آءِ ايم ايف جو معاشي پيڪيج، پاڪستان کي 99 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي پهرين قسط ملي وئي

آءِ ايم ايف پاران 6 ارب ڊالرن جي معاشي پيڪيج مان پهرين قسط پاڪستان کي جلد ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن تحت پاڪستان کي پهرين قسط ڏني وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ مطابق پاڪستان کي آءِ ايم ايف پاران 99 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي پهرين قسط جاري ٿي وئي آهي، جنهن سان ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب 4 ڪروڙ 31 لک ڊالر ٿي ويا آهن. ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 6 ارب ڊالرن جو معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن تحت عالمي مالياتي فنڊ ايندڙ ٽن سالن جي معاشي پيڪيج تحت پاڪستان کي اها رقم فراهم ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشيت جي باري ۾ هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ايندڙ سال بجلي جي قيمت ۾ اڍائي رپيا اضافو ڪرڻو آهي. ان کان علاوه پاڪستان هن سال بجيٽ ۾ 733 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا آهن جڏهن ته پارليامينٽ ۾ 516 ارب ٻڌايو ويو آهي. اصل ٽيڪس 733 ارب رپين جو آهي. رپورٽ مطابق پاڪستان کي سيپٽمبر تائين هڪ هزار ارب رپين جا ٽيڪس جمع ڪرائڻا آهن. پاڪستان جي پنهنجي معيشيت جي بهتري لاءِ 25 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. مئي کان ڪرنسي جي قيمت مارڪيٽ طئي ڪري رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments