جڏھن ”ڪووڊ اوڻيھه“ اسان سڀني مٿان ھڪ قھر ٿي ڪريو ھو ۽ گھر ۾ ويٺي ويٺي ڌپ ڪرڻ لڳو ھئس ته مون ڪافي ڪتاب نه صرف گُھرايا، پر الائي ڪيترا پڙھيا به ھئا جن ايترو ته سرور ۽ ڄاڻ ڏني جو مون کان ته مُئي وبا ئي وسري وئي ھئي، پر مون کي شديد افسوس ان ڳالھه تي آھي ته ايترا ڪتاب پڙھڻ جي باوجود مون ڪنھن به ڪتاب تي ڪو تجزيو يا تبصرو نه ڪيو ۽ نه ئي لکيو. انھن ڪتابن ۾ مان قدرت الله شھاب جو “شھاب نامو”، جيڪو اردو ۾ لکيل سندس آتم ڪٿا آھي به پڙھيو جنھن پنھنجي افسانوي انداز سان ڪافي عرصي تائين مون کي پنھنجي طويل سحر ۽ گرفت ۾ جڪڙي رکيو. قدرت الله شھاب ڪشميري نسل جو ۽ برٽش انڊيا جي چند مسلمان آءِ سي ايس (Indian Civil Services ) آفيسرن مان ھڪ ھو. جڏھن گورا ڇڏڻ لڳا ۽ ھندستان جو ورھاڱو ٿيو ته قدرت الله شھاب پاڪستان اچي ساڳي ئي نوڪري ساڳي ئي عھدي تان شروع ڪئي. چوڻ وارا چوندا آھن ته قدرت الله شھاب پنھنجي وقت جو ھڪ تمام شاطر قسم جو ماڻھو ۽ آفيسر ھو. اھو پڻ چيو ويندو آھي ته ايوب خان جي سڄي سرڪار ھلائڻ جي پويان قدرت الله شھاب جا مضبوط ۽ ڳجھا ھٿ ھئا. بھرحال آتم ڪٿا پڙھڻ سان به پاڪستان جي شروعاتي سرڪاري ۽ سياسي ڀڃ ڊاھ جي ڪافي واقعن جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي، پر ھينئر مون کي ڪتاب جو گھڻو ڪو احوال ياد ناھي ۽ مان جيڪڏهن سندس ھي ڪتاب ٻيھر پڙھيو ته آئون ان ڪتاب تي ضرور لکندس. في الحال صرف اھو چئي سگھان ٿو ته قدرت الله شھاب جو ڪتاب گھڻي حد تائين افسانوي آھي، پر لکيل انتھائي ڪمال جو آھي! بلڪل ائين آھي جيئن پاڻ سنڌي ۾ ڪنھن شيءِ لاءِ چوندا آھيون: ھڻ کڻي!