اکرن جو پٽڙو ڀت کائي آسرن جي آسري جيئڻ جي تهمت کڻي ساهه کڻندڙ عوام پنهنجي هٿ ترين ڏانهن نهاريو ۽ سياست جو نالو ”چاڪي ۽ ڏاند“ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ لاءِ گهاڻي جي چونڊ کي تقدير جو لکيو ڪوٺيو.
پاڻ کي عوامي اڳواڻ سڏائيندڙ ”چاڪين“ دستورن جا ڪتاب ڪڍي ڏٺا ۽ پوءِ انهن مان فال ڪڍي اعلان ڪيو ته سرنهن جي داڻن جيتري بيشمار عوام کي جمهوريت نالي ڏاند جي طاقت سان اسيمبليءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهڻ عوامي خوشحالي ۽ آزاديءَ جو دور آهي.
چاڪي جي عظمت تي مرثين جهڙي شاعري ڪندڙ شاعرن، هلندڙ گهاڻي جي چيڪاٽ جي ردم جي تعريف تي نظم لکيا ۽ عوام جي هڏن مِک مان نڪرندڙ تيل جي سرهاڻ کي جمالياتي حس سان سنگهيو.
ڍنڍور چين پاڻ لاءِ ميڊيا جو نالو چونڊيو ۽ ڪوڙ سان همبستري ڪري ”عوامي هيرو“ پيدا ڪرڻ لڳا.
وقت هر دور ۾ هڪ منصور چونڊي ٿو ۽ گلاب ٽڙڻ جي مند ۾ سوين هٿن ۾ پٿر ڏيئي ڇڏي ٿو.
”سن“ جو منصور سنڌ جي ڪوفي جهڙن ماڻهن آڏو اٿي بيهي ٿو ۽ چوي ٿو:
”عمر يست ڪه آواز منصور ڪهن شد
من از سرنو جلوه دهم دارو رسن…!”
(عرصو ٿيو آ ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، آءٌ هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو…!)
اي ديس! تنهنجي هنيل گلاب جو درد نه سهي سگهندڙ جي ايم سيد تا عمر تنهنجا پٿر سهندو رهيو.
ٻه هزار سال اڳ به وقت هڪ منصور چونڊيو هو ۽ مسيح جي تِريُن ۾ ڪوڪا هڻي کيس يروشلم ٻاهر گلگتا نالي ٽڪريءَ تي صليب تي چاڙهيو ويو هو. انجيل مقدس ۾ لکيل آ ته جڏهن مسيح کي مصلوب ڪيائون ته ٻئين پهر آسمان تي گهنگور گهٽائون ڇانئجي ويون ۽ ٽئين پهر تائين روشني جهڪي رهي، آسمان بادلن سان ڀريل رهيو.
اي زمانا! مان تو تي جي ايم سيد جهڙي مٺڙي ماڻهوءَ کي ڪنڊن جو تاج پارائي سج سوا نيزي تي لاهڻ جي تهمت ٿو هڻان! سيد ته توکي اڪيلو ڇڏڻ جي به ميار نه ڏني.
اي سنڌ! توسان ڪائنات جيڏي بي انت محبت ڪندڙ جي ايم سيد تنهنجي گرم جهولن سان به محبت ڪئي ۽ توکان زندگيءَ جي ڪنهن به ڏکئي پهر هڪ ٿڌڙي هير نه گهري! سيد ته ڪڏهن به پنهنجا پٿون پير توکي نه ڏيکاريا ۽ تنهنجي عشق جي راهه ۾ کتل اڀا ڪاوا سندس عشق جي تاس آڏو بخمل ثابت ٿيا. هو ته ان عشق جي رنگ ۾ رنگيل هو، جنهن ۾ جڏهن ٺونٺيون به ٺڙڪڻ ڇڏي ڏين ته گوڏن ڀر گسڪڻ به پرينءَ جي پنڌ تي هلڻ جو شرط هجي!
اي ديس! اسان پنهنجي چيچ ان سيد جي هٿ ۾ ڏني آهي، جنهن اهو سيکاريو ته راهه عشق ۾ طلب جي حوس رکڻ شرڪ آهي. پر اي سنڌ! مان توکان جي ايم سيد جي مڃتا جو دان پنان ٿو!
سيد ته زندگيءَ جي هر آزمائش جي گهڙي توکي چيو:
”اي سنڌ!
بجر مِ عشق تُو ام مي کشند، غوغائي است،
تونيز برسر بام آ، که خوش تما شاع است.”
(اي سنڌ! تنهنجي عشق جي جرم ۾ مون کي ڪُهن ٿا، وڏو غوغاءُ آهي. تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي!)
اي سنڌ! تون ڪيستائين پنهنجي عاشقن جي ڪسڻ جا نظارا پسندي رهندينءَ؟ ڇا تون کي خبر ناهي ته تنهنجي هڪ ئي مهربان مِٺي سان ڪُٺل عاشقن جي زخمن مان گلاب ٽڙي پوندا ۽ سڄو ديس مهڪي پوندو!
اي ديس! توکي سڪار ڪري عالم کي آباد ڪرڻ جون دعائون گهرندڙ لاکيڻي لطيف تنهنجي رمزن لاءِ چيو هو ته:
”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!… “
اي ديس! تنهنجون اهي ادائون اسان کي سمجهه ۾ نٿيون اچن. تو ته سدا انهن کي محبت ڏني جن کي تنهنجي ديس جي ٻوليءَ ۾ ٻه ٻول به اچارڻ ڪو نه ٿا اچن. هو ٻهروپي، نجات آڻيندڙ جا روپ ٺاهي توکي ٺڳڻ آيا ۽ تو کين عزت ۽ مڃتا پئي بخشي آهي. هو ٻهروپي، جي تنهنجي سائي ڪک ۾ ڪوڙ ۽ مڪر جي ڪلي ٺوڪي، ان تي پير رکي پنهنجا بونا قد لڪائيندا رهيا ۽ تو سدا ڪک ۽ ڪلي جي رشتي کي نصيب جو لکيو پئي سمجهيو آهي.
اي ديس! ڪائو ڪچ اگهائڻ تنهنجي رمز آهي، يا فطرت، مان فيصلو نه ڪري سگهيو هان. هر دور ۾ ڪوڙ جا نوان واپاري، ڪڏهن مذهب، ڪڏهن جمهوريت، ڪڏهن ڀائپي، ڪڏهن دوستيءَ جا نوان نوان سانگ رچائي توکي ٺڳڻ ايندا رهيا ۽ تو وٽ فريب سهڻ جي ڪيڏي وڏي دل آهي، هاڻ توکي صبر جي مٺي ڦل ملڻ جو انتظار آ يا ڪنهن نئين ٻهروپيءَ جو؟
اي ديس! تون ڪڏهن جي ايم سيد جي پلئه کي کولي ان جي سچ کي هڪ نظر ڏسندين؟ هڪ دفعو اهو سچ پنهنجي محبت جي سڪي سان خريد ته ڪري، ڏس ته سهي، ته ان سچ ۾ ڪيتري سگهه آهي! اهو سچ تنهنجي اجاڙيل سينڌ سنوارڻ جي طاقت رکي ٿو، تون ڪائو ڪچ اگهائڻ بند ته ڪر!
اي ديس! سيد جي سچ ۾ تون هي تون آهين، مان آهي ئي نه! ان سچ ۾ خودي شرڪ آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي ارپڻ حق آهي. عشق جي راهه ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ ئي حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. هن عشق ۾ وحدت ئي وحدت آهي، ڪثرت آهي ئي ڪو نه! ٻيائي کي ٻک وجهڻ ئي راهہ ڀلڻ جي نشاني آهي، هر شيءِ ۾ حسن ازل جو جلوو آهي. هر شيءِ ۾ پيار وسي ٿو، نفرت ته آهي ئي ڪو نه! هي سچ راهه ڀليل وحشي انسانن کي محبت جي راهه ڏيکاري ٿو. سيد جي سچ ۾ پاڻ وڃائڻ تي پاڻ سڃاڻڻ جي ابتدا آهي. سيد چوندو هو ته انساني زندگي ۾ مذهب معصوميت جو تجربو آهي، علم سڃاڻپ جو ڪم ڏئي ٿو ۽ سيد ان کي زندگي جو سن بلوغ ڪوٺيندو هو. عمل سندس نظر ۾ جواني آهي ۽ عشق مجاز حقيقت ڏي نيڻ ۽ نئين زندگي سان روشناس ڪرڻ جو مرحلو آهي ۽ عشق کان سواءِ زندگي بي مقصد آهي!
اي ديس! سيد جي سچ ۾ عشق ئي عشق آهي ۽ جتي عشق آهي اتي مڪر ناهي، ڪروڌ ناهي، ٺاهه ٺوهه ۽ بناوٽ ناهي، جذبن ۾ ماڪ ڦڙي واري معصوميت آهي. هن عشق ۾ تصوف آهي ۽ صوفيءَ جو جهاد پنهنجي نفس سان آهي. صوفيءَ جا دشمن سندس ذات کان ٻاهر نه پر اندر آهن. صوفيءَ کي پنهنجي اندر مان خود مطلبي، پاڻ پڻو، هٺ، وڏائي، چڙ ۽ نفرت کي ڌوئي وجود صاف ڪرڻو آهي. ان عشق ۾ نمائش ناهي پر عاجزي آهي، هڪ خاموش عبادت آهي، جنهن جا سدا انساني محبت ۽ خدمت جي ديول ۾ قبول پوندا آهن. صوفيءَ جو هر ڪم دوست جي رضامندي ۽ دل جي اطمينان لاءِ آهي نه ڪي ڪنهن سودي يا فائدي عيوض.
اي ديس! تون سيد جي سچ وٽيءَ مان عشق جو هڪ ڍڪ ته ڀري ڏس! اهو عشق جيڪو انسانن کي ورهائڻ نٿو قبولي ۽ اهو نينهن نروار ٿو ڪري ته هيءَ ڪائنات هڪ ”وحدت“ آهي، ”جُز“ جي ڌار ڪا به حيثيت ڪانهي، ڪو به مفاد ڪونهي. قانون ارتقا موجب هرهڪ ”جُز“ کي ”ڪل“ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، جدوجهد ڪرڻي آهي. اهو ”ڪل“ عالمگير انساني اتحاد ۽ برابري آهي. سيد جو عشق انسانن کي ڳنڍي ٿو، ورهائي نٿو. اهو عشق جو ئي جذبو آهي، جيڪو ”ڪثرت“ مان ڪڍي ”وحدت“ ڏي آڻي ٿو ۽ چئي ٿو:
”نڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا مورت ماهه،
نڪا سُڌ ثواب جي، نه ڪا غرض گناهه،
هيڪائي هيڪ هئي وحدانيت واهه،
لکيائين لطيف چئي، ڳُجهه ڳجهاندڙ ڳاهه،
اکين ۽ ارواح، اها ساڃاهه سپرين!…!“
اها وحدت، انساني برابريءَ جي بنياد تي آهي. اها وحدت طاقت جي زور تي پيدا ڪيل ناهي، اها وحدت اهو مڃڻ کان انڪار ٿي ڪري ته تشدد سان، حرفت سان، دوکي سان ڪنهن به مذهب يا نظرئي جي آڙ ۾ ڪو مصنوعي ”اتحاد“ پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري سيد جو سچ، پنجاب جي ڏنڊي جي زور تي ”پاڪستان“ نالي اتحاد/وحدت کي تسليم نٿو ڪري ۽ ان کي قانون فطرت جي نفي سمجهي ٿو. هي سچ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم کي پنهنجو مقصد سمجهي ٿو ۽ ان عظيم مقصد جي حاصل ٿيڻ لاءِ سنڌو ديش جي مرحلي کي ان راهه حق جي پهرين وک ڪوٺي ٿو ۽ چوي ٿو ته ان راهه حق جي پانڌيئڙن لاءِ اهو ضروري آ ته اهي ان ڏس ۾ پنهنجي نفس کي اجاري صاف ڪن ۽ صحيح علم ۽ ڄاڻ سان انساني اخلاق جا مثال ٿين. هي سچ انساني فطرت جي وحشي يادگار ”بقائي اصلح“ جي جاءِ تي ”باهمي تعاون برائي ترقي“ جو اصول پيش ڪري ٿو.
اي ديس! سيد هڪ خواب ڏسي ٿو، جنهن ۾ سنڌو ماتا کيس چمي هدايت ڪري ٿي ته توکي انساني ۽ قومي اتحاد، امن عالم ۽ نبي نوع انساني ترقي لاءِ ”پيغام سنڌ“ کي ڦهلائڻو آهي ۽ ان لاءِ پهرين پنهنجي غلام وطن کي آزاد ڪرائي ان لائق بڻائڻو آهي جو اهو ايڏي وڏي مقصد لاءِ بهتر نموني ڪم ڪري سگهي.
اي ديس! سيد جو خواب سنڌ جي هزارين ورهين جي مادي ۽ روحاني ارتقا جي سچ جو نتيجو آهي، اهو ڪو شاعرانه تخيل يا وجدان ناهي! صدين کان خوابِ غفلت جي اگهور ننڊ ۾ ستل منهنجا ديس! سيد جو خواب ڪڏهن تنهنجي اکين ۾ آکيرا اڏيندو ۽ تون هڪ ڇرڪ سان ان ننڊ مان اٿي پوندين ۽ تنهنجا هٿ ان خواب جي تعبير ڳولي لهندا!؟
هلندي هوت پنهون ڏي، ڀَوَ مڙيئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، اوڙ ته اوڏي ٿئين. (شاهه)
اي ديس! بگهڙن جي پاسبانيءَ مان نڪري عشق جي امامت ۾ ته اچ! توکي خبر پوندي ته مشرق علم جو مخزن ۽ مغرب عمل جو اظهار آهي. انساني اتحاد ۽ ترقي لاءِ ٻنهي پورو ڇوٽين جو سنگم ضروري آهي ۽ اهو سنڌ جو ”پيغامِ عشق“ آهي، جيڪو هڪ پُل جوڙي ٿو ۽ عالم کي آباد ڪرڻ جون دعائون ساڀيائن جي مومل ماڻين ٿيون. هي پيغام عشق بذات خود هڪ ڪيفيت آهي جنهن جي موجودگي ٽامي کي سون ۽ خاڪ کي ڪيميا جو درجو بخشي ٿي. هي عشق ئي آهي جنهن جو ڪو به عدد ناهي ۽ ان بي انت، بيقرار عشق کي لطيف، عنايت، بيدل، دادا ڄيٺمل پرسرام، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ جي ايم سيد جي دلين ۾ انت ملي ٿو ۽ اهي دليون ئي عشق جي پڄاڻي ڳولي لهن ٿيون.
اي ديس! توکي اڃان به سيد جهڙي سراپا عشق، وڻجاري جي پلئه ۾ پيل سچ لاءِ گمان آهي؟ ڇا توکي ناهي خبر ته عشق جو هوڪو ڏيندڙ ان ٻڍڙي وڻجاري عمر عزيز جا ٽيٽيهه سال توکي سچ آڇڻ جي ڏوهه ۾ قيد ۾ گذاريا. ڇا ايئن ناهي ته هو تاريخ جو انوکو ”مجرم“ هو جنهن کي ڪوڙ جي ”منڊي“ ۾ سچ جو وکر هلائڻ جي ڏوهه تي ناز رهيو ۽ ان جي سزا ۾ ڪسڻ قبوليندو رهيو پر منصف سڏائيندڙ ان ”منڊي“ جا رکوالا به سندن ڏوهه سان انصاف ڪري نه سگهيا!
سيد جي سچ ۾ بُلي شاهه، باهو ۽ وارث جي پنجاب لاءِ به دعائون آهن. هو پنجاب کان نفرت ڪرڻ جو شرڪ ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ هو ته بس ”مرد مومن“ ۽ ”شاهين“ ڄڻي سنڌ جي سينڌ اجاڙيندڙ پنجاب جي فاشسٽ سامراجي ڪردار کان بيزاريءَ جو اظهار ڪري ٿو. فريد جي روهي ۽ شاهہ عنايت جي جهوڪ ۾ رڳو اکرن جو ڦير آ، عشق جو جلوو هر هنڌ آهي! پنجاب جي انسان دوست شاعر فيض چيو هو ته:
وهي چشمه بقا ٿا، جسي سب سراب سمجهي،
وهي خواب معتبر ٿي، جو خيال تڪ نه پهنچي!…
(اي ديس! اهو شعر تنهنجي ۽ سيد جي رشتي تي ئي لکيل آ!، سيد جو سچ، جيڪو چشمه بقا/آب حيات هو، تنهن کي تو تا عمر سراب ئي سمجهيو، رڃ ڄاتو ۽ تون صدين کان اڃارو آهين!)
اچ ته سيد جي سچ جي چشمي مان عشق جو پاڻي ٻڪون ڀري پيئون ۽ سيد جو وطن جي آزاديءَ جو خواب، اتحادِ انساني، امنِ عالم، ترقي بني آدم جو خواب خيالن ۽ روحن جي ڪنڊن ۾ آباد ڪيون.
اي سنڌ! هن ديس جي آزاديءَ جو سج صدين کان هڪ ڪاري چادر سان ڍڪيل رهيو آهي ۽ اسان جي انتظار جي عمر کيرٿر کان وڏي ٿي وئي آهي!
اي ديس! هاڻ ته جاڳي پئو، ڪو ته معجزو ٿئي، هي تاريڪيون ڪيستائين اسان جي اکين کان رنگ کسينديون رهنديون؟
اي ديس! اسان جي بي رنگ اکين کي پنهنجي وڃايل رنگ، بي خواب راتين کي پرين جي ياد جهڙا نفيس خواب ۽ سج لاءِ هڪ پيلو لباس ڪڏهن ملندو…!!؟