ڪوٽڙي بئراج جو 7000 ڪيوسڪ پاڻي هر روز چوري ٿي رهيو آهي: پاڻي ماهر

بدين ۾ ڪانفرنس سان ڳالهائيندي پاڻي ماهر غلام رسول ٽالپر چيو ته سکر بئراج لڳ ڪوٽڙي بئراج جي علائقي جي ڪينالن کي موڙيو پيو وڃي جنهن ذريعي ست لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪيو پيو وڃي. هن عمل ذريعي هر روز 7000 ڪيوسڪ پاڻي چورايو پيو وڃي جيڪا سڀني قائدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي هجڻ سميت انساني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي. غلام رسول ٽالپر بدين، ٺٽي ۽ سجاول جي آبادگارن تي زور ڏنو ته اهي هن معاملي تي آواز اٿارين ته جيئن ڪوٽڙي بيراج کي بچائي سگهجي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن درياهه ۾ پاڻي موجود آهي تنهن هوندي به پڇڙي وارن علائقن جي پاڻي کي موڙيو پيو وڃي جيڪو پاڻي جو ذيان ۽ حقدارن جي حق تي ڌاڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جوڳا قدم نه کيا ويا ته هن دفعي 15 لک آبادگارن کي ساريالي فصل لاءِ پاڻي نه ملي سگهندو. هن موقعي تي موجود آبادگارن ڳالهائيندي چيو ته اسان 5 مهينا جدوجهد ڪئي آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران آسرا ڏيارڻ باوجود به اسان کي پنهنجو حق نه پيو ڏنو وڃي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ موجود طاقتور پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪري اسان جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي 19 ميمبرن تي مشتمل ڪاميٽي به هڪ فراڊ آهي. آبادگارن ڊمانڊ ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت، عدليه ۽ لاڳاپيل ادارا اڳيان اچي اسان جي مسئلي کي حل ڪرائين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *