ٽرانس فيٽس سان هر سال 5 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿيڻ لڳا
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ٽرانس فيٽس يا ايڊيبل آئل جي استعمال سان هر سال پنج لک ماڻهو موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. اداري جو چوڻ آهي ته 2023 تائين ٽرانس فيٽس جي استعمال کي ختم ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته اسنيڪس، فرائيڊ فوڊز ۽ بيڪ آئٽمز ۾ استعمال ٿيندڙ مارجرين ۽ ويجيٽيبل فيٽس ۾ مصنوئي لحاظ کان تيار ڪيا ويندڙ ٽرانس فيٽس شامل هوندا آهن جيڪي انساني جسم لاءِ نقصانڪار هوندا آهن. واضح رهي ته ٽرانس فيٽس جانورن مان حاصل ٿيندڙ مادو آهي جيڪو انساني صحت لاءِ تمام هاڃيڪار آهي، ڪوليسٽرول، بلڊ پريشر ۽ ٻين دل جي مرضن جو سبب بڻجي ٿو.