بلاگنئون

انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط آخري)

ليکڪا: مارگريٽ فرائي

انسان جيترو قديم آهي، روايتون به اوتريون ئي قديم آهن. ڌرتيءَ جي اوائلي انسانن ئي روايتن جو بنياد رکيو. قديم زماني کان وٺي اڄ تائين انسان يا ته نيون روايتون جوڙيندو يا پُراڻين کي تبديل ڪندو آيو آهي. سوال آهي ته انسانن روايتن جو بنياد ڇو رکيو ۽ انھن جي وڏي شدت سان پيروي ڇو ڪندا آيا؟ اسان ۾ ڪا ته خاص شيءِ آهي، جو اسان انھن ماڻھن جيان لازمي سٺا نظر اچڻ چاهيون ٿا، جن کي اسان ڀلي ڀت سڃاڻون ٿا. اسان ڀلي انھن جهڙا بلڪل به نظر نه اچون، پر اسان انهن کان پڻ مختلف ٿيڻ نٿا چاهيون، ڇاڪاڻ جو ٻيا اسان جي نرالائپ يا منفرد ڏيک تي کِل ۽ ٺٺوليون ڪندا. ان جو سبب اھو آھي ته اڪيلو ڪير به خوش رهي نٿو سگهي. ھر ڪو چاهي ٿو ته کيس پسند ڪيو وڃي. ھر شخص مِيڙ يا ڪنهن ٽولي ۾ رهڻ چاهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته “انسان سماجي مخلوق آهي.” ان جو مطلب ٿيو ته ٻار، نوجوان، عورتون ۽ بزرگ جيڪڏهن گڏجي رھندا ته خوش رهي سگهندا. انهن کي ڳالهائڻ، ڪم ڪرڻ ۽ سارسنڀال جي لاءِ ڪنھن نه ڪنھن آدم جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو گھڻو عرصو اڪيلائيءَ ۾ رهندو ته ممڪن آھي ته اهو اڪيلائيءَ جي عذاب ۾ مري وڃي. اوائلي لوڪ به ائين هئا. اهي قبيلن ۾ رهڻ چاهيندا هئا، ڇاڪاڻ جو انھن کي قبيلي سان رهڻ ۾ آنند ۽ تحفظ ملندو هو. اڪيلو ماڻهو شڪار به نٿي ڪري سگھيو، ان ڪري ٽي چار ماڻهو گڏجي شڪار جي ڳولا ۾ نڪرندا هئا. اڪيلي رهڻ جي ڀيٽ ۾ ٽولين، خاندانن ۽ قبيلن ۾ رهڻ حفاظت جوڳو هو. قبيلي ۾ رهندڙ فردن کي قبيلي جي روايتن جي پيروي ڪرڻي هوندي هئي. روايتن کي ٽوڙڻ ڏاڍو جوکم وارو عمل ليکيو ويندو هو. عورتن طرفان ڪم ڪار ڪرڻ ۽ مردن طرفان شڪار ڪرڻ ۽ وحشي جانورن کان کين تحفظ فراهم ڪرڻ روايتن ۾ شامل هو. روايت جي انڪاري عورت کي قبيلي مان نيڪالي ڏني ويندي هئي يا موت جي صورت ۾ عبرتناڪ انجام جو شڪار بڻائي ويندي هئي.

مردن طرفان ٻانهن ۽ چهري تي ايذائيندڙ ٽيٽوز ٺاھڻ روايت هئي، مختلف قبيلن جا نوجوان ان روايت جي مڪمل پيروي ڪندا هئا. قبيلي تي جڏهن به مشڪلاتون اينديون هيون، ائين تصور ڪيو ويندو ھو، جھڙوڪ آهي مصيبتون ۽ مشڪلاتون انھن فردن جي ڪري آيون هجن، جيڪي قبيلي جي روايتن جي پاسخاطري نٿا ڪن. جڏھن طوفان ايندا هئا، تڏهن ائين سمجهيو ويندو هو ته اھو خدائي ڏمر ان ڪري ٿيو، ڇاڪاڻ جو ضرور ڪنھن عبادت نه ڪئي هوندي يا صدقو نه ڪڍيو هوندو يا ضرور ڪنھن مقدس جانور کي ماريو هوندو. طوفان کي بيهارڻ لاءِ، طوفان جو سبب بڻجندڙ شخص کي سزا ڏني ويندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته ان کي موت جي ننڊ سمھاريو ويندو هو. وحشي انسان طرفان قبيلي جي روايت ٽوڙڻ نهايت ئي اوکو ڪم هو. انهن اوائلي وحشي لوڪن کي قبيلي جي رسمن ۽ رواجن جي پابندي ۽ پيروي ڪرڻي هوندي هئي. ڪنھن ۾ به اھا جرئت نه ھوندي هئي، جو هُو انھن رسمن رواجن جو باغي ٿئي يا انهن کان مختلف ٿيڻ جي ڪوشش ڪري. ائين ٿو لڳي ته اهي انسان هٿن کان پيرن تائين رسمن، ريتن ۽ روايتن جي سنگهرن ۾ قابو هئا. اڄ به اسان وٽ ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن، جيڪي اسان جي زندگين کي آسان بڻائين ٿيون.

اسان روايتن کي ڪيئن سکندا آهيون؟ سکڻ لاءِ ته گهڻيون شيون موجود آهن. حقيقت اها آهي ته اسان روايتن کي تڏھن سکندا آهيون، جڏھن اسان ننڍڙا ٻار هوندا آهيون ۽ تيستائين سکندا رھندا آھيون، جيستائين زندگيءَ جي شمع ٻرندي رهندي آهي. زندگيءَ جون پهريون شيون اسان پنھنجي والدين ۽ ٻين گهر ڀاتين کان سکندا آهيون. اوائل ۾ ٻار جي ڪُل دنيا گهر ۽ گهر ۾ موجود ڀاتي هوندا آهن. ٻار جڏهن اسڪول ۾ ويندو آهي، تڏھن هُو گهر ڀاتين کان علاوه ٻاهر جي ماڻهن کان پڻ سکندو آهي. ٻار جيڪا به شيءِ ڏسندا آهن يا ان شيءِ بابت ٻڌندا آهن، ان جي ھُوبَھو نقل ڪندا آهن. ٻار پنهنجي والدين کان بنسبت چئي آکي جي، سندن عمل مان گھڻو پِرائيندا آهن. ٻار کائڻ، پيئڻ، پهرڻ ۽ کيڏڻ پنھنجي والدين کان سکندا آهن. ٻار پنھنجي والدين کان گُڻ ۽ اوگُڻ، محبت ۽ نفرت، پسند ۽ ناپسند سکندا آهن. اسان سڀ کان پھريان روايتون پنھنجي گھر ۽ خاندان کان سکندا آهيون. ان کانپوءِ اسان اسڪول ويندا آهيون، جتي عظيم ماڻھن کان سکيا حاصل ڪندا آهيون. اسڪول ۾ استادن کان علاوه ٻين ماڻهن کان پڻ سکڻ لاءِ گهڻيون شيون ملنديون آهن. ٻار ڪلاس توڙي راند جي ميدان تي هڪٻئي کان سکندا آهن. زندگيءَ جو اهم سبق هي آهي ته جيڪو ماڻهو سکيا حاصل نٿو ڪري، اھو اڳتي ھلي ڏُکي زندگي گذاري ٿو. وقت سان گڏ جڏهن اسان وڏا ٿيندا ويندا آهيون، تڏھن اسان پاڻ جيڏن کان سکندا آهيون. اسان راند، روند، پوشاڪ ۽ سڀاءُ جي ذريعي روايتون سکندا آهيون.

اسان هڪ ٻئي طريقي سان پڻ روايتن بابت سکون ٿا. اسان تاريخ، ڪهاڻين ۽ گيتن ذريعي پڻ روايتون سکون ٿا. تاريخ اسان کي انسانن جي قديم زمانن ۽ انھن جي روايتن بابت ٻڌائي ٿي. قديم دور جون ڪيتريون ئي روايتون اڄ به جاري آهن. تاريخي بيت ۽ ڪهاڻين جي مطالعي کانپوءِ توهان کي اهڙن ماڻھن بابت خبر پوندي، جن جو اوهان يا ته نقل ڪرڻ چاهيندا يا وري انهن جهڙا ٿيڻ نه چاهيندا. آمريڪا ۾ جن به ٻارن ابراهيم لنڪن جي جيون ڪٿا پڙهي هوندي، اھي ان جهڙو ٿيڻ چاهيندا هوندا. دنيا ۾ ٻين ماڻھن سان خوش اسلوبيءَ سان رهڻ لاءِ انھن جي روايتن کي ڄاڻڻ بيحد ضروري آهي. سکڻ جو عمل ڪڏهن به رُڪجي نٿو، ڇاڪاڻ جو روايتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. نون قبيلن يا ماڻھن سان ميل جول رکڻ لاءِ انھن جون روايتون سکڻ ضروري بڻجيو وڃي. روايتون لاڀائتيون ان ڪري آهن، جو اسان جا ڪم انھن جي ڪري سولا ٿيو پون ۽ اسان جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻين سان ميل ملاقات پڻ سهنجي ٿيو وڃي. روايتن جي ڪري ڪيترين ئي مصيبتن کان ڇوٽڪارو مليو وڃي. گهڙيال به ٻين ايجادن جيان هڪ اهم ايجاد آهي. ڇا گهڙيال يا گهڙيءَ تان وقت ٻڌائڻ روايت ۾ شامل آهي؟

جيڪڏهن اسان جي زندگين ۾ روايتون ۽ قانون نه هجن ها ته اهي ڪيئن لڳن ها؟ قانون نه هجي ها ته هر ڪو پنهنجي سر فيصلا ڪرڻ لڳي ها، ڇا ان سان افراتفري ۽ خانا جنگي وارو ماحول نه جُڙي ها؟ ٽريفڪ جي قانونن، باھ وسائڻ واري عملي ۽ پوليس جي عملي کانسواءِ ماحول تحفظ وارو هجي ها؟ جيڪڏهن اسڪول نه هجن ها ته اسان شيون ڪيئن سکي سگهون ها؟ کاڌي ۽ پوشاڪ کانسواءِ اسان جون زندگيون ڪيئن گذرن ها؟ ڪم جي جيڪر اهميت نه هجي ها ته ڇا اسان جون زندگيون ايتريون آسائشون ۽ لذتون ماڻي سگهن ها؟ اڄ اسان کي ڪپڙو، اجھو ۽ ماني ملي ٿي، ان کان علاوه سُکيائيءَ ۽ سَهنجائيءَ جا کوڙ سارا ذريعا حاصل ٿين ٿا. روايتن جو مثبت پھلو اهو آهي ته اهي اسان کي ٻين ماڻھن سان جوڙين ٿيون. اسان اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيا آهيون ته روايتون سُٺيون به هونديون آهن ته خراب به هونديون آهن. سُٺين روايتن جي پيروي ڪئي ويندي آهي، جڏھن ته خراب روايتن کي ڦِٽو ڪيو ويندو آهي يا تبديل ڪيو ويندو آهي. جيڪو ماڻهو خراب روايتن کي تبديل ڪرڻ چاهيندو آهي، سڀ کان پھريان سڀ ماڻهو سندس مخالفت ڪرڻ لڳندا آهن، ويندي کيس پاڳل يا چريو چئي چُپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر جيڪڏهن اهو اڪيلو فرد پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ۽ روايت خراب آهي ته نيٺ اڳتي “ٻه ته ٻارهن” جيان ٻيا مٿي ڦريا تبديليءَ جا پتنگا ان سان ملي پوندا آهن ۽ آخرڪار اهي ان بُري روايت کي آهستي آهستي تبديل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. جڏھن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي، تڏھن کان سُٺيون ۽ خراب روايتون موجود پئي رهيون آهن، پر خراب روايتن جي ڀيٽ ۾ سُٺيون روايتون وڌيڪ موجود آهن. خراب روايتون اڳي پوئي ختم ٿي وڃڻيون يا رُڪجي وڃڻيون آهن. جڏھن ته سُٺيون روايتون جيئن جو تيئن موجود رهن ٿيون، اھي اسان جي زندگين کي مسرت بخشين ٿيون.

(مارگريٽ فرائي جو هي جڳ مشهور ڪتاب”Man and His Customs” جي نالي سان ٿامس اينڊ راڪ ويل ڪمپني، شڪاگو طرفان 1931ع ۾ ڇپيو هو. اڄ ان ڪتاب جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو مڪمل ٿيو، جنھن جي هيءَ قسط آخري آهي.)

***