بلاگنئون

ايران جو ميزائل پروگرام سندس نئين سڃاڻپ

ميزائل ٽيڪنالاجي دفاعي حڪمتِ عملي ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته اها دشمن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي تحفظ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. جديد بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائلن جي رينج سڄي دنيا جي ملڪن کي پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت هر پاسي ميزائل ٽيڪنالاجيءَ جي هڪ ڊوڙ لڳي پئي آهي. مثال طور: آمريڪا جو “ٽوماهاڪ” ڪروز ميزائل، جيڪو 1,500 ڪلو ميٽر تائين مار ڪري ٿو، دنيا جي بهترين اسٽرائيڪ سسٽمن مان هڪ سمجھيو وڃي ٿو، جنهن کي ڪنهن به ممڪن حملي جو فوري جواب ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ميزائل ٽيڪنالاجيءَ جو دفاع ۾ استعمال ان ڪري به ضروري آهي جو اها حملن کان بچڻ لاءِ تڪڙي جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت فراهم ڪري ٿي. جديد دفاعي ميزائل سسٽم جهڙوڪ: آمريڪا جو “پيٽرياٽ” ميزائل سسٽم، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاميابيءَ سان دشمن جي بيلسٽڪ ميزائلن کي ناڪام بڻايو آهي. ان کان علاوه، چين جي “ڊونگ فنگ” سيريز جي ميزائلن جي ترقي ان جي دفاعي نظام کي خطي ۾ هڪ مضبوط طاقت طور نمايان ڪيو آهي، جنهن جي رينج 4,000 ڪلو ميٽر تائين آهي. اهي ميزائل سسٽم ملڪن کي پنهنجي علاقائي حدن اندر دشمن جي حملن کي روڪڻ ۽ عالمي سطح تي طاقت جو تاثر ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اهڙيءَ طرح، دفاعي ميزائل ٽيڪنالاجي عالمي سطح تي طاقت جي توازن کي متاثر ڪيو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ لاءِ پنهنجي سرحدن جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ايران ميزائل ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ لڳاتار ترقي ۽ سيڙپڪاري سبب وچ اوڀر ۾ هڪ اهم دفاعي طاقت بڻجي چڪو آهي. ايران گذريل ٻن ڏهاڪن دوران هن شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ايران جي ميزائل پروگرام جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ايران، عراق جنگ دوران ٿي، جڏهن ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ان وقت کان وٺي ايران مختلف قسمن جي ميزائل ٽيڪنالاجيءَ ۾ خود انحصاري حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ته جيئن دشمنن جي حملن کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهي.

ايران جي ميزائل پروگرام ۾ مختلف قسمن جا ميزائل شامل آهن، جن ۾ بيلسٽڪ ميزائل، ڪروز ميزائل ۽ زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل شامل آهن. ايران جو سڀ کان مشهور بيلسٽڪ ميزائل “شهاب 3” آهي، جنهن جي رينج 1,300 ڪلو ميٽر تائين آهي. ان کان علاوه، ايران “ساجد” ۽ “قدير” جهڙا ڪروز ميزائل پڻ تيار ڪيا آهن، جيڪي مختلف قسمن جي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ايران جو هي ميزائل پروگرام نه صرف ان جي دفاعي خود مختياري کي بهتر بڻائي رهيو آهي، پر خطي ۾ طاقت جو توازن به تبديل ڪري رهيو آهي. ايران ويجهڙائي وارن ڪجهه سالن ۾ پنهنجي ميزائل پروگرام کي وڌيڪ ترقي ڏيندي انهن جي رينج ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اضافو ڪيو آهي.

انگن اکرن موجب، ايران پنهنجي ميزائل پروگرام جي ترقي دوران ڪيترائي جديد ۽ طاقتور ميزائل سسٽم تيار ڪيا آهن. “شهاب 3” بيلسٽڪ ميزائل جي رينج 1,300 ڪلو ميٽر آهي ۽ اهو 1,000 ڪلوگرام تائين وار هيڊ کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ايران “غزنوي” ۽ “عاشق” جهڙا ميزائل پڻ تيار ڪيا آهن، جن جي رينج ترتيبوار 700 ڪلو ميٽر ۽ 500 ڪلو ميٽر آهي. انهن ميزائلن جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري اچڻ کانپوءِ ايران جو هي ميزائل سسٽم وڌيڪ موثر ۽ خطرناڪ بڻجي چڪو آهي. ايران ميزائل جي جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪندي انهن جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو آهي ته جيئن ڪنهن به ممڪن حملي جو موثر جواب ڏئي سگهي.

ايران جي ميزائل ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ هڪ ٻي اهم ترقي “ قدير” ڪروز ميزائل آهي، جنهن جي رينج 300 ڪلو ميٽر تائين آهي. هن ميزائل جو مقصد دشمن جي اهم ۽ حساس هدفن کي نشانو بنائڻ آهي. ايران هن ميزائل کي ايتري ڪاميابيءَ سان تيار ڪيو آهي جو هاڻي اهو پنهنجي نيوي فورسز ۽ ايئر فورس سان گڏ استعمال ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه، ايران پنهنجي ميزائل واري دفاعي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ جديد ميزائل سسٽمن جي تياري پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ “رمضان” ۽ “فاطر” جهڙا سسٽم شامل آهن.

ايران جي ميزائل پروگرام جو مقصد نه صرف دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي، پر عالمي سطح تي پنهنجي طاقت جو مظاهرو به ڪرڻ آهي. ايران جو ميزائل پروگرام ڪنهن به ممڪن ٻاهرين حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٿيندڙ ترقي ايران کي اها طاقت ڏني آهي جو اهو خطي ۾ پاڻ کي مستحڪم ڪري سگهي. ايران جي ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ ترقي نه رڳو ان جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪيو آهي، پر ان کي خطي ۾ هڪ طاقتور دفاعي قوت طور نمايان پڻ ڪيو آهي. هيءَ ترقي ايران لاءِ عالمي سطح تي پنهنجي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي، خاص طور تي وچ اوڀر ۾، جتي ايران جو اثر رسوخ وڌندو پيو وڃي. ميزائل ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٿيندڙ هن ترقي ايران کي پنهنجي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي، جيڪا مستقبل ۾ ڪنهن به ممڪن فوجي ٽڪراءَ دوران ان کي اهم فائدو فراهم ڪري سگهي ٿي.