ ٻين  ڪافي ھنڌن تي اسسٽنٽ ڪمشنر (ان وقت SDM ) رھيو ۽ لاڙڪاڻي جي پوسٽنگ  دوران ئي شادي ڪئي. سندن پھريون اولاد به لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، جنھن لاءِ ھو Made in Larkana  لکي ٿو. بھرحال ھر ڳالھه لکندس ته قصو تمام ڊگھو ٿي ويندو. ان ڪري اھو ٻڌائيندو ھلان ته ڄامڙو صاحب مختلف وقتن تي ترقيون وٺندو ڊي سي، ڊي سي او، ڊپٽي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ آخر ۾ ٻاوھين گريڊ ۾ فيڊرل سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو جيڪو ھر ڪنھن جي نصيب ۾ نه ھوندو آھي.

ڪتاب ۾ ڪافي متضاد ڳالھيون به آھن، پر اھي مان پنھنجي تنقيدي جائزي ۾ آخر ۾ لکندس. جمن سائين جي لاڙڪاڻي ۾ پوسٽنگ واري دور جي ھڪ اھم ڳالھه اھا آھي ته جمن سائين، سائين جي ايم سيد کي ممتاز ڀٽو جي ڳوٺ واري بنگلي تان گرفتار ڪيو. اھو به ٻڌائيندو ھلان ته جمن سائين پاڻ ئي پنھنجي ڪتاب  ۾لکي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي گرفتاري جو ساڳيو حڪم ان وقت جي ڊي سي دادو کي پڻ مليو ھو، پر ڊي سي دادو سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ھو. جنھن سبب جي ڪري ڊي سي دادو کي نوڪري تان معطل پڻ ڪيو ويو ھو!! خير!

جمن سائين وڌيڪ لکي ٿو ته ھن پنھنجي پوري سروس ايمانداري سان ڪئي. MRD  واري دجالي دور ۾ فوجين سان منھن ڏيڻ ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو. سرڪار وٽ پئسو ۽ بجيٽ نه ھئڻ ڪري زميندارن کي ڏنڊا ڏئي نوابشاھ ۾ SDM House  تي مٽي ڀرائي ڪرائڻ کان علاوہ تربت بلوچستان ۾ پڻ ڏاڍائي ۽ ڏنڊي سان ٽيليفون نمبر لڳرايا! نوابشاھ ۾ ئي پوسٽنگ دوران ڪافي سياسي ماڻھن سان ساڻس پالو پيو جنھن ۾ تڏھن جو وڏيرو ۽ ملڪ جو ھاڻوڪو صدر ادو آصف علي زرداري به شامل آھي.

ان کان علاوه ڄامڙو صاحب مختلف وقتن ۽ پوسٽنگن دوران مختلف سياسي اڳواڻن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ عھديدارن سان ملندو رھيو ۽ ڪافي ذاتي ڪم ڪار به ڪرايا. اھڙن سياسي ماڻھن ۾ موري جا جتوئي، قاضي اختر، ممتاز ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا کھڙا به شامل آھن. اھڙن ماڻھن سان واسطي جي ڪري مٽن مائٽن لاءِ نوڪريون، روڊ، رستا وغيره وغيرہ به ورتائين. ڄامڙو صاحب لکي ٿو ته مختلف وقتن تي ماڻھو کيس ڪجھه نه ڪجھه واٽ الاھي (مطلب ياري دوستي ۾) ڏئي ويندا ھئا، جنھن کان ھي انڪار ته ضرور ڪندو ھو، پر پوءِ به کيس زور زبردستي ڏئي ويندا ھئا! ڳوٺ ۾ گھر ٺھرائڻ دوران ڪنھن سرون، ڪنھن لوھ، ڪنھن در ۽ دروازا ڪنھن رنگ، ڪنھن پلاٽ ڏنس تڏھن وڃي ڄڳھه مڪمل ٿي.

جمن سائين پنھنجي ڪتاب ۾ ٻاھريئن ملڪن جي دورن جا به خوب احوال ڏنا آھن. آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيه، فرانس، رشيا، ٿائلينڊ ۽ سعودي جو سرسري احوال پڻ سٺي نموني بيان ڪيو آھي. ڄامڙو صاحب جا فرانس گھمڻ دوران پئسا ختم ٿي ويا جنھن لاءِ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪنھن دوست کان اڌارا پئسا وٺي لنڊن پھتو ۽ رشيا ۾ وري ڀل ۾ رشين برينڊي به پيتي. اھل عيال سان حج، عمري جون پڻ خوب سعادتون ماڻيون.

ڄامڙو صاحب سرڪاري نوڪري ۾ سنڌي ماڻھن سان وفاق ۾پيش ايندڙ مسئلن کي به چڱي طرح بيان ڪيو آھي ۽ اھو به ٻڌايو آھي ته کيس سنڌي ھجڻ جي ڪري مختلف جاين تان سندن تبادلو ڪيو ويو. وفاق ۾ نوڪري دوران وزارت تجارت، وزارت ناڻو، وزير اعظم آفيس ۽ تعليم کاتي وغيره ۾ اعليٰ عھدن تي پڻ رھيو. جمن سائين کي ٻاويھين گريڊ جي پروموشن ۾ پڻ ڪافي مسئلن کي منھن ڏيڻو پيو. ڪتاب ذريعي سنڌي سياستدانن کي مدد نه ڪرڻ تان پڻ ڏاڍيون ميارون به ڏئي ٿو. بھرحال اھو چٽو ڪري لکيو اٿائين ته سندس ٻاويھين گريڊ ۾ پروموشن يوسف رضا گيلاني جي معرفت ۽ مھرباني جي ڪري ٿيو ۽ جمن صاحب آخرڪار 27 جولاءِ 2012 تي “آفيسر ذائقته الرٽائر” جو ذائقو چکي ھميشه ھميشه لاءِ آزاد ٿي پنھنجي محبوبه سان (گھر واري کي ھميشه محبوبه لکيو اٿائين) گھر ويھي رھيو.

رٽائرمينٽ کانپوءِ، جمن سائين لکي ٿو ته ماڻھن جا رويا بدلجي ٿا وڃن. مٽن مائٽن ۽ دوستن جا وڏا سور سلي ٿو. ڪتاب جي آخري بابن ۾ سائين سنڌ جي مسئلن تي ڪافي ڪجھه لکي ٿو جنھن ۾ ڪاپي ڪلچر کان ڇوٽڪاري ۽ محنت ڪرڻ جي ڳالھه ٿيل آھي. سنڌي نوجوانن کي مخاطب ٿي لکي ٿو ته محنت ڪريو ۽ ڪاپي ڪري ڊگريون نه وٺو. پنجاب جي آفيسر شاھي تي به تمام وڏا ڇوھ ڇنڊيا اٿائين. بهرحال ڪتاب جي ھن حصي ۾ ھر ڪنھن لاءِ ڪافي صلاح مشورا آھن ۽ آخري حصن ۾ پنھنجي سڄي زندگي جي ڪارنامن ۽ پنھنجي اولاد جي تعليمي مقصدن جو ھڪڙو خاڪو ڏئي آتم ڪٿا کي ختم ٿو ڪري!

اھو ته ٿيو ڪتاب جو سرسري احوال. ھاڻي مان ڪتاب جو تمام مختصر جائزو پيش ڪندس!

جمن سائين تمام گھڻي محنت ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي جنھن تي ھو تمام گھڻي جس لھي ۽ منھنجي طرفان کوڙ ساريون مبارڪون قبول ڪري.

ڪتاب جي وڏي ۾وڏي خوبي اھا آھي ته ٻولي تمام سولي ۽ ٺيٺ سنڌي آھي، پر ڪجھه جاين تي سنڌي کان علاوه  پنجابي، سرائيڪي، انگريزي جا ڪجھه لفظ، جملا ۽ شعر به آھن، جيڪو اڄ ڪلھه جي دور ۾ بلڪل نارمل آھي. ڪتاب ۾ ڪافي اھڙيون سياسي، سماجي ، مذھبي ۽ معاشي حقيقتون آھن جن جي پڙھڻ  سان ان دور جي ماحول جي چڱي خاصي خبر پوي ٿي! پر اھي سڀ سرسري قصا ۽ ڪھاڻيون آھن ، ڪو عالماڻو تجزيو ۽ گهري ڄاڻ ناھي. تنھن ھوندي به مجموعي طور ھڪ بھتر ڪوشش آھي، پر بھترين نٿو چئي سگھجي. جنھن جا ھيٺيان سبب آھن.

سڀ کان پھرين ته ڪتاب پڙھڻ سان اھا خبر نٿي پوي ته آيا ھي آتم ڪٿا آھي يا مضمونن جو ڪتاب! ھن ڪتاب ۾ ڪجھه اھڙا باب آھن جيڪي ڪتاب جو حصو ئي نه ھجڻ گھرجن ھا. ائين ٿو لڳي ته اھي ته صاف صاف مضمون آھن ۽ جمن سائين جي آتم ڪٿا سان بلڪل واسطو نٿا ڏيکارين.

ڪتاب ۾ ٻيا به ڪجھه اھڙا باب آھن جنھن جو عنوان ھڪ ته وري اندر ٻيا حوال آھي. مطلب ڪتاب بلڪل به organized  ناھي. مثال ٿر جي ڪوئلي ۾ سيڙپڪاري واري ڳالھه جي عنوان ۾ سيڙپڪاري جي ڪا صحيح طور ڳالھه ئي ناھي ۽ مسئلو وري ڊسڪس پيو ٿئي بيروزگاري وغيره وغيرہ جو. ڪجھه ٻيا باب به اھڙي طرح آھن!

ڪجھه شخصيتن ۽ ماڻھن جي بي انتھا تعريف تي ڪجھه مضمون لکيل آھن. مثال طور: مير ھزار خان بجاراڻي مرحوم تي ڪافي ڪجھه لکيل آھي. ٺيڪ آھي تعلقات ھر ڪنھن جا ھوندا آھن، پر ان مان اسان جي نئين نسل کي ڪھڙي Inspiration ملي ٿي؟ اھڙي طرح ٻين ماڻھن تي به ڪافي مضمون آھن. مثال طور ممتاز ڀٽو ڪيناڊا وارو. ٺيڪ آھي سائين جا سٺا دوست ھوندا، پر پڙھندڙ کي ڪھڙو سبق ٿو ملي؟ مان سمجھان ٿو  ۽ عين  ممڪن آھي ته مان غلط ھجان، اھڙا ڪم درٻاري ليکڪن جا ھوندا آھن ۽ سائين جھڙي پڙھيل لکيل ماڻھو کي نٿا سونھن!

ڪتاب ۾ جيڪي تضاد آھن، اھي به ڪافي گھڻا آھن. مثال طور: مذھبي ڳالھيون آھن. شھدادڪوٽ ۾ زمين تي عَلم ھڻڻ وارن کي موالي، چرسي ۽ ڀنگ پيئندڙ ٿو سڏي. اھڙي طرح ڪجھه مولوين لاءِ به لکي ٿو جيڪي واپڊا جي ڪنھن ماڻھو کي احمدي چئي بليڪ ميل ڪن ٿا، جيڪو بلڪل غلط آھي ۽ نه لکڻ گھرجي. ڪنھن جي مذھبي عقيدي کي ڇيڙڻ ئي نه گھرجي. اھڙيون ڳالھيون لکڻ مان خبر پوي ٿي ته جمن سائين جو مذھبي لاڙو ڪھڙي طرف آھي. سائين کي اھو به معلوم ھجڻ کپي ته سندن آتم ڪٿا شيعه به پڙھندا ته سني به ۽ اھڙي طرح اسان جا ھندو ڀائر ۽ ٻيا غير مسلمان به پڙھندا! انھن جي دل تان ڇا ٿي گذرندو ۽ ڪھڙو پيغام ويندو؟ بھرحال سائين جو پنھنجو موقف آھي ۽ پاڻ ئي دفاع ڪندو.

مذھبي تضادن کان علاوه قدرت الله شھاب جي ڪتاب وانگر جمن سائين به ڪجھه دقيانوسي ڳالھين جو اھڙو ته معصوماڻو ذڪر ڪيو آھي جو ڄڻ پاڪستان ۾ ڪنھن کي خبر ئي ناھي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري گھر ڪيئن الاٽ ٿيندا آھن. توھان کي ٻڌايان ته سائين ڪتاب ۾ لکيو آھي ته  اسلام آباد ۾ پوسٽنگ دوران ھو سنڌ ھائوس ۾ رھندو ھو، ڇو ته مسواڙ تي ملندڙ گھر ڏاڍا مهانگا ھئا. ان جي ڪري جمن سائين سرڪاري گھر جي الاٽمينٽ جي ڪوشش ڪئي. سائين ھڪ دوست سان مليو جنھن سائين کي چيو ته مان توکي گھر الاٽ ڪرائي ڏيندم پر توکي مون سان گڏ ھلڻو پوندو! ان ھمراھ سائين کي ايڇ-8  قبرستان اسلام آباد وٺي ھڪ قبر تي وڃي بيھاريو جيڪا قدرت الله شھاب جي قبر ھئي. اتي دعا گھري دوست چيس ته ھتان سرڪاري گھر جي فائيل منظور ٿي وئي ھاڻي اڳتي ھلون. پوءِ وري ٻي قبر تي ويا اتان به سرڪاري گھر جي فائيل منظور ٿي وئي. وري ساڳيو  دوست جمن سائين کي بري سرڪار تي وٺي ويو جتي دعاءُ کان پوءِ جواب مليو ته سرڪاري گھر ملڻ جو فائيل منظور ٿي ويو آھي ۽ گھر به الاٽ ٿي ويو آھي، پر گھر جو قبضو مھيني کن کانپوءِ ملندو. آخرڪار مھيني کانپوءِ سائين کي گھر ملي ٿو وڃي! ھاڻي اسلام آباد ۾ ڪامورا شاھي وارا ٻڌائين ته اسلام آباد ۾ گھر ڪيئن ملندو آھي؟  منھنجو اھو ڪتاب پڙھيل ھجي ھا ۽ ڪو اسلام آباد نه وڃي سگھي ھا ته آئون ان کي گھٽ ۾ گھٽ عبدالله شاھ غازي  جي مزار تي وڃي سرڪاري گھر ملڻ جي دعا گھرڻ لاءِ ضرور مشورو ڏيان ھا!!!

ان کان علاوه جيڪي ٻيا تضاد به آھن اھي به ڪافي سنجيدھ قسم جا آھن.  مثال  ڪنھن صفحي تي جمن صاحب لکي ٿو ته مان ڪنھن سياسي اڳواڻ وٽ پوسٽنگ ۽ ڪم لاءِ نه ويندو آھيان، پر توھان پڙھندئو ته اھو ڪو سياسي ماڻھو ناھي جنھن سان سائين نه مليو ھجي ۽ ان کي ذاتي ڪم نه چيو يا نه ڪرايو ھجي !  کڻي بدلي ھجي ، نوڪري وٺڻ ھجي يا پروموشن ھجي ! اھڙي طرح سنڌيت جي به دعويٰ آھي جيڪو به ھڪ تضاد لڳي ٿو ! ڇو ته سنائي سيد کي بنا سبب جي گرفتار ڪرڻ وارو ٻيو ڪو به نه، پر جمن سائين  خود ھو. سنڌيت جي دعويٰ ڪرڻ تمام سولڙو آھي ۽ ڊي سي دادو وانگر قرباني ڏيڻ تمام ڏکيو آھي!

ھن ڪتاب ۾ ڇپائي جون به ڪجھه  غلطيون آھن. مثال جان جيڪب واري قصي ۾ سال جي غلطي آھي. مطلب سال ھڪڙو ھو ۽ ڪتاب ۾ ڪجھه ٻيو لکيل آھي. اھڙي طرح ھڪ سک جي ڪھاڻي ڏنل آھي جيڪو ورھاڱي وقت مسلمان مائي سان شادي ڪري پاڻ به مسلمان ٿي پاڪستان ۾ ئي رھيو.  ڪجھه وقت کانپوءِ اھو ھمراھ پاڻ مري ٿو وڃي. ان ھمراھ  جي پٽ جو  نالو چوڌري منور ھو، پر ڪتاب ۾ ٽي چار جاين تي منور جو نالو ممتاز لکيل آھي. باقي اھو قصو مون اڳ ۾ ٻه ٽي دفعا اخبار ۾ پڙھيو ھو!

ھن ڪتاب ۾ سائين ڪافي شيون جيڪي ضروري ھيون نه  لکيون آھن. مثال طور سي ايس ايس جي تياري ڪيئن ڪئي ۽ ان جو اتساهه ڪٿان حاصل ٿيس، تياري دوران ڪھڙا ڪھڙا مسئلا پيش آيا؟ ۽ ھاڻي سنڌي نوجوان ڪھڙي طريقي سان تياري ڪن! اھو سائين جي زندگي جو ھڪ اھڙو پاسو ھو جنھن کي سنڌي نوجوان شوق سان پڙھن ھا، پر سائين انھي پاسي کي ھٿ لائڻ ئي وساري ويٺو!  سائين جو سپاھي کان فيڊرل سيڪريٽري ٿيڻ ئي ھڪ فخر ۽ اتساھ واري ڳالھه آھي. اھو ھڪ ڪمال آھي، پر ان ڪمال حاصل ڪرڻ  جي ڪا ذري پرزي ۽ طريقو به ٻڌائين ھا ته سنڌ جا نوجوان اڃان به گھڻو اتساھ وٺن ھا! رڳو اھو چوڻ ته محنت ڪيو ۽ ڪاپي نه ڪيو، ناڪافي آھي. آئون سمجھان ٿو ته  اسان جا نوجوان محنت ڪن ٿا، پر ڪير انھن کي صحيح رستو ٻڌائي ته منزل به ڳولھي لھندا !

ان کان علاوه جمن سائين ڪامورا شاھي تي به گھڻو ڪجھه نه لکيو آھي. پنجابي آفيسرن جي ھڪ ھٽي تي ضرور ڪجھه باھ ڪڍي اٿن، پر Occupational Groups جي ڪردار ۽ Institutional Rivalry  تي سائين جو قلم ئي نه ھليو آھي. ڪامورا شاھي جي خاص گروپن جي مائينڊ سيٽ خاص ڪري پوليس ۽ ايڊمنسٽريٽو سروس تي لکي ھا ته ڪافي ڪجھه پڙھڻ لاءِ ملي ھا. هلو اھو نه لکيو ته خير آھي، پر ھرو ڀرو فوج جي عھدن ۽ رينڪن کي ايترو ته بيان ڪيو اٿائين جو صفا غير ضروري ٿو لڳي. جن شين تي لکڻ کپي ھا، انھن تي لکيو ناھي ۽ جن تي نه لکڻ کپندو ھو انھن تي پنا ڪارا لڳا پيا آھن !!  پاڪستان ۽ سنڌ جيڪا ايڏي ترقي ڪئي آھي ۽ جيڪي کير ۽ ماکي جون نديون وھن ٿيون جنھن ۾ بيوروڪريسي جو ايترو سارو جيڪو ڪردار آھي ، ان تي ڄامڙو صاحب ڪجھه نظر وجھي ھا ته ڏاڍو مزو اچي ھا.

دل چوي ٿي ته ڪتاب جو چڱي طرح ڇيد ۽ اڀياس ڪيان، پر وقت جي قلت ۽ حالات جي نزاڪت سبب ھر ڳالھه تي نٿو لکي سگھان.بس  ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا!

***