وزير اعظم اسد عمر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

وفاقي خزاني واري وزير اسد عمر پنهنجي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي  اعلان ڪيو آهي ته وزارتن ۾ ردوبدل دوران وزير اعظم مونکي توانائي واري وزارت ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر مان ان کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته وزير اعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي ڪندو. واضح رهي ته ملڪ جي معاشي حالت سبب خاص طور تي اسد عمرمٿان تنقيد ٿي رهي هئي. ان کان علاوه اسد عمر کي پنهنجي ڪابينا ۾ به شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. صورتحال ان حد تائين پهچي وئي جو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪابينا ۾ ردو بدل جون خبرون منظر  تي اچي ويون هيون. جڏهن ته اطلاعات واري وزير ان جي ترديد ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *