ايڊيٽوريلنئون

آئي پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري

            وفاقي ڪابينا 15 آئي پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪار جي دعويٰ آهي ته انهيءَ عمل سان 500 ارب رپين جي بچت ٿيندي ۽ بجليءَ جي قيمت 10 کان 11 رپيا في يونٽ سستي ٿي ويندي. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب ۾ به بجلي سستي ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. ملڪ جو عوام ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگي بجلي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي. توانائي ۽ اسانجي ملڪ جي اسرندڙ معيشت جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي. اڳواٽ رٿابندي ۽ بروقت فيصلا نه ڪرڻ جي ڪري مهانگي بجلي پيدا ٿي رهي آهي. اسانجو ملڪ گهڻو ڪري آمريت جي حڪمراني ۾ رهيو آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته سال 1985 ۾ غير جماعتي چونڊن جي نتيجن ۾ قائم ٿيل حڪومت عالمي بينڪ سان توانائي جي طويل المعياد پاليسي تي اتفاق ڪيو ۽ پهريون دفعو خانگي شعبي ۾ بجليءَ جي منصوبن تي غور ٿيڻ شروع ٿيو.

            1988 ۾ نئين جمهوري دور ۾ سرڪار لاءِ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ پهريون مسئلو هئي. انهيءَ ڪري سرڪار توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، پر جيئن ته سرڪار وٽ سيڙپ لاءِ گهربل سرمايو نه هو ته انهيءَ خانگي شعبي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 1990 کان وٺي 1993 واري عرصي ۾ خانگي شعبو بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپ ڪرڻ لڳو. سرڪار لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ نجي شعبي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي سيڙپ جي دعوت ڏني. اڳتي هلي 15 فيبروري 1994 تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو قوم سان خطاب ۾ توانائي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته سرڪار بجلي جي پيداوار کي وڌائيندي ۽ سڄي دنيا ۾ سيڙپڪارن کي دعوت ڏيندي ۽ خانگي شعبي ۾ گهربل بجلي جي پيداوار کي يقيني بڻايو ويندو. اها پاليسي ايتري ته ڪامياب هئي، جو 1994 ۾ آمريڪي وزير توانائي جي قيادت ۾ 80 ماڻهن تي مشتمل ڪاروباري وفد 4 ارب ڊالر جي 3507 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جي 16 معاهدن تي صحيحون ڪيون. ملڪ بجلي جي پيداوار ۾ اڳڀرو ٿيو. هتي اسين اهو واضح ڪندا هلون ته بجلي رڳو گهرن لاءِ نه گهرجي، پر انهيءَ جو استعمال ملڪ جي صنعتي ۽ زرعي شعبي لاءِ بنيادي آهي. صنعت ۾ ڦيٿو ۽ زراعت ۾ ٽيوب ويل بجليءَ جي طاقت سان ئي هلي ٿو. اسان وٽ جڏهن حڪومتون بدلجن ٿيون ته پاليسيون به بدلجيو وڃن. نئين سرڪار آئي ته گذريل حڪومت جي منصوبن تي گهربل ڌيان نه ڏنو ويو. جڏهن ته ماهرين اهو مڃن ٿا ته ڪنهن به شعبي ۾ قومي پاليسي تي حڪمت عملي سان عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومتن جي تبديل ٿيڻ جو انهيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونهي. انهيءَ ڪري بجليءَ جي ضرورت ۽ لوڊشيڊنگ جي مسئلي تي ماڻهن جي ڪاوڙ جي ڪري حڪومتون تڪڙا قدم کڻنديون رهيون ۽ ملڪ جي وسيلن تي منصوبا ٺاهڻ جي بدران مهانگي خرچ واري آئي پي پيز سان معاهدا ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ڏکيو بڻايو ويو.

            هاڻ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته موجوده سرڪار انهن مهانگي بجلي ۽ آئي پي پيز سان معاهدي جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن عوامي مفاد جي لاءِ فيصلا ڪيا وڃن جو قوم جي بقاءَ اهڙي ريت ئي ممڪن آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ حڪومت جي پاران آئي پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني جي ڪمن جي شروعات ٿي. جڏهن پهريون ڀيرو ملڪ ۾ انڊپينڊنٽ پاور پروجيڪٽ سان بجلي جي پيداوار ۽ ان جي خريداريءَ جي لاءِ ڪيل معاهدن تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ ڊسمبر 2024 ۾ به 8 آئي پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪئي وئي. پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ وارين انهن ڪمپنين سان ڪيل معاهدا اڄ ڪلهه بحث هيٺ آهن. ڇاڪاڻ جو ڪيپيسٽي پئمينٽ جي سلسلي ۾ ادا ٿيل رقم جيڪا سوين ارب رپيا ٿئي ٿي. سرڪار ملڪ جي مالي حالتن جي ڪري ان جي ادائگي لاءِ لازمي آهي ته پريشان آهي ۽ ٻئي طرف ملڪ جو عام عوام مهانگي بجلي جو عذاب سهي رهيو آهي. موجوده حڪومت توانائي ڪمپنين سان پنهنجو حساب ڪتاب سڌو ڪري رهي آهي. انهيءَ تي اها تحسين جي مستحق آهي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ آئي پي پيز جي منافعي جي سلسلي ۾ 802 ارب رپين جي گهٽتائي جي تجويز پيش ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئي پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدو ملڪي عوام جي حق ۾ آهي، انهيءَ سان قومي خزاني ۾ اربين رپين ۾ بچت ٿيندي، ۽ گردشي قرضن جو دائرو گهٽ ڪبو ۽ بجلي جي قيمت ۾ به گهٽتائي ايندي. توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ قومي ناڻي جي بچت جي اهميت آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري وفاقي حڪومت جي ڪوشش جي آجيان ڪجي ٿي.