بلاگنئون

انگريزن جي دور ۾  شڪارپور جي انتظامي جوڙجڪ

تاريخ جا ورق شاهد آهن ته انگريزن جي اک ۾ شڪارپور انهن ڏينهن کان رهي آهي جڏهن هو سنڌ ۾ انتظام سنڀالڻ جي نيت سان وارد ٿيا هئا. شڪارپور جي حالت انگريزن جي دور کان اڳ به بهتر هئي. شهر جو واپار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهليل هو. علم ۽ ادب جي راهه روشن هئي، پنهنجي سر زمين جي دفاع لاءِ هوشيار ۽ وفادار هئا. هٿ جي هنرن ۾ ڪاٺيءَ جو ڪم شاندار ٿيڻ واري روايت هئي. علاج واسطي حڪيم ۽ پڙهائيءَ جي لاءِ مدرسا قائم هئا. پاڻي، پوک، ڍل، حفاظت ۽ ٻين انتظامي ڪمن جو سرشتو ٽالپرن جي حڪومت جي نظام مطابق هلندڙ هو.

انگريزن جي ڏينهن ۾ (1839ع ڌاري) شڪارپور ايندڙ انگريز ايلچي ايسٽوڪ جو منشي لطف الله سورتي شڪارپور بابت لکي ٿو ته: “شڪارپور سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، منجهس 15 هزار گهر آهن، هتي ڪي جايون ٻه ماڙ پڻ آهن، هن شهر جي چوڌاري مٽيءَ جي ديوار آهي ۽ شهر کان ٻاهران هڪ ننڍڙو قلعو آهي، شهر جي چوڌاري انبن ۽ کجين جا باغ آهن. هتي پاڻي کوهن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، هن شهر جي مارڪيٽ ڏاڍي سٺي آهي، جيڪا مٿان ڍڪيل آهي.” (1)

1842ع ۾ سر چارلس نيپئر جڏهن شڪارپور ڏسڻ آيو هو ته هي شهر کيس ڏاڍو پسند آيو هو. سر چارلس نيپئر جو ڀاءُ وليم نيپئر لکي ٿو ته: “سنڌوءَ جي اولهندي ڪناري سان به سڌارن جي منصوبي جي ابتدا ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد شڪارپور واري علائقي کي سُکيو ۽ ستابو بڻائڻ آهي. انهيءَ منصوبي سان هڪ وسيع علائقو صحت بخش بڻجي ويندو. هي شهر وري تيزيءَ سان ترقيءَ ڪري اڳيون عروج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي”. (2)

خوشحال شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪندڙ انگريزن سنڌ کي انتظامي طور تي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورهايو. “شڪارپور ضلعي جي پکيڙ 11،532 چورس ميل تي ڦهليل هئي، جڏهن ته شڪارپور ۾ چوڏهن تعلقه شڪارپور، اوٻاوڙو، ميرپورماٿيلو، گهوٽڪي، روهڙي، سکر، نوشهرو ابڙو، رتوديرو، لاڙڪاڻو، قمبر، نصيرآباد، لب دريا، ميهڙ ۽ ڪڪڙ شامل ٿيا. شڪارپور جون وري چار سب ڊويزن روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ بڻايون ويون” (3)

“شڪارپور ۾ ست تپا: سلطان ڪوٽ، نور محمد شجراع، ٿانئريو، خانپور، شڪارپور، جنو ۽ مهرُماڙي توڙي ڇاهٺ ديهون شامل ڪيون ويون”. (4)

انگريزن سنڌ ۾ سڀ کان پهريون شڪارپور ۾ پنهنجا قدم مضبوط ڪندي 1843ع ۾ شڪارپور کي فوجي ڇانوڻي قرار ڏنو هو. هتان ئي نيپئر جابلو ويڙهاڪ قبيلن کي مات ڏيڻ ۽ ڪڇي ۽ گنداوا تي چڙهايون ڪيون. تاريخ جي ورقن ۾ لکيل آهي ته “25 نومبر 1843ع تي بمبئي کان فوجي دستا شڪارپور آيا ته ان رات ئي ٻه سئو ماڻهو ڪالرا جي موذي مرض ۾ مري ويا هئا ۽ اهڙي ريت انگريزن جي فوجين جو انگ پڻ گهٽجي ويو هو”. (5)

شڪارپور جي صدر واري علائقي ۾ فوجي ڇانوڻي قائم هئي، جتي ڪڏهن 1857ع واري جنگ آزادي ته ڪڏهن ڪنهن آسپاس واري علائقي ڏانهن وڃي فوج پنهنجون ڪارروايون ڪندي رهي. هتي ئي فوجين اندر ڪڏهن ڪالرا ته ڪڏهن ٻين معاملن تي بغاوت به ٿيندي رهي. اهڙي طرح “1861ع تائين شڪارپور ۾ فوجي ڇانوڻي برقرار رهي”. (6)

انگريزن جي دور ۾ شڪارپور جو انتظام سنڀالڻ لاءِ ڪليڪٽر مقرر ٿيندا هئا، جن وٽ جڊيشنل ۽ روينيو جا پورا اختيار هوندا هئا. 1843ع کان 1901ع تائين شڪارپور ۾ وقت بوقت 25 ڪليڪٽر مقرر ٿيا. جنهن مان سڀ کان پهريون ڪيپٽن گولڊني ۽ آخري هوريس چارلس ميولز هو. (7)

شڪارپور ۾ انتظامي ادارن جي قيام جي تاريخ هن دور سان وابسته آهي. شڪارپور ۾ جيل جي قيام جي حوالي سان 22 جنوري 1844ع تي انگريز سرڪار ڏانهن خط لکيو ويو ته: “پراڻي قلعي کي شڪارپور سول جيل ۾ تبديل ڪيو وڃي ان لاءِ منصوبابندي ڪرڻ ۽ لاڳت کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ۽ اجازت گهري وئي ته چار بيريڪس تيار ڪيون وڃن، جنهن مان هرهڪ ۾ 50 قيدين کي رکي سگهجي. 28 مارچ 1844ع تي هندستان جي حڪومت مٿين خط جي منظوري ڏني، پهرين اپريل 1844ع تي گورنر جنرل شڪارپور جي پراڻي قلعي کي جيل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ افتتاح ڪرڻ جي اجازت ڏني”. (8)

ڪيپٽن گولڊني 15 مئي 1844ع تي انگريز سرڪار کي تجويز ڏني ته شڪارپور ۾ جديد علاج جي لاءِ ڊسپينسري قائم ڪئي وڃي. 13 جون 1844ع تي سرڪار سندس تجويز کي نه صرف شڪارپور لاءِ قبول ڪيو، پر سنڌ جي ٻين شهرن سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پڻ ڊسپينسريون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان سان گڏ گهربل خرچ جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي. (9)

1843ع ڌاري شڪارپور ۾ سول اسپتال جو قيام عمل هيٺ آيو، جيڪا اسپتال سکر ڏانهن منتقل ڪئي وئي. ليڊي ڊفرن فنڊ اسپتال 1893ع ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪا وري 1911ع ۾ لاڙڪاڻي موڪلي وئي. وڪٽوريا ڊسپينسري 1857ع ۾ قائم ٿي. جنهن تي 1920ع ۾ لکمي چند ٽيڪچند ڊسپينسري نالو پيو، جا اڃان تائين قائم آهي. جانورن جي ڊسپينسري 1893ع ۾ قائم ٿي.

عدالتي ۽ آبپاشي نظام سان گڏوگڏ ڍل جي وصولي هجي يا روڊن رستن جي تعمير لاءِ نوان قاعده ۽ قانون انگريز سرڪار جي دلچسپيءَ سبب جڙي راس ٿيا. 1853ع ۾ مڊل اسڪول جي قيام سان جديد علم جي روشني عام ٿي. شهر جا گهڻي ڀاڱي سمورا سرڪاري تعليمي ادارا انگريزن جي دور ۾ ئي ٺهي راس ٿيا. شڪارپور ۾ 1855ع ڌاري ميونسپل جو قيام عمل ۾ آيو. شهر ۾ صفائي جا نوان طريقا ۽ ٽيڪس جي وصولي جا قاعده لاڳو ٿيڻ شروع ٿيا. انگريزن جي دور ۾ شڪارپور شهر اندر خانگي طور تي اکين جي اسپتال يا موجوده سول اسپتال ٺهي راس ٿيون. ٽاور ۽ ڪارخانا توڙي اشاعتي ادارا، سئنيما گهر ۽ پاور هائوس جو وجود ۾ اچڻ شڪارپور جي شهرين جي دلچسپي ۽ ڪوششن جو نتيجو آهن.

انگريزن جي دور ۾ ئي شڪارپور ضلعي هيڊڪوارٽر 1883ع ڌاري سکر منتقل ڪيو ويو. 1 آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ڏئي شڪارپور جا ست تعلقا سندس حوالي ڪيا ويا. سکر تعلقي کي ضلعي هيڊڪوارٽر مقرر ڪري شڪارپور سميت ستن تعلقن کي سکر سان ملائي شڪارپور جي ضلعي حيثيت کي ختم ڪيو ويو. (10)

انگريزن جي دور ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته هي دور شڪارپور جي واپاري، علمي، سماجي، ادبي ۽ سياسي ترقيءَ جو شاندار دور ٿي گذريو آهي. هن ئي دور ۾ نه صرف شڪارپور ترقي ڪئي، پر ضلعي حيثيت ختم ٿيڻ ڪري زوال جي طرف به ويندو رهيو. هي دور انتظامي حوالي سان ته ترقي ڪندو رهيو، پر اقتصادي زوال کيس گهڻو نقصان رسايو. تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته “انگريزن جي دور ۾ هندستان ۽ قنڌار کان گهڻا ئي قبيلا ۽ ڪٽنب شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا”. (11)

جڏهن ته ورهاڱي سبب شڪارپور جا قديمي رهواسي هندستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا. شڪارپور ۾ برسات پوڻ، بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ، وڻ پوکڻ ۽ شهر جي خوبصورتيءَ کي وڌائڻ لاءِ انگريز سرڪار جون ساراهه جوڳيون ڪوششون وسارڻ جهڙيون نه آهن. جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ وسندڙ شڪارپوري واپارين کي ذاتي يا واپاري حيثيت ۾ هن ئي دور ۾ تمام گهڻو لٽيو ويو. انگريزن جو دور شڪارپور جي لاءِ ترقيءَ جو ضامن به رهيو ته عبرت جو داستان پڻ رهيو. بيشڪ ته عروج کي زوال به آهي، پر پنهنجي ورثي کي وڃائڻ ۽ ڌرتيءَ کي وسارڻ هر دور جي نسلن لاءِ وڏو نقصان آهي.

حوالا:

  1. نظاماڻي قادر بخش: (مترجم) “سنڌو جو سفر”، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1956ع ص 48

  2. نيپيئر وليم: “سنڌ جي انتظامي تاريخ”، ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو، ڇاپو پهريون روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2008ع ص 103

  3. منگي نقش ناياب: “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾”، مرتب حسيب ناياب منگي، ڇاپو پهريون سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد اپريل 2017ع ص 70

  4. هيوز اي ڊبليو: “گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ” ڪراچي نئون ڇاپو 1996ع ص 797

  5. پٺاڻ ممتاز حسين ڊاڪٽر: “نئين مصر جا پراڻا ورق” ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ 1978ع ص 112 ۽ 113

  6. منگي نقش ناياب: “شڪارپور هڪ اڀياس” ڇاپو پهريون روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع ص 27

  7. سنڌ سول لسٽ 1899ع کان 1906ع تائين جي مدد سان

  8. پري مٽيوني رڪارڊس آف دي ڪمشنر ان سنڌ ڪراچي 1931ع ص 37 ۽ 38

  9. ساڳيو ص 38

  10. ڏسو حوالو نمبر 3 ص 72

  11. ڏسو حوالو نمبر 2 ص 70

***