اين اي 205 گهوٽڪي ضمني چونڊن ۾ 4 اميدوارن کي چونڊون وڙهڻ جي اجازت
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين اي 205 گهوٽڪي جي ضمني چونڊن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس عبدالمالڪ ۽ جسٽس ارشد حسين خان، محفوظ فيصلو ٻڌايو. عدالت پ پ اميدوار سميت 4 اميدوارن کي اليڪشن ۾ بيهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جڏهن ته آزاد اميدوار احمد علي مهر، حاجي خان مهر ۽ بنگل مهر جا ڪاغذ به بحال ڪيا ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذارن جي نااهلي جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد بخش مهر تي اثاثا لڪائڻ جو الزام هو.