ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زميندار بهادر خان کوسو جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي، ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي ڇٺيءَ جو نالو “بگن” رکيو ويو، اڳتي وري هي شرارتي ڇوڪرو “بگن” مان ڦري “بگو- بگو” سڏجڻ لڳو. يقينن سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس چمڪندڙ مستقبل لاءِ دعائون گهريون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي خوش ٿيو هوندو ته “بگن” وڏو ٿي سندس ڇڏيل ڪم سنڀاليندو، پر هن کي ڪهڙي خبر ته اڄ جو “بگو” سڀاڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ “عبدالڪريم گدائي” جي نالي سان مشھور تي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا عَلم بلند ڪري “ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي” بڻجي گونجار ڪندو، سچ ته اهو آهي ته عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن رب پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي. گدائي اها شخصيت هئي جنھن هن جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏٺو ۽ هو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچائين ڪري هر دور ۾ اسان لاءِ ڪنھن نئين انقلابي روپ ۾ اچي هي سٽون چئي سنڌ جي جوانن جو رت گرمايو:
نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا
انسانن جا وارا ورندا
ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا
ظالم سڙندا، ڳرندا، مرندا
ماڻهو ٿيندا شاد
دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو داد!
سنڌ جي ٻين انقلابي شاعرن اديبن جيان گدائي اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن ان ڪري بڻيل آهي جو هو اسان جو ترجمان آهي، اسان جي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسان جي جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي! جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجين خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛
ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!
اجهو، لٽو ۽ اٽو، اَنُ جالُ جام ٿئي!
گدائي جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن ۾ ورتل ڏسي دانهين ٿو،
جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،
ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،
ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:
ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!!
گدائي صاحب کي هن دنيا مان وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن، پر هو پنهنجي شاعري وسيلي “بني نوع انسان” جي بقا تائين زنده جاويد رهندو، پر اڄ جو نوجوان پنھنجي اھڙي محسن جي ذاتي زندگي کان اڻواقف آهي، ان ڪري ضروري ٿو سمجهان ته اڄ جي نوجوان کي گدائي جي ذاتي زندگي کان متعارف ڪرايان ته هي انقلابي شاعر تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هن بگي نالي شخص کي اسڪول جي داخلا دوران بگو لکرائڻ بجاءِ عبدالڪريم ڪري لکيو ويو. هُو 6 سالن جو ٿيو ته والد کيس 1906ع ڌاري ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ 1911ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوريءَ جي شفقت حاصل ٿي ۽ 1916ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کانپوءِ ميونسپل اسڪول مان انگريزي ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ 1918ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو، جنهن جو سبب حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ هو. استاد قاضي علي رضا روهڙي واري پاران محنت ڪرائڻ باوجود امتحان ۾ پاس ٿي نه سگهيو. عبدالڪريم گدائيءَ کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنند رام جي ڪوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي، انهي نوڪريءَ تان ڪم وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ ڪري 1919ع ۾ استعيفيٰ ڏئي، ٺل ۾ اچي 1920ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ پوليس ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين، ۽ کيس ڪانسٽيبل طور ننڍي منشيءَ طور ڀرتي ڪيو ويو. هن 6 مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي نوڪري ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کانپوءِ 1923ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان جو ٽيوٽر ٿيو، جتي سندس ملاقات نامور اديب لطف الله بدويءَ سان ٿي، جيڪو بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ بنگلي ۾ رهندا هئا، جنهن جي صحبت ۾ گدائيءَ کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو. پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ تخلص ‘گدائي’ چونڊيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ کيس 1927ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ ملازمت ملي، جنهن بعد کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پيس، جنهنڪري 1932ع ۾ ٻه مهينا موڪل ورتائين. پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري ختم ڪرائي ڇڏي. نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ ساڳئي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو، جيڪو ٽي سال هلايائين. جنهن بعد ٺل ۾ هوٽل کوليائين. عبدالڪريم گدائي 20 جولاءِ 1947ع کان 27 آگسٽ 1948ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل (هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾) سيڪريٽري مقرر ٿيو. پنهنجي عزيزن سان اڻبڻت جي ڪري 1951ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو. جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار اخبارن: ‘المجاهد’، ‘سنڌ فرنٽيئر گزيٽ’ ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. روزاني عبرت اخبار جي رپورٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. هن ٽي شاديون ڪيون. کيس وچين گهر واريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون هيون. مرحوم عبدالفتاح عابد جيڪو شاعر، اديب صحافي هو. عبدالعزيز ساجد، عابده، ساجده ٻه ڌيئر. ٻئي صغيرائپ ۾ ئي فوت ٿي ويون. ٽين گهر واريءَ مان هڪ پٽ ۽ ڌيءَ جو اولاد ٿيو هئس. عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو ۽ پوءِ 1932ع ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ماهوار پيغام، صداقت، سنڌ جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندي رهي. هن شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکيو. ڪيترا ڊراما لکيائين، جن ۾ ‘قابوس ۽ بلوامنگل’ سرفهرست آهن. عبدالڪريم گدائي جا ڪل چار ڪتاب ڇپيل آهن. هن جو پهريون نظمن جو ڪتاب ساڻيھه جا سور 1965ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي ‘پاڪستان رائيٽرس گلڊ’ پاران هڪ هزار رپيا انعام ڏنو ويو. ان کانپوءِ سال 1965ع ۾ هڪ با تصوير ڪتابچو ‘خانڳڙھه کان جيڪب آباد تائين’ (ضلعي جيڪب آباد جي تاريخ) ڇپيو ۽ ‘پيماني تي پيمانو’ (1924ع) شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري 1975ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘پکڙا ۽ پنهوار’ ڇپيو. عبدالڪريم گدائي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ شامل رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران چوٿين مارچ 1967ع تي نڪتل ريليءَ ۾ ٻين اديبن سان گڏ عبدالڪريم گدائي پڻ شامل هو. جنهن دوران هن نوجوان شاگردن کي ٻوليءَ بابت شعر پڙهي سندن رت کي گرمايو. عبدالڪريم گدائي رائيٽرس گلڊ پاڪستان ۾ سرگرم ميمبر پڻ رهيو. سندس ڪيترائي نظم اڄ به درسي نصاب ۾ شامل آهن، زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو. جنهن سبب 28 جنوري 1978ع تي عبدالڪريم گدائي اسان کان وڇڙي ويو، جنھن جي مرتئي بعد ڪيئي اديبن، ليکڪن پنهنجا پنھنجا ويچار ونڊيا. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ منھنجي جڏهن به تاريخي محقق، شاعر، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو نياز همايوني سان ملاقات ٿيندي هئي ته هو شھيد الھ بخش سومرو ۽ گدائي جو تمام گهڻو ذڪر ڪندو هو. هن ڪٿي لکيو به آهي ته “عبدالڪريم گدائي پاڪستان کان پهرين ۽ پوءِ سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتبهءِ فڪر رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهندي، هو عملي ۽ فڪري لحاظ کان هميشه عوام ۽ ڌرتيءَ ڏانهن جوابده رهيو.” گدائي صاحب بيت، ڪافيون، گيت ۽ غزل به مهارت سان لکيا آهن، پر نظمن ۾ سندس اندر جي اُڇل تمام زوردار محسوس ٿئي ٿي، بيتن ۾ جتي هن بيحد دردمنديءَ سان ساڻيهه جي سورن جو وستار ڪيو آهي، اتي سندس مزاحمتي ڪردار به مثالي آهي.
گدائي اهڙي شخصيت جو مالڪ ۽ سچو انسان هو جو سنڌ جي آزادي جي علمبردار سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ لکي ٿو ته، “ميان عبدالڪريم گدائي، سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان آهي، هو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع، سمجهدار، بي ڊپو ۽ انقلابي مجاهد آهي.” گدائي صاحب صحافت ۾ به پيش پيش رهيا. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا “ساڻيهه جا سُور”، “پکڙا ۽ پنهوار”، “پئماني تي پئمانو” سندس ئي زماني ۾، جڏهن ته، “رات ٻرندي رهي” ۽ ٻيا ڪتاب بعد ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جو هي عوامي، قومي شاعر، کاهوڙي ۽ ترقي پسند رهنما رهيو.