بلاگنئون

حڪومت جون بيڪار معاشي حڪمت عمليون

حڪومت جو اچڻ يا ٺهڻ ان ڳالھ جي پڪ هوندي آهي ته اهي عوامي خدمت ڪندا، يا اهي هر اهو ڪم ڪندا جنهن ۾ عوام جو ڀلو هجي، مثال سڌارا آڻيندا، صحت، تعليم، اٽو، لٽو، اجهو، روزگار مهيا ڪندا، يا دنيا جي حڪومتي ڪارونهنوار کي ڏسون، ته جيڪي به سسٽم جڙن ٿا پوءِ انهن ۾ جمهوريت هجي (سواءِ ڊڪٽيٽرن جي قبضي ۽ زوريءَ ڪرسيءَ تي ويهڻ واري ڳالھ جي ڇو ته انهن ۾ انارڪي، طاقت جو هڪ هٿ ۾ هجڻ جيئن ٽوٽليٽيرين، يوٽليٽرين، مونوپولزم، يا ڪي ٻئي سيٽ اپ)، پر جيستائين انهن ۾ عوامي اثر يا ووٽن جي ذريعي انتخاب واري ڳالھ نه ٿي اچي اهي دنيا جي ملڪن کي پسند ناهن، پوءِ انهن ۾ بادشاهت هجي، زار شاهي هجي، صدارتي راڄ هجن، وزيراعظم هجن، شهنشاھ هجن، يا ٻيا ”ازم“ هجن جيئن سوشلزم، ڪميونزم، مارڪسزم، نازي ازم، يا ٻين ديسي پارٽين جا منشور هجن، جيئن اسان وٽ ڀٽو ازم يا ٻيا اهڙا دور هجن، ڳالھ کٽائجي ته انهن سڀني حڪومتي طرزن ۾ سڀ کان اتم ۽ اعليٰ ڪم ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ئي آهي، نه ڪي ڪو ناڻي جي مٿان نانگ ٿي ويهڻ آهي، يا رڳو پنهنجا ڀِڀَ ڀرڻ آهي ۽ عوام ڀلي پيو مري.

هاڻوڪن نون ليگ جي وزيرن جا فلسفا ٻڌي آنڊا سڙي ويندا آهن ته جڏهن اهي غريبن جي مهانگائيءَ جي خلاف دانهون ٻڌندا آهن ته چوندا آهن ته ”پوءِ اها شيءِ نه کائو جيڪا مهانگي ٿي ٿئي يا جنهن جي ضرورت آهي بس اها کائو“ پوءِ ماڻهن به ڀلا انهن جي ٻڌي، پر زندگي گذارڻ جي لاءِ بنيادي شين جو ئي قحط ٽٽي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ جو بيروزگاري ۾ سڄي ڪٽنب جي لاءِ غريب ماڻهو رڳو اٽي جي پورت نه ڪري سگهي، پاڻيءَ جي اڻ هوند هجي، بجلي، گيس، پيٽرول سستا نه هجن، پر اتي ٻيون عياشيون ته ماڻهن کان وسري ويون آهن يا ”خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري“ جو اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به بي جا ڳالهائي ۽ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ويندو آهي ته پوءِ عوام ڀلا ڪهڙو پٽَ پاراتو ڏين، جو انهن ماڻهن کي خبر ناهي ته بجلي مهانگي ٿيڻ سان نوڪري پيشا ماڻهو ڪيتري عذاب ۾ آهي ان ڪري انهن امير ۽ اشرافيا ڪلاس کي ٻٽالن ۽ ٽماٽن جي اگهن جي خبر نه هوندي ته انهن جي روزاني لاھ چاڙھ به غريبن جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آهي.

اسان جي وزيراعظم (خير اهو ته آهي رڳو پنجاب جو) ته وري ڳالهيون ٻڌي ماڻهو ته حيرت ۾ وٺجي وڃي جو آفيسرن ۽ بينڪرن کي صلاح ٿو ڏئي ته (گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ تقرير پيو ڪري) ته شلوار قميص پايو توهان جي ڪارڪردگي صحيح ٿيندي، هاڻي ماڻهن کي کائڻ جي لاءِ ڪجھ ناهي، ملڪي ايڪسپورٽس وڃن ٿيون ڪرنديون، امپورٽس ان ڪري به وڌائين ٿا ته جيئن رڳو ٽيڪسز جي مَد ۾ ڪمائين ۽ اسان وٽ رڳو مزدور طبقو رهجي وڃي ۽ رولنگ ڪلاس ائين ئي مزا پيو وٺي. وري هن دفعي ته حڪومت کي پهريون ڀيرو بجيٽ ڊيفيسٽ کان وڌيڪ ڪمائي ٿي آهي، انهن کي ايتري ته ٽيڪسز ۽ آءِ ايم ايف جي هاڻوڪين قسطن جي مهيا ٿيڻ سان مالي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي جو چئي بس ڪيون، پر مهانگائي گهٽ نٿي ٿئي ۽ بجلي ۽ پيٽرول جا اگھ وڃن ٿا وڌندا.

ترڪي جي ڊالر واري ڳالھ ڏاڍي زبردست هئي جو هنن پهرين ڊالر مهانگو ڪري سڀ ڊالر پاڻ وٽ گهرايو، سڄي ملڪ مان جڏهن ڊالر جمع ٿي وين تڏهن ”ليرا“ (ترڪيءَ جو سِڪو) مهانگو ڪري ڇڏين ۽ ڊالر سستو ٿي ويو، ڇو ته اهي هاڻي ڊالر ۾ ڪاروبار نه ٿا ڪن، پر اسان وٽ ڪاروبار ٿئي ئي ڊالر ۾ ٿو پوءِ ڊالر ته چڙهندو ۽ روپئي جي عزت ويندي گھٽبي، ان ڪري ته اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ عزيز رڳو آمريڪي پاليسي ۽ ڊالر جي ڳالھ هوندي آهي، اهو ان ڪري ته وڏو طبقو ڀلي خوش هجي ۽ غريب ڀلي پيو نپوڙجي، ڇو ته انهن کي غربت ۽ پاڪستاني هجڻ جي سزا ملي، ڇو ته اسان وٽ نظام ابتو آهي، ملڪ ۽ غريب جي لاءِ ڪير به نه ٿو سوچي، سوشلزم، ڪميونزم يا ڪيپٽلزم واري فلسفي ۾ ته انفراديت کي اجتماعيت جو بنياد بڻايو ويو آهي، جيڪڏهن غريب طبقو ائين ئي نپوڙبو رهندو ته ”پرڪيپيٽا انڪم“ واري فلسفي جي پورت ڪيئن ڪندا، معنيٰ ماڻهن جي ڪمائي ئي نه هوندي، اهي جڏهن بک مرندا، انهن جي خريد جي قوت ئي نه هوندي ته مارڪيٽ ڪيئن هلندي، ماڻهن ۾ شين استعمال يا خريد ڪرڻ واري طاقت نه هوندي ته معيشت ڪيئن وڌندي ويجهندي، معنيٰ بنيادي جز ماڻهن ۾ روزگار ۽ زراعت جي بحالي هجي ٿي، جنهن جي لاءِ هن سرڪار جو ڌيان رڳو پنجاب ڏي مرڪوز آهي ته پوءِ اهي سڄي ملڪ جي لاءِ ڪڏهن ۽ ڪيئن سوچيندا.

هي حڪومت ”دڪاندري ازم ۽ واپاري ازم“ تي وڏو ڪم ٿي ڪري ڇو ته هن جي اولين ترجيح رڳو رياستي ۽ معدني ذخيرا عوام ۾ کپائڻ وارو فلسفو ميڄالي ۾ ويهي رهيو اٿن هي اهو سمجھن تا ته عوام ۾ بجلي (جيڪا رياستي ذخيرن جي پيداوار آهي) ٺاهي عوام ۾ کپائي ناڻو اتان ئي ڪمائجي. مثال هنن ته اهو به ڪري ڇڏيو آهي ته بجلي جي ادارن کي ٽوڙي بجليءَ جي پيداوار وارا ادارا الڳ ڪجن، جيئن هنن پاور جنريشن پلانٽ چائنا حوالي ڪري ڇڏيا، جن ۾ ڪينپ (ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ) ۽ ڄامشورو پاور پلانٽ ۽ ٻيا سڀ سڄي ملڪ جا ادارا جيڪي رڳو بجلي پيدا ڪندا ۽ ڊسٽريبيوشن چينل الڳ هوندا معنيٰ اهي ادارا رڳو انهن کان بجلي خريد ڪندا ۽ ٽيون وري صارف جيڪي رڳو بجلي استعمال ڪندا ۽ پرائيويٽ ادارن کي اهي سڀ ڪمپنيون ڏئي حڪمران ٽيڪ ڏئي ويٺا ٽيڪس اوڳاڙيندا. هن سرڪار کي رڳو اهڙا سرڪاري دڪان هلائڻا آهن جن مان حڪومت جو کيسو ڀرجي ۽ عوام ڀلي بک مري، ٽيڪس جا ڄار هنن کي آءِ ايم ايف جي پاليسي سڌي ڪرڻ ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ جو بهترين ڌنڌو هٿ آيو آهي، ان ڪري ته جڏهن اهو عوام جو پئسو ڦري گهري انهن حڪومتي کيسن ۾ ٿو وڃي ته اهي وري ڪرپشن ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ فيڪٽريون، بنگلا، فليٽ، آف شور ڪمپينون، ۽ وري مني لانڊرنگ ڪري ٿا وٺن، هتي رهي کنڊ، اٽي يا پيٽرول جا بحران ڪري ڪمائي ٿا وٺن، ان ڪري ته وڏو واپاري هي سرڪار پاڻ آهي، جو رياستي ۽ ملڪي ادارن کي کوٽي ويٺو ٿو کائي ۽ کائن اهي ئي وزير ۽ امير ٿا ۽ ٽيڪس جا ڄار عوام جي مٿان ڪيرايو ويٺا آهن، مثال ماڻهو رڳو پير ٻاهر رکي، ڪا شيءِ استعمال ڪري يا کائي پيئي ته ان کي ان شيءِ جي ٽيڪس ڏيڻي پوندي، پوءِ اها ٽِڪي ڦوٽي يا دوا دارون يا ٽرانسپورٽيشن جي ڳالھ هجي، پڙهائي لکائي کان وٺي سير سپاٽي يا ٻين ڪم ڪارين جي ڳالھ هجي، ڪا اهڙي ڪار، ڪرت جيڪا اهو عوام ڪندو ان کي ٽيڪس جو ڄار ڦاسائيندو ۽ اهو ماڻهو ساھ به پئسن تي کڻندو، جو هي سرڪار دڪاندارن کانسواءِ ڪجھ نٿي ڪري. ان ڪري ته هي سرڪار سڀ ”ازم“ پاسي تي رکي ”بزنس ازم“ يا دڪانداري ازم ٿي پالي ۽ پاڻ پئي ٿي جيئي. ساڳي ڪار هنن گيس، بجلي ۽ پيٽرول سان به ڪئي آهي معنيٰ جيڪي ديسي ذخيرا هئا جن مان اسان کي ڪچو تيل ملي ٿو اهو به صاف ڪري هي ان پيٽرول جي اگھ ۾ ٿا کپائين، جنهن اگھ ۾ هنن کي ٻاهريون ڪچو تيل ٿو ملي ۽ ساڳي فلاسافي هي گيس جي بلن ۾ به ڪئي، ان ڪري رڳو دڪانداري ڪرڻ هن سرڪار جو پيشو آهي، عوام کي ڦرڻ هنن جي شيوو آهي، هنن ته دنيا جي سڀني ”ازمن“ کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاجو سوشل ازم ۽ ڪميونزم بس هنن کي سڄو ڏينهن ٽيڪس جي ڳالھ ڪرڻي آهي ۽ عوام دشمن فيصلا ڪرڻا اٿن ۽ عوام ڀلي پئي کڏ جي تري ۾، ڇو ته ترڪي ڀلي ڇا به ڪري هي ان ماڊل کي اختيار نه ڪندا، پر جڏهن افغانستان جي ڳالھ ايندن ته هي سڀ مسلمان ٿي ويندا، پر هاڻي جنهن طريقي سان ترڪي وارن مڙسي ڪئي هئي هي به ڪن.

ڀلا رڳو صنعتي ترقي وٺرائين، ڇو ته ٻين واپاري تنظيمن وانگي چين به اسان سان سچو ناهي، جو هو ته اسان جي ڪلهي تي پنهنجي سپر پاوريءَ جي بندوق رکي ٿا هلائين ۽ انهن کي پنهنجي ترقي عزيز آهي، اهي ته ٻي دنيا جي ٺپي مان نڪري پهرين دنيا ۾ وڃڻ ٿا چاهين، اسان ته ٽين دنيا جي ملڪن جي انڊيڪس کان به ڪرندا وينداسين ۽ گراف ڪيرائيندا ڪيرائيندا وڃي تري ۾ پونداسين. ان ڪري جو حڪمرانن کي جي ڪجھ ڪرڻو هجي ها ته يورپ ۽ آمريڪي واپاري ۽ فري ٽريڊ واريون تنظيمون هتي به ٺاهين ها، جيئن ”نافٽا ۽ سافٽا“ جيڪي آمريڪا ۽ يورپ ۾ بهترين ڪم ڪن ٿيون پيون، پر چين رڳو هتي رڳو سڪي جي برابري آڻي، واپاري تنظيمون ٺاهي، اسان وٽ به ان ملھ ۾ شيون کپائي، جنهن ملھ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ٿو کپائي، پر ائين هرگز نه ٿيندو، نه سڪو ”يورو“ وانگي هڪ گروپ ۾ هلندو، جو رپئي جي عزت برقرار رهي، ڇو ته عوام ۽ هن ملڪ سان ڪير به سچو ناهي ۽ اسان ٻين جون جنگيون وڙهندا رهنداسين، اسان وٽ نيشنل ازم به ناهي، ان ڪري ته اسان رڳو خطي پرستي يا ”ٽيريٽوريزم“ ۾ لڳا پيا آهيون ۽ اهي ڳالهيون اسان کان اڃان پري آهن ۽ بجيٽ ٺاهي رڳو آءِ ايم ايف سان لائين سڌي ڪيو ويٺا آهيون، جو ناڻو ته وزيرن جي ڪم جو آهي، عوام رڳو ٽيڪس ڏئي.