پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سنڌ حڪومت ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن کڻي وڃڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي.

سنڌ حڪومت ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اها پابندي ڪڻڪ ٻين صوبن ۾ کڻي وڃڻ جي اطلاعن تي لاڳو ڪئي وئي. جڏهن ته صوبي ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اختيار ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ جو هدف 14 لک ٽن مقرر آهي، جنهن مان خريداري رڳو 45 سيڪڙو يعني 6 لک 89 هزار ٽن خريداري ٿي سگهي آهي