پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 پاڪستان پنج مهينن کان بند پنهنجون فضائي سرحدون کولي ڇڏيون

27 فيبروري تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي وڌڻ بعد پاڪستان جون بند ڪيل فضائي سرحدون هاڻي کوليون ويون آهن. هن حوالي سان سول اٿارٽي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. فضائي سرحدون کلڻ کانپوءِ سڀني روٽس جا  جهاز پاڪستاني سرحدون استعمال ڪري سگهندا. فضائي سرحدون کلڻ کانپوءِ لاهور کان نئين دهلي، بينڪاڪ، سريلنڪا ۽ ارمچي جون اڏامون بحال ٿي ويون آهن. هاڻي ڀارتي اڏامون به پاڪستان جي ايئربيس کي استعمال ڪري سگهن ٿيون. ياد رهي ته 27 فيبروري تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي کانپوءِ پاڪستان پنهنجون تمام فضائي سرحدون بند ڪري ڇڏيون هيون. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجا اهم هوائي اڏا کولي ڇڏيا هئا. شروعاتي طور تي ٽي رستا کوليا ويا هئا. جڏهن ته اوڀر واريون سرحدون نه کوليون ويون هيون جنهن سان صرف پاڪستان کي روزانو 15 ڪروڙن جو نقصان پهچي رهيو هو.