بلاگنئون

ڌرتيءَ جا فاتح (قسط: پنجين)

انسانن کي تعاون ڪرڻ جي لاءِ ڪھاڻين جي ضرورت پوي ٿي. اھي جن ڪھاڻين تي يقين رکن ٿا، انھن جي تبديل ٿيڻ سان، سندن تعاون ڪرڻ جا رستا به تبديل ٿي وڃن ٿا. ان ڪري ئي اسان ماڪوڙن کان وڌيڪ سگھارا آھيون. اھا ئي اسان جي اعليٰ سگھ آھي. اسان جي وڏڙن دنيا کي ڪھاڻين ذريعي ئي فتح ڪيو. انسانن کانسواءِ ٻيا ڪي به جانور ڪھاڻين تي يقين نٿا رکن. اھي صرف انھن شين تي يقين رکن ٿا، جن کي ھو ڏسي، ٻڌي، سُنگھي، ڇھي يا چکي سگھن ٿا. چمپانزي نانگ کي ويجھو ڏسي، جڏھن خطرو محسوس ڪندو آھي، تڏھن ڀڄي جان ڇڏائيندو آھي. ھن کي طوفان جي آثارن مان اڳواٽ مينھن جو پتو پئجي ويندو آھي. کيس پري کان ئي شينھن جي ويجھي اچڻ جي ڌپ اچي ويندي آھي. کيس باھ جي تپش ۽ ڪيلي جي مٺاس تي يقين آھي. اسان سيپينس به ائين آھيون، پر جيئن ته اسان ڪھاڻين تي يقين رکون ٿا، تنھنڪري اسان انھن کان وڌيڪ ڪجھ ڪري سگھون ٿا. مثال طور: جڏھن اسان جا وڏڙا سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا، نينڌرٿالس، فلوريسينس يا ڪن خطرناڪ قسم جي جانورن سان آمھون سامھون ٿيا ھوندا، تڏھن سندن اڳواڻ کين حوصلو ڏيڻ يا اتساھڻ لاءِ ڪي ڪھاڻيون ضرور ٻڌايون ھونديون. اڳواڻ ضرور ائين چيو ھوندو ته “ڀائرو! وارو ڪريو نينڌرٿالس کي ختم ڪريو، ڇو جو عظيم روح ائين چاھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا ته نينڌرٿالس تمام مضبوط قسم جا لوڪ آھن، پر پاڻ کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آھي. جيڪڏهن توھان کي نينڌرٿالس ماري به ٿو ته اھا ته چڱي ڳالھ چئبي. ڇاڪاڻ جو توھان مرڻ کانپوءِ سڌو روحن جي پاڪ ڌرتيءَ تي ويندا، جيڪا جھڙ کان مٿان آھي ۽ اتي عظيم روح توھان جو آڌرڀاءُ ڪندو ۽ توھان کي کوڙ سارا ٻير ۽ جراف جانورن جون ٻوٽيون کائڻ لاءِ ڏيندو.” ۽ ماڻھن ان ڪھاڻيءَ تي يقين ڪيو ۽ انھن ھڪٻئي سان گڏجي، نينڌرٿالس جي نسل کي ختم ڪري ڇڏيو. اھا حقيقت آھي ته نينڌرٿالس ڳورا ۽ جانٺا مڙس ھئا، پر 500 سيپينس گڏجي، جيڪو ڪم ڪري پئي سگھيا، اھو 50 نينڌرٿالس گڏجي به ڪري نه پئي سگھيا. ڪھاڻين ۾ يقين رکڻ سان، اسان جي وڏڙن کي ايتري ته شڪتي اچي وئي، جو اھي سڄي عالم ۾ پکڙجي ويا ۽ انھن دنيا جي ڪا ڪنڊ باقي نه ڇڏي. سوال اھو آھي ته اسان جا وڏڙا جڏھن ھر نئين جڳھ جا فاتح بڻجي ويا ۽ اتي آباد ٿي ويا ته ان کانپوءِ انھن ڇا ڪيو؟ ھزارين سال اڳ سندن زندگي ڪيئن ھئي؟ ڪرڻ لاءِ انھن وٽ گھڻيون ئي شيون موجود ھيون. اھي صبح جو جڏھن اٿندا ھئا ته سندن ڪرت ڪھڙي ھئي؟ اھي ناشتي ۽ مانجھاندي ۾ ڇا کائيندا ھئا؟ انھن جي وندر ڪھڙي ھئي؟ ڇا اھي پينٽنگ ڪرڻ پسند ڪندا ھئا؟ انھن جا گھر ۽ ويس ڪھڙي قسم جا ھوندا ھئا؟ ڇا وڏا ڀائر ننڍڙين ڀينرن کي تنگ ڪندا ھئا؟ ڇا اھي محبت به ڪندا ھئا؟ ڇا انھن جي زندگي اسان کان وڌيڪ بھتر يا بدتر ھئي؟
ھزارين سال اڳ، اسان جا وڏڙا اڄ جي ڀيٽ ۾، اسان کان گھڻو مختلف رھندا ھئا، پر ھو جھڙي طريقي سان رھيا، اسان جو (اڄ جو) ورتاءُ سندن بدولت آھي. رات جو اسان راڪاسن کان خوفزده ھوندا آھيون، اھا اسان جي وڏڙن طرفان اسان کي مليل ياد يا باقيات آھي. ساڳيءَ طرح اسان صبح جو اٿندا آھيون، ناشتو ڪندا آھيون ۽ دوستن سان راند کيڏندا آھيون. اِھي سڀ اُھي عادتون آھن، جيڪي آڳاٽي وقت جي پٿر جي دور جي اسان جي وڏڙن وٽ آفريڪا جي وسيع ميدانن ۾ جڙيون ھيون. مثال طور: ڇا توھان کي ڪڏهن ان ڳالھ تي حيرت نه ٿيندي آھي ته ماڻھو انھن شين کي ئي ڇو کائيندا (مثال طور: گھڻي آئس ڪريم ۽ چاڪليٽ وارا ڪيڪ) آھن، جيڪي سندن صحت لاءِ نقصانڪار ھوندا آھن؟ سڀ خراب شيون ذائقي ۾ سٺيون ڇو لڳنديون آھن؟ ان جو جواب اھو آھي ته اسان جا جسم ائين سوچين ٿا ته اسان اڃان تائين پٿر واري دور ۾ رھون پيا ۽ اڳي مٺين ۽ چرٻي وارين شين کي کائڻ فائديمند سمجھيو ويندو ھو. اسان جي وڏڙن وٽ سپر مارڪيٽون ۽ فرجون نه ھيون. جڏهن انھن کي بک لڳندي ھئي، تڏھن اھي ڪجھ کائڻ پيئڻ لاءِ ٻيلن ۽ ندين ڏانھن رخ ڪندا ھئا ۽ انھن کي ڪڏهن به آئيس ڪريم وارا وڻ يا ڪوڪو ڪولا نديون نظر نه آيون! تڏھن مٺو کاڌو صرف ئي صرف ڪچن ميوون يا ماکيءَ جي صورت ۾ موجود ھوندو ھو. جڏھن به انھن کي مٺو ميوو ملندو ھو، تڏھن ھو ان کي جلد کائي چٽ ڪري ڇڏيندا ھئا. پٿر جي دور جا انسان بک لڳڻ جي صورت ۾ رلندا ڦرندا اچي انجير جي وڻن تي لامارو ڏيندا ھئا. انجير جا وڻ مٺن انجيرن سان ڀريل ھوندا ھئا. ڪي انسان يا وري لنگور حد کان وڌيڪ انجير کائيندا ھئا، جڏھن ته ڪي وري ضرورت آھر کائيندا ھئا. قديم آثارن جي ماھرن کي آڳاٽي عھد جا ڪيترائي مجسما لڌا آھن، جي اڪثر عورتن جا آھن. ماھرن انھن مجسمن مان خوبصورت مجسمي کي “ولنڊروف جي وينس” جو نالو ڏنو آھي (اھو ان جو حقيقي نالو نه آھي، ڇاڪاڻ جو ٽيھ ھزار سال اڳ ان کي ڇا سڏيندا ھئا، اسان کي ان بابت خبر نه آھي). وينس جي انھن ڏينھن ۾، چرٻيءَ وارو جسم ڪاملِ صحت ۽ ڪاميابيءَ جي نشاني تصور ڪيو ويندو ھو. پٿر جي دور ۾ انسانن جي اڪثريت وينس جھڙي نٿي لڳي، ائين جيئن اڄ جا ماڻھو اشتھارن ۾ نظر ايندڙ ماڊلن جھڙا نٿا لڳن، پر تنھن دور ۾ مٺيون شيون کائڻ صحت لاءِ ضروري سمجھيو ويندو ھو. مٺين شين کي کائڻ جو لاڙو اسان کي پنھنجي پٿر جي دور جي وڏڙن کان وراثت ۾ مليو آھي. ولنڊروف جي وينس جي ڏينھن جي ڀيٽ ۾ ھاڻ گھڻيون شيون تبديل ٿي ويون آھن. انسانن کي اڄ جي دور ۾، بک لڳڻ جي صورت ۾، کاڌي جي تلاش ۾، آفريڪا جي ميدانن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي، پر ان جي بدران، اسان کي جڏھن به بک لڳي ٿي، اسان ڏھ قدم کڻي رڌڻي ۾ ھليا وڃون ٿا، فرج کي کوليون ٿا ۽ ان جي اندر پيل شين کي ڏسون ٿا، پر جيئن ئي اسان جي نظر چاڪليٽ وراي ڪيڪ تي پئي ٿي، اسان جو ردعمل اھو ئي ھجي ٿو، جو پٿر جي دور جي اسان جي وڏڙن جو انجير جي وڻن کي ڏسڻ مھل ھوندو ھو. اسان جي جسم ۾ موجود ھدايت نامي وارو ڪتاب پراڻو ٿي چڪو آھي، پر اسان جي جسم کي اھو پتو نه آھي ته اسان ھاڻ ميدانن بجاءِ ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رھون ٿا. اسان جي جسمن کي اھا ڄاڻ نه آھي ته ڪو فرج ۽ ڪيڪ جھڙيون شيون به آھن. تنھنڪري اسان سڄو ڪيڪ کائي وڃون ٿا ۽ ٻئي ڏينھن سپر مارڪيٽ ۾ وڃون ٿا ۽ ھڪ ٻيو ڪيڪ خريد ڪريون ٿا. اسان جي جسمن کي اھو ياد ڏيارڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ته اسان ھاڻ پٿر جي دور ۾ نٿا رھون ۽ مٺيون شيون ان دور ۾ کائڻ بھتر تصور ڪيون وينديون، جي اڄ جي دور ۾ صحت جي لاءِ ڪي چڱيون نه آھن. اسان جي لاءِ اھو ڄاڻڻ ڏاڍو اھم آھي ته اسان جي وڏڙن پنھنجي زندگي ڪيئن ۽ ڪھڙين حالتن ھيٺ گذاري. جيڪر اسان اھو ڄاڻي وٺون ته ھوند اڄ اسان جو ٻين ڏانھن رويو ۽ زندگيءَ جي گذارڻ جو ڍنگ ڪجھه ٻيو ھجي، پر بدقسمتيءَ سان اسان کي اھو پتو نه آھي ته اسان جي وڏڙن ڪيئن پنھنجي زندگي گذاري. ھا، اسان کي ايتري ضرور خبر آھي ته اھي ڪڏھن ڪڏھن ڪثير تعداد ۾ ھڪٻئي سان تعاون ڪندا ھئا ۽ ان حوالي سان ھو نينڌرٿالس، شينھن ۽ رڇن جي ڀيٽ ۾ وڏي لاڀ ۾ ھئا. ڇا ان جو اھو مقصد ٿيو ته اھي ھميشه ڪثير تعداد ۾ ھڪٻئي سان گڏ رھندا ھئا؟ مثال طور: ڪنھن وڏي غار ۾ ڇا 500 ماڻھو گڏ رھي سگھندا ھئا؟ يا ڇا ھر خاندان الڳ الڳ ڪنھن ننڍي غار ۾ رھندو هو ۽ اھي تڏھن پاڻ ۾ گڏبا ھئا، جڏھن ڪا خاص ڳالھ ٿيندي ھئي؟ ڇا اھي سڄو ڏينهن غارن ۾ رھندا ھئا؟ ڇا انھن جا فرد سڄو ڏينهن خاندان سان رھندا ھئا؟ اچو ته غارن بابت ڄاڻ حاصل ڪريون. گھڻن ماڻھن موجب اسان جا (پٿر جي دور جا) وڏڙا غارن ۾ رھندا ھئا. اھو ان ڪري جو، انھن پنھنجي پويان جيڪي به شيون جھڙوڪ: پٿر جا اوزار، ھڏا، غارن جي ديوارن تي مصوري جا نشان ڇڏيا آھن، اھي غارن مان مليون آھن. اھڙي ھڪ جھنگلي گھوڙي جي مشھور پينٽنگ فرانس جي ھڪ غار لاسڪاڪس مان ملي آھي، جيڪا سترنھن ھزار سال آڳاٽي آھي. لاسڪاڪس غار قديم آثارن جي پروفيشنل ماھرن بجاءِ فرانس جي چئن نوجوانن 1940ع ۾ جھنگ مان لنگهندي ڳولهي لڌو ھو. انھن کي ان غار جي ڀتين تي ٿيل قديم مصوريون سون جي تعداد ۾ مليون ھيون. اھا ويھين صديءَ جي قديم آثارن جي عظيم دريافتن مان ھڪ دريافت ھئي. غارن مان ڪيترين ئي تصويرن جي ملڻ جو اھو مطلب ھرگز نٿو ٿئي ته ڪو قديم انسان گھڻو ڪري غارن ۾ رھندا ھئا. حقيقت ۾، اھي غارن ۾ گھٽ رھندا ھئا، اھي گھڻو ڪري کليل ميدانن تي خيما ھڻندا ھئا، ڪاٺ جا گھر ٺاھيندا ھئا يا جانورن جي کلن ۽ وڻن جي ٽارين مان تنبو ٺاھي ھڻندا ھئا.
اسرائيل جي سمنڊ گليلي جي ڪنارن تي اوھالو نالي قديم جڳھ لڌي آھي، جيڪا تاريخي حوالي سان 23000 سال پراڻي آھي، جتي ان دور ۾ انسان رھندا ھئا. ان جاءِ تي ڇھن جھوپڙين جا آثار مليا آھن، جيڪي وڻن جي ٽارين، ڪکن ۽ ڪانن جون ٺھيل ھيون. ائين ٿو لڳي ته انھن سڀنيءَ کي ٺاھڻ ۾ ڪجھه ڪلاڪ ئي لڳا ھوندا. قديم آثارن جي ماھرن کي اتان مختلف پٿرن جا اوزار، ڪجھه ھڏا ۽ کاڌي پيتي جا ٿانوَ ۽ چلھا مليا. کاڌي پيتي جي انھن ٿانون جي باقيات جي ذريعي اسان چئي سگھون ٿا ته اوھالو جا رھاڪو ڇا کائيندا ھئا، مثال طور: اھي ريڙھيون پائيندڙ جانور، پکي، ننڍڙا ھرڻ، ھرڻيون، مڇين جا اٺ قسم ۽ مختلف قسمن جا ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا جھنگلي کاڌا مثال طور: ڪڻڪ، مڪئي ۽ بادام کائيندا ھئا. انھن جھوپڙين کي ساڙيو ويو ھو. ٿي سگھي ٿو ته اھي ڪنھن حادثي سبب سڙي ويون ھجن يا ٿي سگھي ته اوھالو جي رهواسين اتان لڏپلاڻ جي صورت ۾ خود انھن کي باھ ڏئي ساڙيو ھجي. خوشقسمتيءَ سان سندن اتان وڃڻ کانپوءِ ان سڄيءَ جڳھ کي ٻوڏ جي پاڻيءَ پنھنجي گھيري ۾ آڻي، مٽيءَ جي گھاٽي تھ سان ڍڪي ڇڏيو. جڏھن اھا مٽي سخت ٿي چڪي ھئي، تڏھن ان جي ھيٺان پيل سڀ شيون محفوظ ٿي چڪيون ھيون. اوھالو جي جھوپڙين جيان سڄي ڌرتيءَ تي ان جھڙيون ھزارين جھوپڙيون ھيون، جتي انسان رھندا ھئا. پر گھڻو ڪري سڀ جھوپڙيون بنا ڪنھن نشانيءَ يا شاھديءَ جي گم ٿي ويون. انھن جو ڪاٺ ھوا ۽ مينھن جي ڪري تباھ ٿي ويو ۽ باقي بچيل باقيات کي ماڪوڙن ۽ گدڙن کائي ناس ڪري ڇڏيو. گھڻيون شيون، جي اڄ بچيل آھن، اھي غارن جي گھرائيءَ ۾ ھئڻ ۽ طوفاني مينھن ۽ گدڙن جي پھچ کان پري ھئڻ سبب بچي سگھيون آھن. سو، اھا ڳالھ درست آھي ته ماڻھو قسمتي غارن ۾ رھندا ھئا يا گھمڻ ويندا ھئا، پر گھڻي وقت لاءِ غارن ۾ نه رھندا ھئا. انھن کي غار وارا انسان چئي نٿا سگھون. تصور ڪريو ته مستقبل ۾ ٻاھران خلا مان ڪو آسماني پٿر ڌرتيءَ تي ڪري ٿو ۽ سڀني جاين ۽ شين جھڙوڪ؛ گھرن، اسڪولن، ڪارخانن ۽ عجائب گھرن کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو. جي ڪا شيءِ بچي به ته اھا گھرائيءَ ۾ موجود سرنگھ ئي ھوندي. انھن سرنگھن ۽ غارن جي ڀتين تي چٽيل نقشا، تصويرون ۽ اشتھار ئي صحيح سلامت ملي سگھندا. جيڪڏهن سگھارا ڪوئا ھڪ ڏينھن ھن دنيا تي راڄ ڪن ته انھن ڪوئن مان مستقبل جي سائنسدان ڪوئن جا اسان بابت ڇا خيال ھوندا؟ ڇا اھي اسان کي سرنگھن وارا انسان چوندا؟ خاندانن بابت ڇا خيال آھي؟ ولنڊروف جي وينس يا اوھالو جي ڏينھن جا خاندان ڪيئن لڳندا ھئا؟ ڇا اوھالوءَ جي ھر جھوپڙي صرف ھڪ خاندان جو گھر ھئي؟ ۽ ان وقت خاندان جي وصف ڇا ھئي؟ ڇا ان جو مقصد اھو ھو ته مرد ۽ عورت گڏجي رھن ۽ ھميش جي لاءِ ٻار پئدا ڪندا ۽ پاليندا رھن؟ سچ اھو آھي ته اسان کي ان بابت پڪ نه آھي. ماڻھن جي اڪثريت مڃي ٿي ته انسان ھميشه خاندان جي صورت ۾ رھيا آھن، جن ۾ ھڪ پيءُ، ھڪ امڙ ۽ سندن ٻار اچي ويا، پر اھا ڳالھ مڃڻ جوڳي نٿي لڳي. اڄ سڄي دنيا ۾ خاندانن جا ڪيترائي قسم رھن ٿا، توھان پنھنجي طبقي ڏانھن ئي نظر ڌريو. ڇا ھرڪو پنھنجي امڙ ۽ پيءُ سان رھي ٿو؟ ائين ته نه آھي. اڄڪلھ ڪجھ ماڻھن کي سڄي زندگيءَ لاءِ ھڪ ئي حصيدار آھي، ڪجھ جا گھڻا حصيدار آھن ۽ ڪجھ ته اڪيلا ئي رھن ٿا. ڪجھ ملڪن ۾ ھڪ ماڻھو ساڳئي وقت ڪيترين ئي عورتن سان شاديون ڪري سگھي ٿو. ڪجھ ملڪن ۾ ٻه عورتون پاڻ ۾ ئي شادي ڪري سگھن ٿيون ۽ ائين ئي ٻه مرد پاڻ ۾ شادي ڪري سگھن ٿا. ڪجھه ماڻھن کي ھڪ ٻار آھي، ڪجھ کي ڏھ ٻار آھن ۽ ڪجھ کي ڪو به اولاد نه آھي. ڪجھهٻارن جي پالنا اڪيلي امڙ يا اڪيلو والد يا شايد سندن ڏاڏو ڏاڏي ڪن ٿا. ڪجھ کي نپايو وڃي ٿو ۽ ڪجھ جا ٻه پيءُ يا ٻه مائرون ھجن ٿيون. ڪجھه والدين الڳ ٿي وڃن ٿا ۽ بعد ۾ نوان حصيدار ڳولي وٺن ٿا، تنھنڪري ھڪ ٻار جي سڳي امڙ، سڳو پيءُ ۽ نڳي امڙ ۽ نڳو پيءُ پڻ ٿي سگھي ٿو. ڪجھ خاندانن ۾ ڪيترائي چاچا، چاچيون، سئوٽ ۽ ڏاڏا ڏاڏيون يا نانا نانيون شامل ھجن ٿيون، اھي سڀ گڏجي رهندا آھن. تنھنڪري اھو ممڪن آھي ته توھان پنھنجي ڀاءُ بجاءِ پنھنجي سئوٽ سان ڪمرو ونڊيو. ائين به ٿي سگھي ٿو ته توھان جي والدين بجاءِ توھان جو چاچو يا ڏاڏي توھان جي لاءِ روزانو ناشتو تيار ڪري. توھان وٽ ڪيترائي اختيار آھن! اسان جي باندر سئوٽن وٽ رھڻ جي حوالي سان مختلف قسم جا بندوبست ھوندا ھئا. لنگور گھڻو ڪري جوڙن ۾ رھن ٿا، جڏھن مادي ۽ نر لنگور پاڻ ۾ جوڙيوال ٿين ٿا، تڏھن اھي ڪيترن ئي سالن تائين گڏجي رھن ٿا. اھي جھنگ ۾ پنھنجي پسند جي جگھ تي رھن ٿا ۽ پنھنجي ٻچن جي خود سنڀال ڪن ٿا. گوريلن ۾ وري اھا ڳالھ عام آھي ته انھن جو نر ھڪ ئي وقت ڪيترين ئي مادين ۽ انھن جي ٻچن سان گڏ رھندو آھي. ھر ننڍڙي گوريلي کي پنھنجي الڳ ماءُ ھجي ٿي، پر انھن سڀنيءَ جو پيءُ ساڳيو ھجي ٿو. وڏا باندر سڪون واري تنهائيءَ کي پسند ڪندا آھن. اھي وڻ جي ٽاريءَ تي ويھي لھندڙ سج جي منظر مان لطف اندوز ٿيندا آھن. انھن وڏن باندرن جون مائرون ھميشه اڪيليون ھونديون آھن، اھي پنھنجي ٻچن جي سارسنڀال (نر کانسواءِ) خود ڪنديون آھن. جڏھن انھن جو ٻچو وڏو ٿي ويندو آھي، اھو اتان کان ھليو ويندو آھي ۽ اڪيلو زندگي گذاريندو آھي. انھن کي پنھنجي ان رھڻي ڪھڻيءَ تي افسوس نه ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ جو ھو ائين رھڻ کي پسند ڪندا آھن! چمپانزي وري انھن وڏن باندرن کان بلڪل مختلف آھن. اھي نر ۽ مادي گروھن جي وچ ۾ گوڙ شور ۾ رھندا آھن. اھي باندرن جي ابتڙ ھميشه لاءِ جوڙيءَ ۾ نه رھندا آھن. ننڍڙا چمپانزي پنھنجي ماءُ جي ويجھو رھڻ پسند ڪندا آھن ۽ انھن کي اھا خبر نه ھوندي آھي ته سندن پيءُ ڪير آھي. حقيقت ۾، انھن کي اھا به خبر نه ھوندي آھي ته دراصل پيءُ جي معنيٰ ڇا آھي! نر چمپانزي ھڪٻئي سان رلي ملي وڃن ٿا ۽ سڀنيءَ کان سگھارو چمپانزي سڄي گروھ تي حاوي ھوندو آھي. مادي چمپانزيون ھڪٻئي سان دوستي رکڻ کي ترجيح ڏينديون آھن. بن مانس جي خاندانن جا اڄ جي انسانن جيان مختلف قسم ٿين ٿا، پر اوھالو جي انسانن جيان اوھان پٿر جي دور جي انسانن بابت ڇا چوندا؟
اسان وٽ پٿر جي دور جي خاندانن بابت ڪھڙيون شاھديون آھن؟ تصور ڪريو ته اڄ کان ھزارين سالن کانپوءِ ڪجھ ڪوئا سائنسدان توھان جي خاندان بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪري سگھندا؟ ڪوئا سائنسدان اوھان جي خاندان جي تصويرن وارن البمن کي ڏسندا ۽ اھو پتو لڳائيندا ته توھان جي خاندان ۾ ڪير ڪير ھو، توھان ڪٿي رھيا ۽ توھان موڪلون ڪٿي گذاريون. ڪيترو نه ڀلو ٿئي ھا، جيڪڏهن اسان کي پٿر جي دور جا تصويري البم ملن ھا. بدقسمتيءَ سان ان وقت ڪي به ڪئميرا ڪونه ھئا. اسان وٽ ان دور جون غار واريون ڀتين تي ٺهيل تصويرون ضرور آھن، انھن مان گھڻيون جانورن جون آھن، جي لاسڪاڪس ۽ التميرا جھڙين تاريخي جاين تان مليون آھن. اسان کي انساني خاندانن بابت ڪي بهتصويرون نه مليون آھن ۽ اھا ڏاڍي دلچسپ ڳالھ آھي. مثال طور: اوھان کي ڪنھن جي تصويرن واري البم ۾ صرف گھوڙن، شينھن ۽ ھاٿين جون تصويرون نظر اچن ۽ ان البم ۾ انھن جي خاندان جي ھڪ به تصوير نه ھجي ته اوھان کي ڪيئن لڳندو؟ ٿي سگھي ٿو ته پٿر جي دور واريون پينٽنگز اسان کي چوڻ چاھينديون ھجن ته خاندانن جي ان وقت ايتري اھميت نه ھئي. ٿي سگھي ٿو ته پٿر جي دور جي ماڻھن غارن جي پٿريلي ڀتين تي جانورن جون پينٽنگز پينٽ ڪيون ھجن، پر پنھنجن خاندانن جون پينٽنگز ڪاٺ جي بورڊن تي پينٽ ڪيون ھجن ته جيئن اھي آسانيءَ سان پاڻ سان گڏ کڻي سگھن ۽ پنھنجي جھوپڙين آڏو ٽنگي سگھن. اھي واقعي به اھم تصويرون ھيون، ٿي سگھي ٿو ته انھن پنھنجي ويجھو انھن کي رکڻ چاھيو ھجي. بدقسمتيءَ سان ممڪن آھي ته ڪاٺ جا بورڊ يا تختيون گھڻو اڳ تباھ ٿي گم ٿي ويون ھجن ۽ باقيات مان صرف غار واريون جانورن جون پينٽنگز ئي بچيون ھجن. ٿي سگھي ٿو ته پٿر جي دور جي ماڻھن سوچيو ھجي ته توھان جيڪر ڪنھن شيءِ کي پينٽ ڪندوته اھا توھان جي قابو ۾ ٿي ويندي. تنھنڪري ھر ڪنھن شڪار جي لالچ ۾ جانورن کي پينٽ ڪرڻ شروع ڪيو ھجي ته جيئن اھي جانور سندن قابو ۾ اچن، پر ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي تصوير پينٽ ڪرڻ نه چاھي ھوندي. اسان کي ان بابت واقعي به ڪا گھڻي خبر نه آھي. ٿي سگھي ٿو ان جا ڪي ٻيا پھلو ۽ وضاحتون ھجن. پٿر جي دور ۾، تنھن وقت جي انساني خاندانن جي تصويرن مان اسان کي صرف سندن ھٿن جا نشان مليا آھن، جي انھن پھاڙن ۽ غارن جي ڀتين تي ڇڏيا آھن. انھن انسانن پھاڙن تي پنھنجي ھٿن جا نشان ڪيئن ڇڏيا، جڏھن ته انھن وٽ اھڙا اوزار به ڪونه ھئا! انھن مان ھڪ اھم اشارو اھو ملي ٿو ته انھن ھٿن جي اشارن مان گھڻائي ساڄن ھٿن بجاءِ کاٻن ھٿن جي آھي. ڇا توھان ان بابت اندازو لڳائي سگھو ٿا؟ ماڻھن جي اڪثريت ساڄي ھٿ سان اوزارن کي استعمال ڪندي ھئي. لڳي ائين ٿو ته قديم لوڪ اسپري ٽيوبن کي استعمال ڪري ھٿن جا نشان لڳائيندا ھئا. ان طريقي سان ئي انھن ھٿ جو ھر نشان ٺاھيو. اھي رنگين پٿرن کي ڪٽي سٽي، انھن جو پائوڊر پاڻيءَ سان ملائي، ان مان پاڻياٺ واري پينٽ ٺاھيندا ھئا. اھي ان پينٽ واري پاڻيءَ کي ڪانن، ڪاٺين يا ھڏي جي سنھي ٽيوب ۾ وجھندا ھئا. اھي پنھنجو کاٻو ھٿ ڀت تي رکندا ھئا، جڏھن ته پنھنجي ساڄي ھٿ ۾ ٽيوب کي ڌيان سان رکندا ھئا. اھي کاٻي ھٿ سان اسپري نموني پينٽ ڪندا ھئا. اھي تاريخ جون پھريون سيلفيون (تصويرون) ھيون. ڪجھه پھاڙن تي قديم آثارن جي ماھرن کي صرف ھڪ ھٿ جا نشان مليا آھن، پر ڪجھ جڳھين تي ڪيترن گڏيل ھٿن جا نشان پرنٽ ٿيل مليا آھن. ھر ھٿ جو نشان الڳ الڳ ماڻھوءَ جو ھو، پر اھي گھڻو ڪري ھڪ ئي گروھ سان واسطو رکندڙ ھئا. ٿي سگھي ٿو ته اھا پٿر جي دور جي گروپ سيلفي ھجي! لڳي ائين ٿو ته پھاڙن تي خاص قسم جي ڏڻن تي اھي ماڻھو ايندا ھئا ۽ پنھنجي ھٿن جا نشان ڇڏي ويندا ھئا. ھاڻ مسئلو اھو آھي ته اسان کي اھا خبر نٿي پوي ته قديم انسان، جن اھي پھاڙي سيلفيون ٺاھيون، انھن جو ھڪٻئي سان ڪھڙو واسطو ھو. ڇا اھي سڀ پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀينرون ھيون؟ شايد اھي پاڻ ۾ سئوٽ ماسات ھجن؟ ٿي سگھي ٿو ته اھي پاڻ ۾ دوست ھجن، اھي صرف پنھنجي ڪنھن دوست جي سالگره ملھائڻ آيا ھجن. اسان کي پٿر واري دور جا پيرن جا نشان پڻ مليا آھن. حيرت جوڳي ڳالھ اھا آھي ته واريءَ تي ھلڻ سان پيرن جا نشان ڪجھ ئي منٽن ۾ گم ٿيو وڃن، پر فرانس جي ائٽلانٽڪ ڪناري وٽ لي روزل نالي جڳھ تان 2700 پيرن جا نشان مليا آھن، جي 80000 سال اڳ اتان ماڻھن جي ھڪ ٽوليءَ جي گذرڻ سان محفوظ ٿي ويا ھئا. خوشقسمتيءَ سان وارِي جلد ئي سخت ٿي وئي ۽ پٿر ۾ تبديل ٿي وئي، ان ڪري ئي اسان اڄ تائين انھن جي پيرن جا نشان ڏسي سگھون ٿا. اھي پيرن جا نشان سيپينس بجاءِ نينڌرٿالس جا ھئا. ڌيان سان انھن جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ قديم آثارن جا ماھر ان نتيجي تي پھتا ته اھي نشان ٻارھن نينڌرٿالس انسانن جي ھڪ گروپ جا ھئا، جن ۾ گھڻو ڪري ٻار ۽ نوجوان شامل ھئا. ان سان اسان کي نينڌرٿالس خاندان بابت اھم اشارو اھو ملي ٿو ته اھي وڏن بن مانس باندرن جيان اڪيلا ۽ لنگورن جيان مختصر خاندان يا يڪن ۾نهرھنداھئا، پر اسان انھن ٻارھن ماڻھن تي مشتمل نينڌرٿالس جي ٽوليءَ بابت ڪجھه نٿا چئي سگھون، جي اسي ھزار سال اڳ ان وارياسي ڪناري تان گذاريا ھئا. ڇا انھن سڀنيءَ جو پيءُ ساڳيو ھو؟ ڇا اھي سڀ گڏجي رھندا ھئا؟ يا شايد اھي پاڻ ۾ دوست ھئا ۽ سال ۾ ھڪ ڀيرو گڏجي ڪناري تي پارٽي ڪندا ھئا. اسان کي ان بابت وڌيڪ شاھدين جي ضرورت آھي. پٿر جي دور جي اسان جي وڏڙن وٽ اسان جيان ايترو گھڻو سامان ڪونه ھوندو ھو. پر اڄ ھڪ خاندان وٽ ننڍيون وڏيون شيون ھزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ موجود آھن. اسان جي پٿر جي دور جا وڏڙا گھڻو ڪري لڏپلاڻ يا سفر ۾ ئي ھوندا ھئا. اھي ڪنھن ھڪ جاءِ تي گھڻي عرصي تائين ٽڪي نه سگھندا ھئا ۽ اھي پنھنجو سامان پنھنجي پٺيءَ تي کڻي ھلندا ھئا. انھن وٽ اڄ جيان ٽرڪون، ويگنون يا ويندي گھوڙا به نه ھوندا ھئا، تنھنڪري انھن وٽ گھڻيون شيون نه ھونديون ھيون. ھو پليٽن، ڪوپن ۽ چمچن جي استعمال بجاءِ پنھنجي ھٿن سان کاڌو کائيندا ھئا ۽ جيڪڏهن انھن کي ڪنھن شيءِ کي ڪٽڻو ھوندو ھو ته اھي پٿر کي چاقوءَ طور استعمال ڪندا ھئا. انھن انسانن وٽ پٿر وارن چاقن سان گڏ ٻيون شيون به ھونديون ھيون. انھن وٽ جانورن جي چمڙي، پشم ۽ کنڀن مان ٺھيل ڪپڙا ھوندا ھئا. انھن وٽ ڪاٺ جا ڀالا، لٺيون ۽ بڙڇيون ھونديون ھيون. انھن وٽ وڻن جي ٽارين ۽ ڪکن مان ٺھيل تنبو ۽ جھوپڙيون ھونديون ھيون، پر بدقسمتيءَ سان اھي سڀ شيون گھڻو اڳ گم ٿي ويون. پٿرن، ھڏن ۽ ڏندن کانسواءِ باقي سڀ شيون ڳري سڙي ويون. پٿر ڪڏھن به ڳرندا نه آھن. اھي لکين سالن تائين پنھنجو وجود رکي سگھندا آھن.
***