سونو پل الٽرا سائونڊ مشين
سائنسدانن الٽرا سائونڊ مشين وانگر ڪم ڪندڙ هڪ ننڍڙي مشين ايجاد ڪري ورتي آهي جيڪا هڪ ڪيپسول جي سائيز برابر آهي، اها مشين جسم اندر وڃي جسم ۾ موجود السر ۽ ڪينسر جون تصويرون ٺاهي ٻاهر آڻيندي هن ڪيپسول کي سونلو پل Sono Pill جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن کي جسم جي ٻاهر موجود هڪ مقناطيس سان ڪنٽرول ڪندي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪيو ويندو. هي ڪيپسول معدي ننڍي ۽ وڏي آنڊي جون تصويرون تيار ڪري ڏيندو. هن ساڳئي عمل لاءِ هن وقت اينڊو اسڪوپي ڪئي ويندي آهي جنهن ذريعي هڪ ڪئمرا جسم اندر موڪلي ويندي آهي جيڪا السر ۽ ڪينسر جي موڪليل وڊيو کي مانيٽر تي ڏيکاريندي آهي سونو پل ڪيپسول کي مريض آرام سان ڳهي سگهي ٿو. جنهن ذريعي بغير ڪنهن تڪليف جي مريض جي جسم اندر جو حال معلوم ڪري سگهجي ٿو. هن ڪيپسول کي اوائلي ٽيسٽن ۾ جانورن تي آزمايو ويو آهي جنهن جا بهتر نتيجا مليا آهن. واضح رهي ته معدي ۽ آنڊي جي مرضن سبب هر سال 80 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا.