اڄ پاڪ سر زمين تي نئين سال 2026 جو نئون سج اڀريو آهي، پراڻي سال جون پراڻيون يادون دفن ٿي چڪيون آهن. هي نئون سال نوان خيال نيون سوچون نيون خوشيون کڻي آيو آهي، هرڪو کيس ڀليڪار پيو چوي. ڇو ته چوندا آهن ته جنهن ڪم جو آغاز ڀلائيءَ سان ڪبو آهي ته ان جو نتيجو به ڀلو نڪرندو رهي. ڏکن پٺيان سک هجن ٿا، يقينن نئون سال پنهنجي دامن ۾ هڪ نئين صبح، هڪ نئين اميد ۽ هڪ نئين عزم جو آغاز ڪري رهيو آهي ۽ دل بهار بهار ٿي رهي آهي ۽ نئين سال جي هٻڪار هلي رهي آهي. توڙي جو ماضيءَ جا زخم اڃان تازا آهن. غريب مهانگائيءَ جي چيچڙي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، ملڪي سياست سادن ماڻهن لاءِ آزار بڻيل آهي. عدالتون انصاف ڪرڻ کان قاصر آهن، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي دربار لڳائي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. اسپتالون غريبن کي علاج معالج جون سهولتون نه ڏيڻ برابر آهن، پر اميد قوي آهي ته ڪجهه نه ڪجهه سڌارو ايندو. ائين اسڪول تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، پر نئين آيل کيپ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اميدون آهن ته جيڪڏهن انهن کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويو ته هو قوم جي معمارن جو مستقبل روشن ڪري سگهن ٿا، ورنه ڪارو ٻڌو ڪمري سان ته رنگ نه مٽائي، پر عادت ضرور مٽائي. سو نئون سال کوڙ ساريون نيون اميدون کڻي آيو آهي. اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، اتي هر طرف ماڻهو مشڪلاتن ۽ معاشي تنگدستين ۾ ورتل نظر اچي ٿو، پر دنيا اميدن تي قائم آهي. هر ڪاري رات کانپوءِ هڪ روشن صبح ضرور ٿيڻو آهي. نئين سال جو پھريون ڏھاڙو توھان ۽ اسان سڀني عالمي انسانن جي خوشين جو باعث بڻجي سگهي ٿو ۽ کوڙ ساريون خوشيون ڏئي سگهي ٿو. بس اسان کي گذريل سال جي ڏکن تڪليفن ۽ پريشانين کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته رب ڪريم آھي ۽ ان جي رحمت وسيع آهي، ان ڪري ڪڏهن به رب ڪريم جي انعامن کان نااميد نه ٿيو. اھو رب جيڪو رات مان ڏينھن ۽ ڏينهن مان رات ٿو ڪري، جيڪو اونداهيءَ مان روشني ڏيندو آھي. يقينن هو ھر شيءِ جو خالق آھي هن جي رحمت مان مايوس نه ٿجي.