جماعت اسلامي جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان غزه ڏانهن گلوبل ساليڊريٽي فلوٽيلا ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني جي شروعات ۾، هن اعلان ڪيو هو ته پاڪستان اسرائيلي محاصري کي ٽوڙڻ لاءِ غزه ڏانهن ويندڙ گلوبل ريزسٽنس فلوٽيلا ۾ حصو وٺندو. هي اعلان پاڪ فلسطين فورم پاران هڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو ويو، جيڪو فلسطيني مقصد جي حمايت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قائم ڪيل پليٽ فارم آهي. فلوٽيلا جي ويب سائيٽ موجب، اهو هڪ گڏيل ۽ پرامن جهاز آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ننڍيون ٻيڙيون هونديون آهن، جيڪي ميڊيٽرينين سمنڊ جي مختلف بندرگاهن کان نڪرنديون ۽ اسرائيلي قبضي جي غير قانوني گهيري کي ٽوڙڻ لاءِ غزه پهچنديون. ‘رائٽرز’ جي رپورٽ مطابق امداد سان ڀريل درجنين ٻيڙيون اسپين ۽ تيونس کان غزه لاءِ روانيون ٿيون آهن، جنهن ۾ 44 ملڪن جا سوين ماڻهو شرڪت ڪندا، جن ۾ سوئيڊش ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ ۽ پرتگالي کاٻي ڌر جا سياستدان ماريانا موراتا شامل آهن. سامود جو مطلب آهي ثابت قدمي. ان کانپوءِ پاڪستان جو پنج رڪني وفد هن فلوٽيلا جو حصو بڻيو، جنهن جي اڳواڻي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان ڪري رهيو آهي. جنهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته فلوٽيلا 4 سيپٽمبر تي تيونس جي گادي واري هنڌ ڏانهن روانو ٿيندو، جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو شهري امدادي آپريشن آهي. هن چيو ته اسان کي 1 کان 3 سيپٽمبر تائين تيونس ۾ هڪ جهاز تي تربيت ڏني ويندي. هن مهم ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا 100 کان وڌيڪ جهاز شامل آهن. هي شهرين جي اڳواڻي ۾ سڀ کان وڏو انساني آپريشن آهي. هن وڌيڪ چيو ته فلوٽيلا چئن مختلف اتحادن تي ٻڌل آهي، جن مان هڪ سمودرا نوسنتارا آهي، جنهن ۾ فلپائن، ٿائلينڊ، مالديپ، بنگلاديش، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ پاڪستان جا وفد شامل آهن، جن جي هو پاڻ اڳواڻي ڪري رهيو آهي. سينيٽر مشتاق موجب ٻين اتحادن ۾ مغرب سمود فلوٽيلا، فريڊم فلوٽيلا ڪوئليشن ۽ گلوبل موومينٽ ٽو غزه شامل آهن. هن چيو ته يورپي فريڊم فلوٽيلا پهرين سيپٽمبر تي بارسلونا (اسپين) کان روانو ٿيو. جڏهن ته پاڪستان سميت ٻين ايشيائي ملڪن جو قافلو 4 سيپٽمبر تي روانو ٿيو ۽ 5 سيپٽمبر تي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٻين جهازن سان ملندو، جنهن کانپوءِ قافلو سمنڊ ذريعي غزه پهچندو. اڳوڻي سينيٽر زور ڏنو ته هي فلوٽيلا مڪمل طور تي قانوني، پرامن ۽ انساني همدردي واري آهي ۽ اها قانوني آهي. ڇاڪاڻ ته اسان بين الاقوامي سرحدن مان فلسطيني سرحد ۾ داخل ٿينداسين، اسان جو اسرائيل سان ڪوبه رابطو نه هوندو، اسان صرف کاڌو ۽ پاڻي کڻي وڃي رهيا آهيون، اسان جو مقصد محاصرو ٽوڙڻ، هڪ انساني راهداري قائم ڪرڻ ۽ نسل ڪشي خلاف آواز بلند ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستاني وفد جا ٻيا چار ميمبر ويزا جي مسئلن جي ڪري تيونس نه پهچي سگهيا آهن. تنهنڪري اهي اڪيلا آهن ۽ ويزا جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته چارئي ماڻهو عام شهري آهن، اهي اهم سياسي شخصيتون نه آهن. فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ۾، هن چيو ته هن تيونس ۾ پاڪستاني سفير سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن کيس مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. غزه جي هن سفر جي خطرن تي بحث ڪندي، اڳوڻي سينيٽر ٽي ممڪن خدشا بيان ڪيا. پهريون امڪان اهو آهي ته اسان ڪاميابي سان غزه پهچي سگهون ۽ محاصرو ٽوڙي سگهون ۽ دنيا کي حقيقي صورتحال ڏيکاري سگهون. ٻيو امڪان اهو آهي ته اسرائيل اسان کي گرفتار ڪري ۽ ملڪ بدر ڪري ۽ ٽيون امڪان موت جو به آهي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ اسرائيل فلوٽيلا تي حملا ڪري ماڻهن کي ماريو آهي. سندس مطابق، اسان پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهيون ته جيئن دنيا جو ڌيان غزه ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي ڏانهن ڇڪجي ۽ هي ظلم بند ٿئي. آخرڪار اهوئي ٿيو ۽ خبر آئي ته اسرائيلي فوج سمود فلوٽيلا تي حملو ڪري ان کي قبضي ۾ ورتو آهي. اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن۔ پاڪ- فلسطين فورم، سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان کي اسرائيلي فورسن حراست ۾ ورتو آهي. اسرائيل جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته فلوٽيلا ۾ شامل هڪ کانسواءِ سڀ ٻِيڙيون ۽ انهن ۾ سوار مسافر سندن تحويل ۾ آهن. سڀني مسافرن کي اسرائيل آندو ويندو، جنهن بعد کين يورپ ڏانهن ڊي پورٽ ڪيو ويندو. ترجمان موجب سڀ مسافر خيريت سان آهن. هڪ ٻيڙي جيڪا اڳتي نڪري وئي آهي اها جيڪڏهن جيني علائقي ۾ داخل ٿي ته ان کي به روڪيو ويندو. ان کان اڳ سمنڊ ذريعي غزه لاءِ انساني همدردي هيٺ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٻيڙين جي قافلي تي اسرائيلي فوج جي حملي جي خبر آئي هئي. فلوٽيلا جي ترجمان سيف ابوڪيشڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ٻڌايو آهي ته اسرائيلي نيوي واٽر ڪينن فائر ڪندي 13 ٻيڙين ۾ 201 مسافرن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ پاڪستان جو سينيٽر مشتاق احمد خان، سيد عذير نظامي، سوئيڊن جي نامياري انساني حقن جي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ سميت سندسن ساٿين کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ کين اسرائيلي بندرگاهه منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فوج جي بزدلاڻي ڪارروائي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امدادي قافلو پرامن آهي، جنهن ۾ 44 ملڪن جي 40 ٻيڙين واري فلوٽيلا ۾ 450 کان مٿي انساني حقن جا ڪارڪن شامل آهن.